ڪتاب دوست مٺادلدار
ڀاڱو ٻيو
ارباب
نيڪ محمد نهڙي (عمرڪوٽ)
ڪڪر ڪوٽ برج پرين
سڄڻ سهريون ڪن
آئون مٿان
تن انڊلٺ ٿي
اڀران
ڪي ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن سان روح جا رشتا جڙي پوندا آهن اهڙو روح
گهريو اسان جو املهه ماڻڪ ارباب نيڪ محمد نهڙي آهي ارباب نيڪ محمد کي هتان جاماڻهو
پيار مان نيڪڻ به چوندا آهن.
منهنجي پهرين ملاقات ارباب نيڪ محمد سان راجه رستي تي ڊاڪٽر
اسد جمال پلي جي ڳوٺ ٿي هئي.ان کان پو منهنجون ڪيتريون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون
رهن ٿيون مختلف ادبي پروگرامن ۾ ،
ارباب نيڪ محمد قد جو ڊگهورنگ جو سانورواڇي خوبصورت ڏاڙهي
مٿي تي پڳ ٻڌل هر ماڻهو سان مرڪي ملڻو
جلڻو انسان آهي
اسان جي ڳوٺ جي مشهور مجذوب حاجي احمد علي مجذوب جي شخصيت سان سندن گهڻو پيار رهيو آهي انڪري
سندس پٽ محمد اقبال دل سان ملڻ لا وڏي اڪير مان اسان جي ڳوٺ ڪچهري ڪرڻ آيو ان
ڏينهن ڏاڍي ڀلي ڪچهري ٿ ۽ سٺي ڄاڻ پڻ ملي هئي
ارباب نيڪ محمد هڪ بهترين ڪالم نگار ۽ نثر نويس پڻ آهي.
رب پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي آمين
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو