ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٻيو
غلام مصطفيٰ چانڊيو (دڙيلو)
مان موت سان منهن
آڏو ۾ مارجي وڃان پرين
ته سمجه منهنجي جيت
آ ۽ موت هڪ ريت آ
هي خوبصورت سٽون سرجيندڙاسان جي سنڌ جو ڀلوڙ شاعر غلام مصطفيٰ چانڊيو آهي جنهن سان منهنجي پهرين
ملاقات راجه رستي ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي ڳوٺ هڪ مشاعري ۾ ٿي.
دڙيلي جا چانڊيا سٺا شاعر آهن پر مصطفيٰ چانڊيو هڪ انقلابي
شاعر آهي منهنجون ڪيتريون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون
منهنجي ڳوٺ ايڪتا واري
واري پروگرام تمام بهترين نظم پڙهي
داد حاصل ڪيو.رب پاڪ ڪامل صحت ۽ تندرستي آمين
سندس هي نظم مونکي وڻندو آهي
فنا کانپو بقا اٿئي موت هڪ لقا اٿئي زندگي فلسفي جي آخري
ادا اٿئي
مان صليب تي پڪارجي وڃان ته سمجه منهنجي جيت آ موت هڪ ريت آ
وطن جي ڪن وڻن اندر،مٽي جي ڪن ڪڻن اندر
گسي ڇڏيو هجان گهٽا ڏيئي ڪن گهرن اندر
اتي به اوهان کان وسارجي وڃان ت سمجه منهنجي جيت آ
مان حق جي صدا آهيان مان موج مصطفيٰ آهيان
اي دشمنو ٻڌي ڇڏيو مان ديس جي هڪ دعا آهيان
وڙهي وطن جي جنگ ۾ وارجي وڃان پرين
ته سجه منهنجي جيت آ موت هڪ ريت آ
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو