ڪتاب دوست مٺا دلدار................................................ڀاڱو
بيو
مرحوم علي اصغر دل فنائي (ڪراچي)
علي اصغر
ولد محمد اڪبر ولد حاجي احمد علي ”مجذوب“ دل جي پئدائش 1958ع ۾ ڳوٺ سومار دل ديهه
ٻريجي تعلقه پٿورو ۾ ٿي. ابتدائي تعليم؛ـ
پنج درجا اصل سنڌي پاس ڪيائين، ننڍپڻ وارو دور ؛ـ انتهائي غربت ۽ مفلسي ۾
گذريو، 2 سالن بعد سندس والد ڊاڪٽر اڪبر گذاري ويو، سندس پرورش سندس چاچي محمد
اقبال ڪئي، سندس ڏاڏي حاجي احمد علي جي وسيع ڪتب خاني مان ڪتاب پڙهڻ جو شوق ٿيو،
ان بعد سندس چاچي اقبال دل ڳوٺ ڇڏي وڃي ڪراچي وسائي ته پاڻ به ان سان گڏ اتي رهيو.
اقبال دل هلال پاڪستان ۾ ايڊيٽر هيو ته پاڻ وري انهي اخبار ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين
جن جن ڪالمن تي گهڻو داد مليو ”غلام ۽ غلامي پسند“،
ڪراچي ۾ رهندي سندس ملاقاتون سنڌ جي قوم پرست سياست جي
اڳواڻن بشير خان قريشي، عبدالواحد آريسر ۽ مير عالم مري سان ٿيون. انهن سان گڏ هلي
پاڻ انقلابي لٽريچر پڙهڻ ۽ انهي انداز ۾ ليڪچر ڏيڻ سِکيو. انهيءَ کانسواءِ سنڌ جي
تاريخ، ادب ۽ سياست جو 15 سال مطالعو ڪيائين. شاعري کيس وراثت ۾ مليل هئن پر پاڻ
شاعري حاجي احمد ملاح کان متاثر ٿي ڪيائين. هن انقلابي ۽ آدرشي انسان جي وفات 9
جون بروز جمع 2017ع تي ڪراچي جي اسپتال ۾ ٿي.
سندس ڪلام جو نمونو؛ـ
وڃن پيا ويچارا وطن مان،
مون ڪئن ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان،
ڪنهن جي ڏاڍ ڏمر جي ڪري ڇڏي ويا ملڪ مليرلنگهي ويا ويچارا
لنگهن مان
مون ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان، ڏري
پيو ڏيل منهنجو، پسي پڊ پراڻا،
ٿئي پڪ اُونڌن مٺن مان، اُجهائن چلهن مان
وڃن پيا، وڃن پيا ويچارا وطن مان،
مون ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان.
ڇڏي سانگ سيمو، لنگهي ويا پٽن مان
منهنجي روح ۾ روڄ، لئين وڇڙي ڪونج ولر مان
مون سڏ ڪيا اشارن سان، سمنڌا ڪونه اشارن مان.
وڃن پيا، وڃن پيا ويچارا وطن مان،
مون ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان
ڪنهن جي ڀوَ ڀڳا، يا ڊِنا عمر جي لشڪر کان
ٿيا مايوس سمن ۽ سوڍن جي چپن مان کان
پروڙيم حال ڪانگل جي آندل چٺن مان.
مون ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان
وڃن پيا، وڃن پيا ويچارا وطن مان
جيڪي پيا چاڪ منهنجا وهي پيو پوءِ پراڻن ڦٽن مان
ڪنهن جي ڏاڍ ڏمر کان مٽيا سانگين ٺڪاڻا
مارو ڪٿ هوندا ويڳاڻا، لڀي نٿو پير خاموش پٽن مان
وڃن پيا، وڃن پيا ويچارا وطن مان
مون ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان
وڃن پيا، وڃن پيا ويچارا وطن ما
ڏري پيو ڏيل منهنجو، پسي پڊ پراڻا،
ٿئي پڪ اُونڌن مٺن مان، اُجهائن چلهن مان
وڃن پيا، وڃن پيا ويچارا وطن مان،
مون ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان.
ڇڏي سانگ سيمو، لنگهي ويا پٽن مان
منهنجي روح ۾ روڄ، لئين وڇڙي ڪونج ولر مان
مون سڏ ڪيا اشارن سان، سمنڌا ڪونه اشارن مان.
وڃن پيا، وڃن پيا ويچارا وطن مان،
مون ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان
ڪنهن جي ڀوَ ڀڳا، يا ڊِنا عمر جي لشڪر کان
ٿيا مايوس سمن ۽ سوڍن جي چپن مان کان
پروڙيم حال ڪانگل جي آندل چٺن مان.
مون ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان
وڃن پيا، وڃن پيا ويچارا وطن مان
جيڪي پيا چاڪ منهنجا وهي پيو پوءِ پراڻن ڦٽن مان
ڪنهن جي ڏاڍ ڏمر کان مٽيا سانگين ٺڪاڻا
مارو ڪٿ هوندا ويڳاڻا، لڀي نٿو پير خاموش پٽن مان
وڃن پيا، وڃن پيا ويچارا وطن مان
مون ڪيا سڏڙا، ڪڍي ٻانهن ڪفن مان
ڪافي
مٺا اچ موڪلايون ، پوءِ متان
وساري ڇڏين،
1ـ اُهي پيار متان
پرديس وڃي دل تان ڀلائي ڇڏين،
مٺا اچ موڪلايون ، پوءِ متان
وساري ڇڏين،
2ـ برهه تنهنجي
بيهوش بڻايو محبت تنهنجي مچ مچايو
وڃڻ جون وايون نه ڪر متان کلندن کي روئاڙي ڇڏين
مٺا اچ موڪلايون ، پوءِ متان وساري
ڇڏين
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو