Wednesday, 26 August 2026

 

ڪتاب دوست مٺادلدار                                                                                 حصو ٻيو

                                         خادم علي پلي           ڳوٺ  فقير محمد پلي              

هلو هلو ڪورئين نازڪ جنهين نيهن

ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مورن سکيا

خادم علي پلي  سان هاءَ اسڪول شادي پلي واري دور کان نيازمندي ۽ ڀائپي وارو رشتو آهي خادم پلي  قد جو پورو پنو  بت ۾ ڀريل رنگ جو پڪو سانورو  هرڪنهن سان مرڪي ملندڙ علم و ادب سان دلچسپي رکندڙ سٺو ليکڪ ۽ شاعر آهي سندس ڳوٺ فقير محمد پلي آهي  انڪري منهنجون ساڻس قرب ڀريون ڪچهريون ۽روح واريون رهاڻيون ٿينديون رهيون آهن شادي پلي جي تاريخ  ڪتاب ۾ پاڻ تمام گهڻي مدد ڪئي                                                                                                                     

خادم علي پلي سٺو ليکڪ آهي اڄ ڪلهه فسيبڪ تي پاڻ  تمام سٺولکي رهيو آهي شاعري ب سٺي ڪري ٿو هتي سندس شاعري مان ڪجهه سٽون هي آهي

نظم؛ـ

ڳلن ۽ چپن کي لڪائڻ ۾ ڇا، ڪا ڪُل چڳن کي ڇپائڻ ۾ ڇا

هن اياڻين کان اک  منهنجي ڍاپي نه ٿي ، دِشا ٻيءَ کي هيءُ ڇاپي نه ٿي،

تنهنجي اکڙين ۾ آهي الائي ڇا اثر،

 جيان ٿيون ملن تن کي آهن چڪر

مڃين عرض جي ڪيان هڪ سڄڻ،

هڪ ڏينهن اچ تون منهنجي اڳڻ

منهنجي گهر جو صحن آهي ڍڪيل،

 ڪڏهن چنڊ هن جو ناهي ڏٺل

منهنجي گهر ڏکن جا پهرا اٿئي،

 نڪي گيت لاڏا نه سهرا اٿئي

سڄو سال ٿي هُت ترسي خزان ،

 جي تون اچين ته ٿئي گلستان

اکين ۾ اکيون ڏيئي گذاريون صديون ،

 

 

No comments:

Post a Comment

منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو