ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٻيو
خليل احمد کوسو (ٽنڊوالهيار)
واه وڏيرا تنهنجا ڪم،بجلي کائي روڊ رستا کائي وئيي
کائين ڏمر جا ڊم
واه وڏيرا تهنجا
ڪم
مٿيئين شاعري منهنجي ڳوٺ سومار دل ۾ ٿيل ايڪتا پروگرام خليل کوسي پڙهي ماڻهن جي منهن تي مرڪون آنديون.
خليل کوسو سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين شاعر آهي.
خليل کوسو قد جو پورو پنو
رنگ جو سانورو اڇي ڄاري واري ٽوپي مٿي تي ڪلهي تي ٽوال اڇي ڏاڙهي سنواري
هرڪنهن سان مرڪي ملندڙ هڪ بهترين انسان
آهي.
منهنجون خليل سان 2011ع کان ڪيتريون ڪچهريون ۽ ملاقاتون
مختلف ادبي پروگرام ۾ ٿينديون رهنديون آهن.
خليل کوسو سنڌي شاعري سٺي انداز ۾ بيان ڪندو آهي مزاحيه
شاعري پڙهڻ ت ڪير کائنس سکي.خليل جا سڀ نظم ڀلا پر ڪارونجهر دريا شاه جهڙا نظم
جڏهن خليل کوسو پڙهندو آهي ته لون لون ڪانڊرجي ٿو وڃي.
الله پاڪ سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر کي ڪامل صحت ۽ تندرستي عطا ڪري آمين
ماڻهو سڀ ن سهڻا پکي سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو