ڪتاب
دوست مٺا دلدار
ڀاڱو ٻيو
عبدالمومن ميمڻ (ڪراچي)
وهي تون نه وسار
متان تون ن وڃي وسري
له انهن جي سار
سارين جيڪي سڪ مان
سال
2011ع ڌاري سنڌي ليکڪن جي تربيت واري ڪورس ۾ پاڪستان جي چئن صوبن مان هر ٻولي
جا ليکڪ آيل هئا اسان جي صوبي سنڌ جي هر ضلعي مان سڀ سنڌي ليکڪ پڻ آيل هئا اهو
پروگرام انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آباد جي دعويٰ ايڪڊمي جي طرفان فيصل مسجد اسلام
آباد ۾ رکيو ويو هو.
منهنجي
خوشقسمتي چئبي جو مون جهڙي ننڍڙي ليکڪ کي ان پروگرام ۾ انهن شامل ڪيو.
عبدالمومن
ميمڻ سان منهنجي پهرين ملاقات فيصل مسجد جي گسٽ هائوس تي ٿي هئي. عبدالمومن ميمڻ قد جو ڊگهو رنگ جو پڪو
سانورو سهڻي ڪاري ڏاڙهي مٿي تي سنڌي ٽوپي ڪارو ڪوٽ ننڍو مفلر اوڍيل هڪ بهترين
شخص پهرين ملاقات ۾ اوپورو ڪونه ٿي لڳو .
پاڻ
سنڌيڪا ايڪيڊمي ۾ ڪم ڪندا آهن بهترين
ليکڪ آهن سندن ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن.
ان
پروگرام ۾ ست ڏينهن گڏ گذاريا ڪيتريون قرب
ڀريون ڪچهريون روح ڀريون رهاڻيون ڪيوسين
ڪڏهن رات جو فيصل مسجد واري گيسٽ هائوس رات جو مشاعرو ڪڏهن ابي رهاڻ ت ڪڏهن
پنهنجي صوبي جي سنڌي شاگردن وٽ ڪويت هاسٽل تي وڃي ڪچهري ڪرڻ اهي يادگيريون ڪڏهن
ڪونه وسرنديون . الله پاڪ عبدالمومن ميمڻ کي ڪامل صحت ڏي آمين.
منجهان منهنجي روح وڃي
ساجن وسري
مر لڳي لوح
ته ٿر ٻاٻيهو ٿي مران

No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو