Saturday, 8 August 2026

ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٻيو

 


ڪتاب دوست مٺادلدار حصو ٻيو

حضرت مولانا اميرالدين مهر مرحوم ميرپورخاص   1.

ڏاهن جو قول آهي ت چگو انسان ڪڏهن ب ڪون مرندو آهي.هوپنهنجي زندگي ۾ جيڪا نيڪي ڪري ٿوانهي ڪري سندس نالو قيامت تائين زندا رهندو آهي هن دنيا ۾ڪيترائي ڀلا انسان ٿي گذريا آهن جن سموري زندگي پنهنجي قوم جي خدمت ڪندي گذري آهي اهڙن نيڪ انسانن ۾ منهنجو استاد مرحوم اميرالدين مهرب هڪ هو.

مون جي ڏٺا ماءٌ جن ڏٺو پرين کي

تنيين سندي ڪا ڪري ن سگهان ڳالهڙي

منهنجي استاد محترم اميرالدين سان پهرين ملاقات سال 2008 هدا مسجد ۾ ٿي.ان پاڻ غزالي اڪيڊمي ٺاهي هئي آئون ان وقت اسيٽرن پبلڪ اسڪول ۾ پڙهائيندو هئس شام جو روز استاد جي گهر غزالي اڪيڊمي جو ڪم ڪار ڪندا هئاسين استاد مونکي غزالي اڪيڊمي ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو اتان کان استاد منهنجي تربيت شروع ڪئي ڪالم مضون،ڪتاب ترجمو ڪرڻ لکئڻ پڙهڻ ،سکاريا ان جي وڌيڪ تربيت لا ڪرائڻ دعوا اڪيڊمي ڪراچي پو اسلام آباد،ڪوه مري۽ لاهور موڪليواستاد صاحب منهنجو پهريون ڪتاب اسلام ۾ عورتن جاحق ڇپرايو پوءوري خلاصا ترايح .ست فضيلتون ڇپرايا مون جهڙي انسان جي تربيت ان بزرگ شخص ڪئي رب پاڪ کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري آمين

اَڄ ن اوطاقن ۾ طالب تنوارين

آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين

جي جيءِ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا

                1

No comments:

Post a Comment

منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو