ڪتاب دوست مٺا دلدار
ڀاڱو ٻيو
رياض حسين ميمڻ ( ميرپورخاص)
سڪ تنهنجي سپرين
جيئن تران تئين تار
تون ئي رهيو آهين
روح ۾ تون ئي اکين ٺار
پرين تنهنجي
پار مون کي واجهائيندي وره ٿيا
هفتيوار همدرد اخبار جي مالڪ حاجي محمود هالائي جو پٽ رياض حسين ميمڻ ادب شناس ادبي لڏي جو
پيارو پرين دوست آهي.
ان سان منهنجي پهرين ملاقات کيمچند لوهاڻي جي دڪان تي ٿي
هئي.
رياض حسين ميمڻ قد جو ڇوٽو رنگ جو پڪو سانورو نظر وارو چشمو پائيندڙ هر ڪنهن سان مرڪي ملندڙ تمام پيارو شخص آهي ،
ادب سان سلهاڙيل آهي سندس هڪ ڪتاب پڻ ڇپيل آهي
منهنجي ڪتابن جي ڪمپوزنگ اڪثر ڪري رياض ميمڻ وارن جي همدرد
پرينٽنگ پريس تان ٿيندي هئي .
الله پاڪ رياض کي ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي.آمين
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو