Wednesday, 23 September 2026

 ڪتاب دوست مٺا دلدار.....................................ڀاڱو ٽيون

محمد خان مري سروري (ڦهلڏيون)
اي گت نه گواسن جي سمنڊ سوجهيائون
پئي منجهه پاتال ماڻڪ ميڙيائون
آڻي ڏنائون هيرو لعل هٿن سين
اسان جي سنڌ جي ڌرتي ڪيترن املهه ماڻڪ ماڻهن کي جنم ڏنو آهي اهڙو ئي املهه ماڻڪ اسان جو پيارو دوست محمد خان مري آهي جيڪو هڪ بهترين ليکڪ لّطيفيات جوڄاڻو آهي
منهنجي محمد خان مري سان پهرين ملاقات راجه رستي تي ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي ڳوٺ ٿئي هئي ان کان پو منهنجون ڪيتريون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون
منهنجي ڪتاب شادي پلي جي تاريخ لا ٻه مضمون شادي پلي جو مري خاندان ۽ ڇورا خاندان پاڻ لکي ڏنائون.
بلوچ رنگ رسالو به پاڻ ڪڍندا آهن.لطيفيات جي حوالي فيسبڪ جي روز لکندا رهن ٿا..
ڌڻي در دعا آهي ته هو هميشه خوش ۽ آباد هجي آمين
ڳوليان ڳوليان م ملان هوت
من اندر لوچ ملڻ سان ماٺي ٿئي

 ڪتاب دوست مٺا دلدار.........................ڀاڱو ٽيون

عطا محمد چانهيون (کپرو)
پڇن سي پسن جڏهن تڏهن پرين کي
ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا
عطا محمد چانهين سان منهنجي ڳوٺ سومار دل ۾ رضا دل جي اوطاق تي ٿي جتي هو رضا دل تي ولاگ ٺاهڻ لا آيو هو مون کي منهنجو ڪتاب ڪتاب ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي ڏنو
عطا سنڌ جو اهو سيلاني ۽ لطيف جي جو ڄاڻو آهي جيڪو اسان کي پنهنجي لطيف جي بيتن جي ٻولي انهن جي معنيٰ ۽ پس منظر سمجهائي ٿو.
عطا محمد جو ٺاهيل ميوزم اسان کي پنهنجي ماضي جي تاريخ ظاهر ڪري انهي جو ذوق ۽ شوق پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ آهي.
الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

 ڪتاب دوست مٺا دلدار............................................ڀاڱوٽيون

عبدالفريد ڪنڀار طاهري (عمرڪوٽ)
انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آبادي جي اداري دعويٰ ايڪڊمي جي استادن جي تربيت وارو پروگرام سال 2010ع ۾ دعويٰ ايڪڊمي ريجنل سينٽر احسن آباد گلش معمار ۾ ٿيو جنهن پوري سنڌ مان استاد انهي تربيت واري پروگرام ۾ شريڪ ٿيا آئون به ان پروگرام ۾ هئس منهنجي عبداالفريد ڪنڀار سان پهرين ملاقات اتي ٿي ان کان پو وري عطا محمد گهانگهري سان گڏ سندس ڳوٺ وهرو ۾ ٿي جتي اسان کي پاڻ مومل جي ماڙي ۽ ميون جان محمد جي درگاهه جي ذيارت ڪرائي ..
ان کان پو منهنجون ساڻس ڪيتريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن الله پاڪ کيس ترقي ڏي آمين

 ڪتاب دوست مٺا دلدار ............................ڀاڱو ٽيون

عطا محمد گهانگهرو (راڻي پور)
زباني پنهنجي اڃا ساڳي آ متان تون سمجهين ٺري وئي آ
دل اڃا چنچل آهي متان تو
سمجهين مري ويئي آ
عطا محمد گهانگهري سان منهنجي پهرين ملاقات سال 2010ع گلشن معمار دعويٰ ايڪڊمي ريجنل سينٽر ۾ استادن جي تربيت واري پروگرام ۾ ٿئي .دعويٰ ايڪڊمي جي طرفان اسان کي ڪراچي جي گهمڻ وارين جاين تي پڻ دورا ڪرايا ويا مهتا پليس تي جڏهن دوري لا پهتاسين ته اتي ان وقت جي ثقافتي وزير ميڊم شازيه عطا مري ويٺي هئي سڀني دوستن صلاح ڪري چيو اڄ پاڻ کي ان سان گڏ تصوير ڪڍرائڻي آهي اهو ڪم لا عطا ۽ آئون ڪرڻ وياسين پر پٽيوالو اسان کي اندر نه پئي وڃڻ ڏنو پاڻ شيشي واري در مان ميڊم سڀ ڏٺو پئي پو پٽيوالي کي گهرائي ڇنڊ پٽائين ۽ اسان کي پنهنجي آفيس ۾ ويٺي ويئي اسان کان احوال ورتائين اسان چيو ميڊم اسين سنڌ جي مختلف ضلعن مان آيل استاد آهيون اسان جي دوستن جي خواهش ته اوهان سان گڏ تصوير ڪڍرايون پاڻ هڪ دم اسان سان گڏ آئي ۽ تصوير ڪڍرائي. ان کان پو پاڻ مون گهمڻ پڻ آيا هئا ان سان ڪيتريون ڪچهريون ٿنديون رهن ٿيون پاڻ پيشي جي لحاظ هاءِ اسڪول جا استاد آهن الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

 ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٽيون

گلاب احمد بلوچ (تربت)
پاڻهي ايندم هوت آئون به ڪجهه اڳڀري ٿيان
متان چئي بلوچ ڪميڻي مان ڪين ٿيو
گلاب احمد بلوچ سان منهنجي پهرين ملاقات منصوره لاهور ۾ ٿي جتي هو به تصنيف ۽ تاليف وارو ڪورس ڪرڻ لا آيو هو.اهو ڪورس اداري معارف اسلامي جي طرفان منصوره لاهور ۾ ڪرايو ويو ۽ آخر ۾ مقالا لکائي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا .
ان ڪورس ۾ اسين ٽوٽل چئني صوبن مان 12 ڄڻا هئاسين سنڌ مان صرف هڪ آئون هئس.
گلاب احمد اردو جو ليڪچرار ۽ سٺو ليکڪ پڻ آهي
ٻيو ڀيرو اسان جي ملاقات اسلام آباد دعويٰ جي ليکڪن واري پروگرام فيصل مسجد ۾ آهي
ٽيون ڀيرو اسان جي ملاقات 2013ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي جتي هو به ايم فل ڪري رهيو هو ۽ منهنجي ايم فل جي داخلا هئي جيڪو منهنجو خواب هو ته اتان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري پنهنجي ٻولي ۽ تحقيقون ڪري ڪتاب لکندا پر افسوس هن غربت جي سبب منهنجو اهوليڪچرار ٿيڻ وارو خواب ساڀيا نه ماڻي سگهيو پر پوبه همٿ نه هاري اٿم لکڻ پڙهڻ جو ڪم نه ڇڏيو اٿم.
گلاب سان هاڻي ڪڏهن ڪڏهن فون تي ڳالهه ٿيندي آهي الله پاڪ کيس صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

 ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٽيون

عبدالڪريم دل (بدين)
ايء گت غواصن جيئن سمنڊ سوجھيائون
پئي منجھ پاتال ماڻڪ ميڙيائون
آڻي ڏنائون ھيرو لعل ھٿن سين۔۔۔شاھ
لاڙ پٽ جو شھر بدين ھڪ وڏي تاريخ رکي ٿو
محمد زمان لنواري وارو حاجي احمد ملاح محمد سومار شيخ سانوڻ فقير سرويچ سجاولي کان سواء ڪيترا ئي ناميارا انسان ھتي ٿي گذريا آھن۔
اھڙن ئي املھ ماڻڪ انسانن ۾ عبدالڪريم دل جو به شمار ٿئي ٿو۔
عبالڪريم دل جو جنم ڳوٺ احمد ڪاٺائي ۾ فقير محمد رمضان دل جي گھر ۾ 24 اپريل 1959ع تي ٿيو۔عبدالڪريم دل پنھنجي ننڍپڻ ۾ ھم عمر ٻارن سان رانديون ڪندي پوپٽ ڀنڀورين پويان ڊوڙندي ۽ مٽي جا گھر ٺاھيندي گذاريا۔
ٺاھيا واري تي گھرڙا
منھنجا ننڍپڻ وارا ڏينھڙا
رب ڪري موٽي اچن۔۔۔
عبدالڪريم دل پنھنجي شروعاتي تعليم گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عبدالله خان ڀرڳڙي مان حاصل ڪئي۔
ڇھين ڪلاس ۾ ھاء اسڪول نندي شھر ۾ داخلا ورتائين جتان ستون ڪلاس پاس ڪري پوء اٺين ڪلاس ۾ خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپر ھاء اسڪول ٽنڊو باگو ۾ داخلا ورتي ۽ اتان ئي ميٽرڪ ڪري گورنمينٽ اسلاميه ڊگري ڪاليج بدين مان انٽرميڊئٽ جي تعليم پوري ڪئي ۽ بعد ۾ ايم اي ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي۔
تعليم پوري ڪرڻ کان پوء پاڻ لوڪل گورنمينٽ ۾ سرڪاري ملازمت پڻ ڪئي ڊاڪٽري جو شوق ھئڻ ڪري ماڻھو کيس ڊاڪٽر عبدالڪريم پڻ سڏين ٿا۔
پاڻ ھن وقت ھاء ڪورٽ جا سينئر وڪيل آھن عبدالڪريم يارن جو يار ۽ ھڪ سچو ۽ ايماندار انسان آھي۔سندس عملي زندگي ۾ خوش اخلاقي ارادي جي پختگي ھمدردي حساسيت محبت ۽ ٻيا اھڙا بيشمار گڻ سمايل آھن جنھن جي ڪري سندس شخصيت باوقار ۽ باڪردار آھي پاڻ حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪرڻ وارن مان آھن سدائين باطل قوتن سان ٽڪراء ۾ رھيا آھن ۽ ھميشه سوڀارا ٿيا آھن پاڻ ھڪ سوشل انسان آھن ۽ ڪيترائي عام ڀلائي جا ڪم ڪيا اٿن ان مان اھم ڪم سندس ڳوٺ احمد ڪاٺائي ۾ 1985ع ۾ سندس نالي سان ھلندڙ اسڪول ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آھي۔
پاڻ علم جا گوھر ۽ عاشق آھن ھر وقت سندس ڪمري جي چئني پاسن کان ڪتاب پکڙيا پيا ھوندا آھن سندس مطالعو تمام وسيع آھي جنھن ڪري پاڻ قانون ادب تاريخ تي وڏي دسترس رکن ٿا ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته پاڻ ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ ڄاڻ جو انساني انسائڪلو پيڊيا آھن۔
پاڻ زنده دل خوش مزاج سنجيده باشعور علم ۽ فھم فقيراڻي طبيعت جا مالڪ آھن ادب دوست ۽ سٺا نثر توڙي نظم لکندڙ آھن سندس لکڻين کي وڏي جائي ملي آھي پاڻ نثر ۾ مضمون مقالا ۽ ڪالم مختلف اخبارن ھلال پاڪستان تعمير سنڌ سوڀ ۽ آفتاب ۾ پڻ لکيو اٿن ان کان سواء پاڻ شاعري به ڪئي اٿن وقت جي حالتن ۽ واقعن تي سندس شاعري جا عنوان رھيا آھن جيئن پاڻ 20 مئي 1999ع آيل بيرحم سامونڊي طوفان تي ھن طرح لکيو آھي ته
اي دودا تنھنجي دارا ۾
ويرين ھيڏا وير ڪيا
ٻارنھن سئو منھنجي ٻاٻاڻن جا
انگ اگھاڙا لاش لڙھيا
سن 2000ع ۾ ٿر ۾ ٻارن ۾ آيل وائرس جي موتمار بيماري سندس وجود کي صفا جھجھڙي ڇڏيو ۽ سندس اندر جو آواز شاعري بڻجي ڪجھ ھن ريت نڪتو
وڏيرا رئيس موچارا رڳو آھن عياشين ۾
منھنجا مسڪين ماروئڙا اڃا تائين عذابن ۾
نڪو ڪو اين جي اوز ڪو پھتو
نڪو کاڌو نڪو پيتو
نڪو ڪو ارباب ھلي آيو
پڇڻ منھنجي پنھوارن کان
ٻانھياريون روز ٿيون ٻڙڪن
ڏسيو معصوم ٿيون ٿڙڪن
سوين معصوم ٿا مرن
روز وائرس جي بيماري ۾
وڏيرا رئيس موچارا رڳو آھن عياشين ۾
عبدالڪريم دل پنھنجي سموري زندگي حق ۽ سچ ڳالھائيندي مظلوم جو آواز بڻجي اڀريو ان ڪري ھي بدين جي ماڻھن جو مسيحا پڻ آھي عبدالڪريم دل کي اولاد ۾ پنج پٽ ۽ ٽي نياڻيون آھن جن مان ٻه نياڻيون لاء گريجويٽ ۽ ھڪ نياڻي ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي آھي ھڪ پٽ عابد جنھن پڻ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪئي آھي ۽ استاد جي پيشي سان وابسته آھي ٻيو پٽ علي گوھر اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ B.E آھي باقي پٽ پنھنجي پنھنجي ڪم ڪارين سان وابسته آھن۔
دعا آھي ته اھڙا املھ ماڻھو ھن سنسار جي سدائين سونھن وڌائيندا رھن جن جي علم ۽ فھم سان ڌرتي واسين کي سدائين فيض ملندو رھي۔
ماڻھو سڀ نه سھڻا پکي سڀ نه ھنجھ
ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھ اچي بوء بھار جي

 ڪتاب دوست مٺا دلدار.................................................................ڀاڱو ٽيون:

سڄڻ ڀيل (رفيق آباد لڳ شادي پلي موڙ)
ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا ٻارڻ جنين ٻوهه واري ٿر ديس جي مٽي مان جنم وٺندڙ سڄڻ ڀيل ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس سڃاڻپ الغوزي جو مڌُر آواز آهي . سڄڻ ڀيل 1970ع ۾ عڳٺ ساڪريو ڀيل ۾ پيدا ٿيو. جڏهن ته سڄڻ ڀيل جو جنم ٿر ۾ واري ديس تي ٿيو، جنهن ٿر وارن جو گذران مينهن ۽ مال تي آهي. جڏهن ٿر ۾ مينهن وسائيندا، گاهه ڦٽندا ته ڀِٽون سايون ٿينديون آهن انهن تي انيڪ قسم جا گاهه ڦٽندا آهن. تڏهن ٿر جا ماڻهو پنهنجي ٻنين مان گڏ (ليڏاڻ9 ڪڍندي همرچا ڳائيندا آهن. ڌراڙ وري ولر ڪاهيو گيت ڳائيندا آهن. سڄڻ به جڏهن ٻڪريون چاري پنهنجي استاد سکيو ڀيل کان ڀِٽ تي ويهي الغوزي جي سِکيا وٺندو هو ته انهن سُر جي الاپن سان سندس رڳ رڳ ٺري پوندي هئي. سڄڻ ڀيل جڏهن سڀ ڌُنون سکي ورتيون ته پوءِ ٿر ۾ پوندڙ ڏڪار کيس ڏيهه ۾ رهڻ نه ڏنو ۽ مزدوري خاطر اچي پاڻ شادي پلي موڙ جي ڀرسان هاڻوڪي ڳوٺ رفيق آباد ۾ رهي ٿو. سڄڻ هتي اچي پنهنجو شوق نه ڇڏيو ۽ پنهنجي برادري جي شادي مرادين ۾ وڃي الغوزي جا آلاپ آلاپيندو هو. منهنجي سگهڙ فقير محمود دل سڄڻ جي جوڙي ٺهندي هئي، مرحوم محمود فقير بيت ڏيندو هو ته سُر الغوزي تي سڄڻ آلاپيندو هو. پوءِ 2010ع ۾ منهنجو ڪتاب ”ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي“ ڇپيو ته ان کي چاچي تاج هاليپوٽو ايف ـ ايم 98 تي ڪچهري پروگرام م شرڪت جي دعوت موڪلي جنهن پروگرام ۾ آئون، چاچا محمود ۽ سڄڻ ڀيل اُتي وياسين. جتي وري چاچي محمود محفل مچائي ۽ انهي پروگرام کانپوءِ سڄڻ ڀيل جهرجهنگ مشهور ٿيو. 2013ع ۾ وري ايف ـ ايم 88 تي ڪچهري پروگرام ۾ يوسف دل، محمد حسين سولنگي ۽ شير محمد جروار شروع ڪيو ته ان ۾ وري سڄڻ ڀيل کي متعارف ڪرايو ويو. اهڙي طرح سڄڻ ڀيل هاڻي ثقافتي پروگرام، ريڊيو ۽ ٽي ـ وي تي پڻ پيش ٿئي ٿو. ڌڻي در دعا آهي ته سڄڻ اڃا وڌيڪ پنهنجي فن ۾ اڳڀرو ٿئ

 ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٽيون

شهزاد افضل (آزاد ڪشمير)
شهزاد افضل سان منهنجي پهرين ملاقات منصور لاهور ۾ ٿي هئي جتي هو به تصنيف ۽ تاليف وارو ڪورس ڪرڻ آيو هو ان وقت هو انٽر نيشنل يونيورسٽي اسلام آباد ۾ اي فل ڪري رهيو هو. اسان گڏ منصوره لاهور ۾ ٽي مهينا گذاريا خوب ڪچهريون ڪيوسين انکان پو هاڻي ڪڏهن ڪڏهن فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي
الله پاڪ کيس صحت۽ تندرستي ڏي آمين

 ڪتاب دوست مٺا دلدار ..............................ڀاڱو ٺيون

مجاهد چنا (ڪراچي)
ويھُ مَ وِساري، پُڇا ڪَرِ مَ پَنڌَ جِي٬
نِرِمَلُ نِھاري، ھلَندِنِ تان ھٿِ ڪيو.
مجاهد چنا سان منهنجي پهرين ملاقات قبا آڊيٽوريم وينجهار رسالي جي آفيس ۾ ڪراچي ۾ ٿي . ڪجهه وقت آئون ماهوار وينجهار رسالي ۾ مضمون لکندو هئس ان ۾ ۾ ڪيترائي مضمون لکيا .
الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمي

Friday, 18 September 2026

 ڪتاب دوست مٺا دلدار         ڀاڱو تيون           

 حضرت  مولانا نور محمد ڀنڀرو (ڳوٺ محمد عمر ڀنڀرو)

 

      حضرت مولانا نور محمد ڀنڀرو جو جنم عبدالوهاب قراني جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ هر وقت مدرسه قرانيه جا منتظم آهن. پاڻ اعليٰ پائي جي عالم هئڻ سان گڏ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن تي وڏي مهارت رکن ٿا  علم تدريس کانسواءِ پاڻ حڪمت، تاريخ تي وڏي ڄاڻ رکن ٿا، سندن 5 ڪتاب اڻ ڇپيل آهن مگر ڪمپوز ٿيل آهن، کين ڪمپيوٽر وارو ڪوڊ وسرڻ ڪري اهي ڪتاب اڃا ڇپجي نه سگهيا آهن پاڻ سٺي شاعري به ڪن ٿا، سندس شعر و شاعري به بهترين آهي، هن وقت پاڻ جميعت علماءِ اسلام عمرڪوٽ جا ضلعي امير پڻ آهن. الله تعاليٰ سائين کي وڏي عمر ڏي . آمين

  

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار....................................ڀاڱوٽيون

                             عبدالرزاق نهڙي ( ڳوٺ بادل نعهڙي)

                         هلو هلر ڪور.ئين نازڪ جنهين نيهن

                         ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا

الله تعاليٰ هر انسان کي ڪيترن ئي صلاحيتن سان نوازيو آهي ڪي انسان پنهنجون صلاحيتون استعال ڪري پنهنجي ڪردار کي هميشه لا سنواري ڇڏيندا آهن اهڙو .ئي اسان جو دوست عبد الرزاق نهڙي آهي جنهن پنهنجي صلاحتن جو استعال ڪري پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارتي محنت ڪري پنهنجي اسڪول ۾ ٿيندڙ سرگرمين کي فيسبڪ ذريعي ڏيکاري اسڪول کي ماڊل اسڪول ڪرايو وري علائقي جي هر مڪتب فڪر جي دوستن کي مڃا ايوارڊ ڏي ثابت ڪيو ته( اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي متان سمجهين مئا مور سارا)

مونکي به اهو مڃتا ايوارڊ ميلو آهي نه ته هتي ڪير ڪنهن کي ڪو سڃاڻي ئي ڪونه.

هن عبدارزاق  محنت ڪري پرائمري استاد  مان سبجيڪٽ اسپيشلٽ ٿيو آهي .

منهنجي عبدرزاق سان پهرين ملاقات سندس ڳوٺ بادل نهڙي ۾ ٿي ان کان پو ان سان                        ڪيتريون ڪچهريون به ٿيل آهن

الله کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمين

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار............................................ڀاڱوٽيون

عبدالفريد ڪنڀار     (عمرڪوٽ)

انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آبادي جي اداري دعويٰ ايڪڊمي جي استادن جي تربيت وارو پروگرام سال 2010ع ۾ دعويٰ ايڪڊمي ريجنل سينٽر احسن آباد گلش معمار ۾ ٿيو جنهن پوري سنڌ مان استاد انهي تربيت واري پروگرام ۾ شريڪ ٿيا آئون به ان پروگرام ۾ هئس منهنجي عبداالفريد ڪنڀار سان پهرين ملاقات اتي ٿي ان کان پو وري عطا محمد گهانگهري سان گڏ سندس ڳوٺ وهرو ۾ ٿي جتي اسان کي پاڻ مومل جي ماڙي ۽ ميون جان محمد جي درگاهه جي ذيارت ڪرائي ..

ان کان پو منهنجون ساڻس ڪيتريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن الله پاڪ کيس ترقي ڏي آمين

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار....................................ڀاڱوٽيون

                              عباس علي جدگال ( ڳوٺ دار پلي)

                                        ڏکي ڏک ن وسري ،سکي وسري سڀ

                                           سوئي ڄڻ لڀ ،جو ڏک ۾ ڏڍ ٿئي

زندگي جي هن طويل سفر واتارجي ته وڌا نه ٿيندو ڪجهه جيون جهول خوشيون ته ڪڏهن دردن  سان منهن آڏو اٽڪائڻو ٿو پوي .

زندگي جي سفر ڪئين دوست ملن ٿا ڪي وڇڙيو وڃن ڪي وسريو وڃن ته وري ڪين دل ۾ رهجو وڃن

اهڙو پرين پيارو دوست عباس علي پڻ آهي جنهن پهرين ملاقات منهنجي ڳوٺ ٿي هيئي جٽي هو ۽ فتح بلوچ منهنجو لکيل شاديپلي جي تاريخ ڪتاب   ڏنو

ان کان پو منهنجون ان سان ڪيتريون ڪچهريون سندس شادي پلي واري دڪان ته ٿينديون رهيون آهن

ڪجهه پهرين کيس پي پي ايڇ  ۾ نيوٽريشن اسسٽنٽ جي نوڪري ملي اٿس ويراهه واهه ٿرپاڪر ۾،

فطرت جي نظارن  جو عاشق منهنجو دوست  هر ڪنهن مرڪي ملي ٿو

                          آلله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

لوڪ مڙيوئي وسري شال م وسري تون

مطلب اهو مون پانئون پري نه ٿئي

 

              ڪتاب دوست مٺا دلدار          ڀاڱو ٽيون

                    انجنيئر بلاول ڪنڀار (لشڪر شاهه)

هن زندگي جي سفر ۾ ڪيترا دوست ملن ٿا ڪي وسريو وڃن ته ڪي وڇڙو وڃن ته ڪي دل اندر وسيو وڃن اهڙو من گهريو هر ڏکي سکي وقت ۾ ياد ڪرڻ وارو پيارو پرين دوست بلاول ڪنڀار آهي

هتي دنيا جو اهو دستور آهي ته اڄ عزت ۽ سڃاڻپ جو صرف پئسي گاڏي ۽ عهدي جي آهي

پر هن دوست ۾ اها ڳالهه ڪانهي ڪا  هيڏي وڏي عهدي پهچڻ کان پو هو يارن کان ڪيڏهن منهن ناهي موڙيندو .

ها مون ياد آهي جڏهن آئون سلامت لاکي جي گهر جي سامهون مامي يوسف لغاري واري بنگلي ۾ رهندو هئي ۽ بلال روز سائين عبيد جمال جي اسڪول بسم الله ايجوڪيشنل ايڪڊمي مان پڙهائي پو اچي هتي ٽيوشن وٺندو هو ڪجهه عرصو مون به ان اسڪول ۾ پڙهايو هو  ۽ بلاول مونسان روم ويٽ به رهيو آهي منهنجو ساڻس ڪيتيريون ڪچهريون ڪيل آهن  هاڻي صرف فون تي ڳاله ه ٻولهه ٿيندي آهي

هڪ سال پهرين سيف جي اسڪول کولڻ مون پرپوزل تيار ڪيو پر هيشه جيئن هتي منهنجي غربت مون کي اڳتي وڌئڻ کان روڪيو پئي پر هن دوست جي مدد سان اهو اسڪول لا اپلائي ته ڪيم پر اسڪول ڪونه مليو بيس پوءٌ اڃا همت نه هاري  اٿم جي الله چاهيو منهنجو هي شادي پلي موڙ تي شروع ڪيل ٽيوشن سينٽر هڪ ڏينهن ضرور هڪ اسڪول ٿيندو

بلاول مهراڻ يونيورسٽي مان انجنيرنگ پاس ڪري ڪيمشن پاس ڪري پوليس کاتي ۾ وڏو آفيسر آهي الله پاڪ کيس ترقي ڏي آمين

                                           يار سڏائي سڀڪو جاني زباني

                                           آهي آساني ڪم پئي ته ڪل پئي

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار                            ڀاڱو ٽيون

               صوفي آفتاب سميجو ( اڪليون ٿر)

            صوفي صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو

                          تنهن پو ٿيو پسڻ پرين جو

ٿر ٿوهر گهر  جهوپڙا  جي ديس جو رهندڙ پيارو دوست صوفي  آفتاب سميجو جو اباڻو ڳوٺ اڪليون ٿر آهي

2018 کان2020 تائين مون اين آر ايس پي جي ايم اي دي پي پروگرام مون مختلف  شهرن ۾ نوڪري ڪرڻ دوران ڪوٽ غلام محمد ۾ منهنجي ملاقات صوفي سان ٿئي هئي

اتي صوفي سرسو ۾ نوڪري ڪندو هو اسان جي رهائش ۽ کائن پيئڻ به گڏ هوندو هو  انڪري صوفي سان ڪيتريون رهاڻيون ٿينديون هيون صوفي فيس بڪ جو شوقين آهي اسِين کيس فيبڪ آپريٽر ڪري سڏيندا هئاسين.

رب پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

 

                                            ڏکي ڏک ن وسري ،سکي وسري سڀ

                                           سوئي ڄڻ لڀ ،جو ڏک ۾ ڏڍ ٿئي

 

Friday, 11 September 2026

 

               ڪتاب دوست مٺا دلدار......................ڀاڱو ٽيون

                         استاد عبدالله رند ( شادي پلي)

                             سڙي جي ٻين کي سائو  ڏين ٿا

                               لکين گهور تن تان پنگا ٿين ٿا

چوڻي آهي ته جئي هر ڪو پنهنجي لا ءِ پر امر آهي اهو انسان،جيڪوٻين ڪاڻ جيئي اهڙا اعليٰ انسان جن پنهنجي حياتي انساني خدمت کي ارپي ڇڏي سي تمام ٿورا هوندا آهن،ڌرتي جي گولي تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو ته اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ملندا جن پنهنجي زندگي اهڙن ڪمن کي ارپي ڇڏي اهڙا نام ڪٺيا فقيري طبعيت جا مالڪ جن وٽ انسانيت اهم آهي اهڙن ڪجهه نالن  ۾ عبدالله رند جو به نالو اچي ٿو.

         .       جڳي ڀرڳڙي جي رندن ۾ حاجي حسين بخش رند ناميارو انسان ٿي گذريو آهي   عبدالله رند  حاجي حسين بخش رند جي گهر ۾ 03_02_1948ع تي جنم ٿيو .ابتدائي تعليم شادي پلي مان ميٽرڪ هاءَ اسڪول ميرپررخاص مان، انٽر ماڊل ڪاليج ميرپورخاص مان، بي،اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج مان ۽ ايس ڊي پي ۾ ڊپلوما گورنمنٽ ڪاليج ناظم آباد مان حاصل ڪيائين

تعليم پوري ڪرڻ کان پو 1967ع کيس ميرواهه هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ملي ان وقت سندس پگهار صرف 67 رپيا هو.ان کان پو بدليون ٿيندي هاءِ اسڪول شادي پلي ۾ نوڪري ڪيم انهي نوڪري دوران مون هاءِ اسڪول جي نوجوان شاگرد جي جسماني نشونما لا مهراڻ اسپورٽس ڪلب قائم ڪيو جنهن جو سرپرست اعليٰ  پاڻ هئا ۽ ان جو صدر  مرحوم عبدالرحيم راهو هئا

ان وقت جا نوجوان  سماجي براين کان پري هئا سڄو وقت راندين ۾ گذاريندا هئا.ڪجهه  وقت پاڻ گبول شهيد فٽبال ڪلب جا صدر پڻ رهيا

سنڌ بورڊ اسپورٽس جي صدر ظاهرالحسن سان ملي شادي پلي جي نوجوانن لا ڪيتروئي راند جو سامان ورتو. ان وقت هتان جا نوجوان راندين ۾ تمام اڳبرا هئا  اهي نيشنل گرائونڊ تائين پڻ راند ڪرڻ لا پهتا  اسان پنهنجن  نوجوانن  لاءِ اولڊ بوائز ايسوشن قائم ڪئي جنهن جو سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر عبدالغني ڀنڀرو هئا ۽ پاڻ ان جا جنرل سيڪريٽري هئا  ان جا ڪيترائي اجلاس .ڪنوينشن ڪرايا.

وري  پاڻ انٽرويو ڏي ڊاريڪٽر  فزيڪل ايجوڪيشن  مقرر ٿيا سندس پهرين پوسٽنگ منصوره ڪاليج هالا ۾ ٿي تنهن بعد وري سندن بدلي غزالي ڪليج حيرآباد  ۽ پو ٽنڊو جان محمد ڪليج ۾ رهيا  ان کان پو پاڻ وري انٽرويو ڏي  هيلٿ ايجوڪيشن آفيسر حيدرآباد ٿيا ان سرورس دوران پاڻ هتان جي 11 نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏياريون، اتان سندن بدلي قاضي احمد ۾ ٿي جتي پاڻ مختف بيمارين کان بچاائڻ فلمون ڏيکايندا هئا هڪ دفعي قاضي احمد ڀرسان هڪ ميلي ۾ پهتا جتي کين فلم ڏيکارئڻي هئي اتي جڏهن سنڌ جي نوجوانن کي سري عام ٺرو چرس جهڙا نشا ڪندو ڏسي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اتي ئي ٿيندڙ جلسي ۾ ڪنهن دوست کيس ڳالهائڻ لا چيو بس پو ته هڪ شاندار تقرير ڪري سندس جي نوجوانن جي اصلاح ڪيائين ان ۾خلائي مخلوق وارا يار بيٺا هئا جن جي رپوٽ ڪرڻ تي کيس شوڪاز نوٽس ڏي 17 اسڪيل مان 7 اسڪيل ۾ ڪيو ويو .1933 ۾ پاڻ سروس جا 25 سال مڪمل ڪري پو وڃي سياست ۾ حصو ورتو.

نواب محمد يوسف ٽالپر جا ويجها دوست رهيا آهن

پاڻ 1974 ع کان پاڪستان پپلزپارٽي ڪلچرونگ ضلعي عمرڪوٽ جا صدر  ڪجهه سال حدرآباد ڊيويزن جا نائب صدر رهيا آهن

ڪجهه نوائي وقت ڪراچي جا سب ايڊيٽر  رهيا آهن ۽ روزانا بختاور اخبار جا ميرپورخاص ڊيويزن جا بيورو چيف رهيا آهن ان وقت بختاو اخبار ۾ ڀونئر ڀري آڪاش ۾ روز ڪالم لکندا هئا

هن وقت ب پاڻ شادي پلي جي نوجوانن سماجي براين کان بچائڻ لا ۽ کين گڏ ڪرڻ لا شادي پلي ايڪشن ڪميٽي ٺاهي اٿن ان ۾ هتان جا ڪيترائي نوجوان شامل آهن پاڻ ان جا سرپرست اعليٰ آهن.

منهنجون استاد عبدالله رند سان ڪيتريون ڪچهريون ٿيل آهن الله پاڪ کيس ڪامل صحت  ۽ تندرستي ڏي آمين

 

 

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار.........................................................ڀاڱو ٽيون

عبدالرزاق  پلي (ڳوٺ فقير محمد پلي)

نالو عبدالرزاق ولد عبدالله پلي

D.O.B 1988ــ09ــ04

ڪرت زمينداري

تعليم انٽر پاس

تخلص؛ ”آزاد“

صنفون؛ غزل، نظم، بيت، وائي، ڪافي، اردو غزل

......................................................................................................................

غزل

بچيون يادگيريون ٿيا ڌار پيارا،

ڪيم ويس ڪارا ويا رنگ نيارا

ويون گڏ انهن سان مرڪون چپن جون،

رڳو لڙڪ تريا ڪجل ڪارا.

نه پينگها نه پلنگ نه بخمل وڻن ٿا،

سمهڻ سيج تي ناهي مونکي گوارا.

سڄو گهر سڃو آ ڪٽهڙو ٿيو ويران،

جڏهن کان تون جيجل ڪري وئيين ڪنارا.

(والده جي پهرين ورسي تي)

..................................................................................

غزل

بيوس ۽ لاچار حياتي، آهن سور هزار حياتي

تولاءِ سوچي توکي ساري، گّري پئي بس يار حياتي

آهون دانهون ڏک تڪليفون، ماتم زارو زار حياتي.

دلين جا سودا ڪندي ڪندي، ٿي پئي ڪاروبار حياتي.

ڇا جا سپنا ڪهڙي خواهش، منهنجي آ بيڪار حياتي.

ڪجهه گذري ڪجهه گذري ويندي، باقي ڏينهن ٻه چار آزاد پلي

 

 

Sunday, 6 September 2026

 

            ڪتاب دوست مٺا دلدار.............................ڀاڱو ٽيون                                       

                            عاشق حسين ڇورو       (پٿورو)

               عاشق حسين ڇورو جو جنم 24 فيبروري 1954ع ۾ شمس الدين ڇوري جي گهر ۾ ڳوٺ آتڻا موري تعلقه سنڌڙي ضلع ميرپورخاص ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول پٿوري مان ۽ ڇهون اڪڙي لڳ ”حر ڪيمپ“ مان پاس ڪيو. ان بعد حيدرآباد هليا ويا ۽ اتي 1967ع ڌاري نائون ۽ ڏهون ڪلاس پڙهيا. 1970ع ۾ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو. تعليم پوري ڪرڻ بعد پنهنجي خانداني زمينداري کي سنڀالڻ لڳو. زمينداري سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ به ڀرپور شرڪت ڪرڻ لڳا. پ ـ پ ۾ شروع کان پاڻ رهيا آهن. 1970ع ۾ ڀٽي صاحب جو پهريون جلسو عمرڪوٽ ۾ ڪرائيندڙ پاڻ آهي! جنهن جو سمورو خرچ پاڻ ڪيائين. انهي دور ۾ پاڻ ٽائون ڪميٽي پٿورو جا صدر ٿيا. 1979ع ۾ پاڻ  پارٽي جي صدارتي عهدي تان استعيفا ڏئي ٽائون ڪميٽي جا چئرمين بنيا ۽ جڏهن 1982ع ۾ ايم ـ آر ـ ڊي جي تحريڪ شروع ٿي ته پاڻ ٽائون شپ تان استعيفا ڏيئي ان تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽ ان دور جي پڪڙ ڌڪڙ به شروع ٿي ۽ عاشق حسين جو ڀاءُ گلزار ڇورو جيڪو پارٽي جو عهديدار هيو سو جيل ۾ به ويو ۽ عاشق حسين جو نالو به لسٽ ۾ شامل هيو، پر ان وقت جو ايس ـ ڊي ـ ايم عمرڪوٽ سيد علينواز شاهه هو جنهن کيس جيل وڃڻ کان بچايو. 2007ع ۾ آصف زرداري جڏهن ٻاهران کان پاڪستان آيو ته سڀني پارٽي جي ڪارڪنن کي گهرايو جن ۾ عاشق حسين ڇورو پڻ شامل هو. اهڙي طرح عاشق حسين پارٽي سان هر ڏُک سُک ۾ گڏ رهي ۽ اڃا تائين گڏ آهي! پاڻ هن وقت پي ـ پي جو تعلقه صدر آهي. پاڻ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏوگڏ بطور ڊونيٽ پنهنجي کاتي جي زمين مان 4 ايڪڙ واٽرسپلاءِ اسڪيم پٿورو لاءِ ، 4 ايڪڙ ڊرينيج سسٽم پٿورو لاءِ ، منو ايڪڙ کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ واري اسڪيم لاءِ بطور ڊونيٽ ڏئي چڪا آهن.

 

 

 

    ڪتاب دوست مٺا دلدار...............................ڀاڱو ٽيون

                  رضا محمد دل (ڳوٺ سومار دل پروڙ)

 

      پروڙ جي ڀٽن جي مٽي مان جنم وٺندڙ نوجوان رضا محمد دل ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي سندس فن سندس سڃاڻپ آهي. رضا محمد جو جنم 8 جون 1970ع تي محمد حسن دل جي گهر ۾ ڳوٺ سومار دل ديهه ٻريجي تعلقه پٿورو ۾ ٿيو. سردار لطف علي دل کي پٽ جي اولاد ڪانه هئي انهي ڪري سندس ڀاءُ محمد حسن کان رضا محمد پٽ ڪري ورتائين. رضا محمد جي پرورش سردار لطف علي دل جي گهر ۾ ڏاڍي نازن سان ڪوڏن سان ٿي. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. ڇهون درجو هاءِ اسڪول شاديپلي مان ۽ 1987ع ۾ ستون ڪلاس گورنمنٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ هاسٽل ۾ رهي اُتان ميٽرڪ 1990ع ۾ پاس ڪيو. 1991ع ۽ 1992ع ۾ انٽر ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان B.A پرائيويٽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال نيشنل بئنڪ عمرڪوٽ ۾ ڪلارڪ جي ڊيوٽي ڪيائين. پهرين شادي 1994ع تي سردار لطف علي دل جي نياڻِي سان ڪيائين جنهن ان جي ٻي شادي 12 ڊسمبر 2004ع ۾ ڪرائي جنهن ۾ ان وقت جو وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم به شرڪت ڪئي هئي. سندس اولاد ۾ ٻه پٽ حافظ حزب الله، ٻيو ذڪاءُ الله ۽ هڪ نياڻِي حفضه آهي.

آرٽ جو فن؛ـ کيس ننڍپڻ کان ئي آرٽ سِکڻ جو شوق هو انهي شوق جي ڪري پاڻ پراڻين شين کي گڏ ڪرڻ، يعني پراڻا سِڪا، بندوقون، ٺِڪر جا ٿانوَ، پراڻا جنڊ، ڪتاب ۽ ٻيون شيون گڏ ڪندو هو. سائنسي مضمونن ۾ کيس تمام گهڻي دلچسپي هئي. انهي جي ڪري سائنسي ايجادن جي طرف سندس لاڙو ٿيو، شروع ۾ پاڻ هڪ جهاز جو ماڊل ٺاهيوجيڪو پيراشوٽ ذريعي اڏاماڻو هو، پر جهاز ٺهڻ کانپوءِ پاڻ پيراشوٽ نه وٺي سگهيو. وري ماچيس ۽ پاڪيٽن کي گڏ ڪري هڪ جهاز ٺاهيائين. ان بعد سنڌڙي انب کي بوتل اندر بند ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيائين. ان بعد ڪيترائي ماڊل بوتلن اندر ٺاهيائين انهن ۾ 1 ـ توپ جو ماڊل 2ـ مائڪرو اسڪوپ جو ماڊل 3ـ تاج محل آگره وارو ماڊل 4ـ کاٽي واري مشين جو ماڊل 5ـ البدر جنگي جهاز جو ماڊل 6ـ معصوم شاهه جو منارو ماڊل 7ـ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ڌماڪي وارو ماڊل اهي سڀ ماڊل انتهائي مشهور ٿيا جيڪي گهڻا تڻا ماڊل دوست يار کڻي ويا. تازو پاڻٽيلي اسڪوپ ٺاهي ڪامياب تجربو ڪيو آهي. فلائينگ مشين جيڪا پاڻ ايلمونيم بائيڊ جي مدد سان جهاز ٺاهيو جنهن ۾ انجڻ لڳائڻ سان هڪ ماڻهو کي کڻندڙ خود ساخته جهاز تيار ٿي سگهي ٿو. بجلي جي 100و والٽ واري بلب اندر به پاڻ ڪيترائي ماڊل ٺاهيا جن ۾ ٻيڙي، ڪرسي، ليمپ ۽ جهاز شامل آهن. رضا محمد دل هڪ سٺو زميندار به آهي پر هيتري زمين هوندي به سندس شوق ۽ لاڙو فقيري طبيعت ڏانهن آهي. رضا محمد سان ملاقات دوران ان ٻه پنهنجا اهڙا واقعا ٻڌايا جن کي هو ڪڏهن به وساري نه سگهندو.

 هڪ واقعو ؛ـ جيئن ته سردار لطف علي دل کي اولاد نه هو ان کيس نپايائين، جنهنڪري سندس پيءُ ۽ ماءُ جي محبت کان پري رهيو، سندس ماءُ پيءُ شروع ۾ پنهنجي پاڻ کان ڌار ڪري پويان روئندا هئا. اُهو ان ڪري ته پنهنجي اولاد سان محبت نه ٿئي ۽ ڀاءُ کي ڏنل زبان ۽ واعدو خراب نه ٿئي.

ٻيو واقعو؛ـ 2011ع جي ٻوڏ پئي ته سندس جهلوري واري ٻني تي فصل سڄو ٻڏي ويو. گورنمنٽ طرفان ڪا واهر نه ٿيڻ ڪري هاري وٽس دانهي آيا ته پاڻ ان وقت پنهنجي جيپ ۾ چڙهي سڌو مختيارڪار آفيس آيو ۽ مختيار ڪار سان جهڙپن کانپوءِ مختيارڪار اچي جڏهن فصل ۽ هارين جو حال ڏٺو ته کائنس معافي ورتائين. هن 11 لک پنجاهه هزار قرض هارين تان معاف ڪري ڇڏيو ۽ گاڏي وڪڻي هارين کي انهي ٻوڏ کان ٻاهر ڪڍيائين ۽ اصل بچتون بروقت ادا ڪيون. اهڙي طرح هي ماڊل آرٽسٽ رضا محمد باڪردار شخص آهي. ڳوٺ جا ماڻهو کيس گليلو سائنسدان چون ٿا. شال الله پاڪ کيس وڏي زندگي عطا ڪري . آمين  

 

 

 

ڪتاب دوست مٺا دوست دلدار................ڀاڱو ٽيون

 

                  فقير عبدالغني هنڱورو(شادي پلي)

نالو          فقير عبدالغني هنڱورو

ولد          ڦلو خان هنڱورو

ڪرت       رٽائرڊ داروغو ۽ زميندار

پئدائش      1957ــ11ــ5

صنفون      غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نعت وغيره

سندس ڪلام جو نمونو

رب جوڙي جهان بنايو، برصغير ۾ ملڪ پاڪستان بنايو

شهيدن جي رتڙي عجب رنگ لايو،

بچيا سي مٿان تن بابا قوم آيو

لايا کي رومي ڪا سياست چمڪايو،

ڀري ڀيپ پنهنجا پوءِ هنگامون مچايو

مسڪينن کي ڏس هنن ڪيئن ڦاسايو،

 اسان تي آهي رب جو سايو.

...................................................................................................

حضور اڪرم صلي الله جي شان ۾؛ـ

اول آخر محمد سردار بنجي آيو، ٿي ڀلائي سرڪار نبي آيو،

روشن آ رات ڪاري چمڪي پئي دنيا ساري

مهندار نبي آيو

واهه خدا تنهنجي خدائي ڪل نه ڪنهن ڪائي

ٿئي محبوب جي ڀلائي آڌار بڻجي آيو.

حامي هو ”فقير“ آهي ضامن ٿيندو محشر جو،

رهندو سدائين دلين ۾ دلدار بنجي آيو.

موليٰ حسين عليه السلام جي شان ۾

عظيم جهان ۾ آ عظمت حسين جي،

دوران عبادت ٿي شهادت حسين جي

سِر کي ڪيو سوار نيري جي نوڪ تي،

بازار شام ۾ گونجي تلاوت حسين جي.

زخمن سان جسم پروڻ هو جسم زهره جي لال جو،

ملعون ٿيو مردار زنده آ تاريخ حسين جي.

اميد ”فقير“ آ مايوسي ڪفر آ،

بخشش جو وسيلو آهي ضمانت حسين جي.

.......................................................................................................................

مرد مٿيرن لاءِ

ڪري ڳاٽ اونچو جهونجهار هليا، پٽ سنڌُو جا وفادار  هليا.

حر سورهيه سان گڏ سردار هليا

ڌرتي جا ڄاوا ڪونڌر، کڻي تيز تنگ تلوار هليا،

قدرت جي عظمت جا وارث مرڪي گڏ سالار هليا

دڙ دڙ ڌرتي دُرڪي، دلبر دل گهريا دلدار هليا.

......................................................................................................................

نغمون

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا،

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

ڇا ساز ڇا آواز اهيو به انداز آ، سُر ڇيڙيا تند تار جا،

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

هر طرف مهڪي هوا ۾ خوشبوءِ پئي، ٽڙيا ڪنچار جا.

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

پيارن جون پچارون پهر پهرين ۾ ٿيو، قاصد آهن يار جا.

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

...............................................................................................................

ڪلام

نينهن وارن جا نيڻن جا، اشارا نيٺ ماريندا،

سنواري ٿو وار ڪارا، اشارا نيٺ ماريندا.

رکي رخسار تي هٿڙو، ڪرين ٿو پيار جا سڏڙا،

مرن ٿا مون پيارا، اشارا نيٺ ماريندا.

”فقير“ رات خوابن ۾، حسن سان حجابن ۾،

جيئن آڪاش ۾ تارا، اشارا نيٺ ماريندا.

ملائي ناز مان نظرون، ڪري ٿو قرب جون خبرون،

وڻين ٿو پوءِ پيارا، اشارا نيٺ ماريندا.

........................................................................................................................

شڪوھ

راڻو ماڻهو، داڻو ماڻهو، خريدي پيو ڪو ڪاڻو ماڻهو،

روز وڪامن رستن تي، سي ناهن تنهنجا ماڻهو.

موٽا ماڻهو لوٽا ماڻهو، ڪي آهن صفا کوٽا ماڻهو،

ڏک پراوا پنهنجا سمجهن، سي ناهن تنهنجا ماڻهو.

سفيد ماڻهو، بينظير ماڻهو، ڪي دلدار ”فقير“ ماڻهو،

پليل جيڪي نياز ۾ گهاريل. سي ناهن تنهنجا ماڻهو.

هيٺ ڏس تون جهاتي پائي، پنهنجن سان اک ملائي،

ڌڻ تون وڃ پنهنجو ڪاهي، پنهنجن تي نشان لڳائي،

هن جا ماڻهو هُن جا ماڻهو، ڪهڙا آهن تنهنجا ماڻهو،

انگ اُگهاڙا پيٽ بُکيا، سٺا ناهن تنهنجا ماڻهو.

ماري ماڻهو، قهاري ماڻهو، ڏين نه دلداري ماڻهو

لڄ سلامت جن جي ناهي، سي ناهي تنهنجا ماڻهو.

.......................................................................................................................