ڪتاب دوست مٺا دلدار _____________________ ڀاڱو ٻيو
استاد علي اڪبر پنهور
(شادي پلي)
هائي اسڪول جي پڙهائي وارو دور ڏاڍو ڀلو هوندو هو اهي ننڍپڻ
جا ڏينهن ۽ سانوڻ جا مينهن ڪنهن کي وسريا آهن جو مون کان وسرندا.
1996 پنجون ڪلاس
پاس ڪري مون هائي اسڪول شادي پلي ۾ داخل
ورتي اسان ڳوٺ سومار دل جا چوڏهن چوڪرا
روز اسان جي ڳوٺان پنج ڪلوميٽر پمڏ ڪري
شادي موڙ تان بس ۾ چڙهي شادي پلي هائي
اسڪول ايندا هئاسين انڪري صبح جي اسمبلي ۾ دير سان پهچڻ ڪري اسان جي نيرن روز
موچڙن سان ٿيندي هئي.
هائي اسڪول جا سڀ استاد نهايت شفيق پيار ڪندڙ هئا پر سائين
علي اڪبر جي ڏنل مار ۽ پيار ڪڏهن ڪون وسرندو
سائين علي اڪبر پڙهائي سان گڏ راند روند ۽ لکڻ پڙهڻ جي ٻين سرگرمين ۾ هميشه
حوصلاافزائي ڪندو هو
سائين علي اڪبر هائي اسڪول جو هڪ بهترين ۽ محنتي استاد ٿي
رهيو آهي.
الله پاڪ کيس ڪامل صحت
۽ تندرستي ڏي آمين
درسگاهن سان دل منهنجي ڪتب خانو منهنجو وطن
ڪتابن سان ٿيندس دفن ورق ٿيندا منهنجو ڪفن
.jpg)
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو