Wednesday, 26 August 2026

 

     ڪتاب دوست مٺادلدار                                                                               حصو ٻيو

نياز محمد  ڀنڀرو                                      2

ڪي ڪي دوست اهڙا ب هوندا آهن جن سان روح جا رشتا هوندا آهن اهڙو پرين پيارو دوست نياز محمد ڀنڀرو ب آهي نياز محمد ڀنڀرو قد جوپورو پنو رنگ جو پڪو سانورو هر ڪنهن سان مرڪي ملندڙ پيشي جي لحاظ کان هاء اسڪول شادي پلي جو استاد آهي پاڻ هڪ مخلص ۽ بهترين انسان آهي سندن ڳوٺ محمد عمر ڀنڀرو اسان جي ڳوٺ جي هيٺئين پاسي آهي ان ڪري ان سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿينديون رهيون آهن پر هڪ اهڙو واقعوجيڪو مون کان ڪڏهن ڪون وسرندو  آڪٽومبر سال 2025 جي ڳالهه آهي مون سورهون ميل واري پوليس چوڪي تي پنهنجن مائٽن سان گڏ مزدوري جو ڪم پئي ڪيو صبح جو پهر هو آئون سرن جو ريڙهو ڀري پئي آيس ت هڪ گاڏي هارون ڏي مون سڏ ڪيو سائين يوسف هيڏانهن اچو بس الئ ڇو شرمساري پئي ٿي پر مون ڏسي هن چيو توهان اسان لا ساڳيا يوسف آهيوڀلي ڪهڙي حال ۾ هجو توهان رزق حلال ڪمائي رهيا آهيو هتي ڪنڌ هيٺ ن پر ڪنڌ مٿي ڪري هلو بس سندن لفظن منهنجي سڄي انا ختم ڪري ڇڏي  ڇو  آئون پنهنجي پاڻ کي شايد ان ڪري گهٽ سمجهي رهيو هيئس ت   آئون ايم اي ايم فل پاس  مختلف جاين تي نوڪريون ڪرڻ وارو شخص اڄ مزدوري پيو ڪري،

ان ڏينهن ئي شام جو دعا هوٽل تي سائين خادم پلي،عبدالمجيد ڀنڀرو۽نياز محمد آيا ٽنهي گڏجي مون کي چيو يوسف توهان ڪالهه اسان جا دوست هئا ۽ اج ب آهيو دوست اهو ڪهڙو جيڪو دوست ڪي ميرن ڪپڙن ۽ مزدوري ڪندو ڏسي منهن ڦيري ڇڏي اهو سٺودوست ڪڏهن نٿو ٿئي سگهي

اهڙا پيارا ۽ محبت ڪندڙ دوست مون ناچيز لاء باعث فخر آهن.

اهڙا  دوست  ئي منهنجي  لا  انمول    آهن

کليا   هوندا    سدا   هن  دل   جا   دروازا

ٻ لڙڪ آلا ب هوندا متان چوين آجيان ن ٿيندي

2

No comments:

Post a Comment

منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو