Monday, 10 August 2026

 


     ڪتاب دوست مٺادلدار                                                                                      ڀاڱو ٻيو

                                  محمد موسيٰ ڀٽو (حيدرآباد)

سال2010ع ۾ آئون ۾ جينئن ئي تصنيف ۽ تاليف وارو ڪورس لاهور مان مڪمل واپس پهتس ته  اميرالدين مهر صاحب مونکي غزالي ايڪيڊمي جي ڪم سان حيدرآباد روانو ڪيو  اهو ڪمپوزنگ جو ڪم لطيف آبادنمبر 4 سنڌ نشنل ٽرسٽ۽ بيداري رسالي جي آفيس مان ڪرائڻو هو. آئون جڏهن بيداري رسالي جي آفيس ۾ پهتس ته منهنجي پهرين ملاقات محمد موسيٰ ڀٽي سان ٿي .

محمد موسيٰ ڀٽو پورو پنو رنگ جو پڪوسانورو اڇي خوبصورت ڏاڙهي مٿي تي ٽوپي ملڻ جلڻ ۽ ڳالهائڻ  بهترين شخص پئي لڳو .

مون کي آفيس ۾ سڏي ذڪر ڏئي مراقبو ڪرايائين.ان روحاني بزرگ سان منهنجون ڪيتريون ئي ملاقتون سندس آفيس ۾ ٿينديون  رهيون آهن

منهنجو پهريون ڪتاب ب اتان ڪمپوز ڪرايو.

مشھور مذهبي عالم ۽ اديب حافظ محمد موسيٰ ڀٽو،  آگسٽ 1951ع ۾ جندي ديري،ضلعي شڪارپور ۾ محمد عيسيٰ ڀٽو جي گهر ۾ ڄائو. هيءُ حافظ قرآن هئڻ سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو.  شروع ۾ صحافت سان لاڳاپيل ھو ۽ ھفتيوار تڪبير ۽ جسارت سان لاڳاپو ھيس ۽ اردوءَ جو سٺو ڪالم نگار ھو. پاڻ  ’باب الاسلام پبليڪيشن حيدرآباد‘ جو صدر رهي چڪو آهي ۽ هن وقت ’سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ‘ جو باني ۽ نگران آهي. ان کان سواءِ سندس ادارت ۾ ماهوار ’بيداري‘ رسالو هڪ وڏي عرصي کان نڪرندو رهي ٿو، جنهن ۾ هُو پنهنجي مسلڪ جو فڪري پرچار ڪندو رهي ٿو.
حافظ صاحب جو گھڻو ڪم سنڌي ٻوليَ ۾ ٿيل آھي. پاڻ سنڌي توڻي ٻين زبانن ۾ جملي 200 ڪتاب لکيا آھن.

ڌڻي در دعا آهي ت پاڻ هميشه خوش رهي.

آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾

پسي پير پنهون جا نئين سر نيڻ ٺريام

گوندر وسريام سکون شاخون مڪيون.

                                                                  

 

No comments:

Post a Comment

منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو