Wednesday, 23 September 2026

 ڪتاب دوست مٺا دلدار.....................................ڀاڱو ٽيون

محمد خان مري سروري (ڦهلڏيون)
اي گت نه گواسن جي سمنڊ سوجهيائون
پئي منجهه پاتال ماڻڪ ميڙيائون
آڻي ڏنائون هيرو لعل هٿن سين
اسان جي سنڌ جي ڌرتي ڪيترن املهه ماڻڪ ماڻهن کي جنم ڏنو آهي اهڙو ئي املهه ماڻڪ اسان جو پيارو دوست محمد خان مري آهي جيڪو هڪ بهترين ليکڪ لّطيفيات جوڄاڻو آهي
منهنجي محمد خان مري سان پهرين ملاقات راجه رستي تي ڊاڪٽر اسد جمال پلي جي ڳوٺ ٿئي هئي ان کان پو منهنجون ڪيتريون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون
منهنجي ڪتاب شادي پلي جي تاريخ لا ٻه مضمون شادي پلي جو مري خاندان ۽ ڇورا خاندان پاڻ لکي ڏنائون.
بلوچ رنگ رسالو به پاڻ ڪڍندا آهن.لطيفيات جي حوالي فيسبڪ جي روز لکندا رهن ٿا..
ڌڻي در دعا آهي ته هو هميشه خوش ۽ آباد هجي آمين
ڳوليان ڳوليان م ملان هوت
من اندر لوچ ملڻ سان ماٺي ٿئي

 ڪتاب دوست مٺا دلدار.........................ڀاڱو ٽيون

عطا محمد چانهيون (کپرو)
پڇن سي پسن جڏهن تڏهن پرين کي
ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا
عطا محمد چانهين سان منهنجي ڳوٺ سومار دل ۾ رضا دل جي اوطاق تي ٿي جتي هو رضا دل تي ولاگ ٺاهڻ لا آيو هو مون کي منهنجو ڪتاب ڪتاب ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي ڏنو
عطا سنڌ جو اهو سيلاني ۽ لطيف جي جو ڄاڻو آهي جيڪو اسان کي پنهنجي لطيف جي بيتن جي ٻولي انهن جي معنيٰ ۽ پس منظر سمجهائي ٿو.
عطا محمد جو ٺاهيل ميوزم اسان کي پنهنجي ماضي جي تاريخ ظاهر ڪري انهي جو ذوق ۽ شوق پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ آهي.
الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

 ڪتاب دوست مٺا دلدار............................................ڀاڱوٽيون

عبدالفريد ڪنڀار طاهري (عمرڪوٽ)
انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آبادي جي اداري دعويٰ ايڪڊمي جي استادن جي تربيت وارو پروگرام سال 2010ع ۾ دعويٰ ايڪڊمي ريجنل سينٽر احسن آباد گلش معمار ۾ ٿيو جنهن پوري سنڌ مان استاد انهي تربيت واري پروگرام ۾ شريڪ ٿيا آئون به ان پروگرام ۾ هئس منهنجي عبداالفريد ڪنڀار سان پهرين ملاقات اتي ٿي ان کان پو وري عطا محمد گهانگهري سان گڏ سندس ڳوٺ وهرو ۾ ٿي جتي اسان کي پاڻ مومل جي ماڙي ۽ ميون جان محمد جي درگاهه جي ذيارت ڪرائي ..
ان کان پو منهنجون ساڻس ڪيتريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون آهن الله پاڪ کيس ترقي ڏي آمين

 ڪتاب دوست مٺا دلدار ............................ڀاڱو ٽيون

عطا محمد گهانگهرو (راڻي پور)
زباني پنهنجي اڃا ساڳي آ متان تون سمجهين ٺري وئي آ
دل اڃا چنچل آهي متان تو
سمجهين مري ويئي آ
عطا محمد گهانگهري سان منهنجي پهرين ملاقات سال 2010ع گلشن معمار دعويٰ ايڪڊمي ريجنل سينٽر ۾ استادن جي تربيت واري پروگرام ۾ ٿئي .دعويٰ ايڪڊمي جي طرفان اسان کي ڪراچي جي گهمڻ وارين جاين تي پڻ دورا ڪرايا ويا مهتا پليس تي جڏهن دوري لا پهتاسين ته اتي ان وقت جي ثقافتي وزير ميڊم شازيه عطا مري ويٺي هئي سڀني دوستن صلاح ڪري چيو اڄ پاڻ کي ان سان گڏ تصوير ڪڍرائڻي آهي اهو ڪم لا عطا ۽ آئون ڪرڻ وياسين پر پٽيوالو اسان کي اندر نه پئي وڃڻ ڏنو پاڻ شيشي واري در مان ميڊم سڀ ڏٺو پئي پو پٽيوالي کي گهرائي ڇنڊ پٽائين ۽ اسان کي پنهنجي آفيس ۾ ويٺي ويئي اسان کان احوال ورتائين اسان چيو ميڊم اسين سنڌ جي مختلف ضلعن مان آيل استاد آهيون اسان جي دوستن جي خواهش ته اوهان سان گڏ تصوير ڪڍرايون پاڻ هڪ دم اسان سان گڏ آئي ۽ تصوير ڪڍرائي. ان کان پو پاڻ مون گهمڻ پڻ آيا هئا ان سان ڪيتريون ڪچهريون ٿنديون رهن ٿيون پاڻ پيشي جي لحاظ هاءِ اسڪول جا استاد آهن الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

 ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٽيون

گلاب احمد بلوچ (تربت)
پاڻهي ايندم هوت آئون به ڪجهه اڳڀري ٿيان
متان چئي بلوچ ڪميڻي مان ڪين ٿيو
گلاب احمد بلوچ سان منهنجي پهرين ملاقات منصوره لاهور ۾ ٿي جتي هو به تصنيف ۽ تاليف وارو ڪورس ڪرڻ لا آيو هو.اهو ڪورس اداري معارف اسلامي جي طرفان منصوره لاهور ۾ ڪرايو ويو ۽ آخر ۾ مقالا لکائي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا .
ان ڪورس ۾ اسين ٽوٽل چئني صوبن مان 12 ڄڻا هئاسين سنڌ مان صرف هڪ آئون هئس.
گلاب احمد اردو جو ليڪچرار ۽ سٺو ليکڪ پڻ آهي
ٻيو ڀيرو اسان جي ملاقات اسلام آباد دعويٰ جي ليکڪن واري پروگرام فيصل مسجد ۾ آهي
ٽيون ڀيرو اسان جي ملاقات 2013ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي جتي هو به ايم فل ڪري رهيو هو ۽ منهنجي ايم فل جي داخلا هئي جيڪو منهنجو خواب هو ته اتان ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪري پنهنجي ٻولي ۽ تحقيقون ڪري ڪتاب لکندا پر افسوس هن غربت جي سبب منهنجو اهوليڪچرار ٿيڻ وارو خواب ساڀيا نه ماڻي سگهيو پر پوبه همٿ نه هاري اٿم لکڻ پڙهڻ جو ڪم نه ڇڏيو اٿم.
گلاب سان هاڻي ڪڏهن ڪڏهن فون تي ڳالهه ٿيندي آهي الله پاڪ کيس صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

 ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٽيون

عبدالڪريم دل (بدين)
ايء گت غواصن جيئن سمنڊ سوجھيائون
پئي منجھ پاتال ماڻڪ ميڙيائون
آڻي ڏنائون ھيرو لعل ھٿن سين۔۔۔شاھ
لاڙ پٽ جو شھر بدين ھڪ وڏي تاريخ رکي ٿو
محمد زمان لنواري وارو حاجي احمد ملاح محمد سومار شيخ سانوڻ فقير سرويچ سجاولي کان سواء ڪيترا ئي ناميارا انسان ھتي ٿي گذريا آھن۔
اھڙن ئي املھ ماڻڪ انسانن ۾ عبدالڪريم دل جو به شمار ٿئي ٿو۔
عبالڪريم دل جو جنم ڳوٺ احمد ڪاٺائي ۾ فقير محمد رمضان دل جي گھر ۾ 24 اپريل 1959ع تي ٿيو۔عبدالڪريم دل پنھنجي ننڍپڻ ۾ ھم عمر ٻارن سان رانديون ڪندي پوپٽ ڀنڀورين پويان ڊوڙندي ۽ مٽي جا گھر ٺاھيندي گذاريا۔
ٺاھيا واري تي گھرڙا
منھنجا ننڍپڻ وارا ڏينھڙا
رب ڪري موٽي اچن۔۔۔
عبدالڪريم دل پنھنجي شروعاتي تعليم گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عبدالله خان ڀرڳڙي مان حاصل ڪئي۔
ڇھين ڪلاس ۾ ھاء اسڪول نندي شھر ۾ داخلا ورتائين جتان ستون ڪلاس پاس ڪري پوء اٺين ڪلاس ۾ خان بھادر مير غلام محمد خان ٽالپر ھاء اسڪول ٽنڊو باگو ۾ داخلا ورتي ۽ اتان ئي ميٽرڪ ڪري گورنمينٽ اسلاميه ڊگري ڪاليج بدين مان انٽرميڊئٽ جي تعليم پوري ڪئي ۽ بعد ۾ ايم اي ۽ ايل ايل بي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪئي۔
تعليم پوري ڪرڻ کان پوء پاڻ لوڪل گورنمينٽ ۾ سرڪاري ملازمت پڻ ڪئي ڊاڪٽري جو شوق ھئڻ ڪري ماڻھو کيس ڊاڪٽر عبدالڪريم پڻ سڏين ٿا۔
پاڻ ھن وقت ھاء ڪورٽ جا سينئر وڪيل آھن عبدالڪريم يارن جو يار ۽ ھڪ سچو ۽ ايماندار انسان آھي۔سندس عملي زندگي ۾ خوش اخلاقي ارادي جي پختگي ھمدردي حساسيت محبت ۽ ٻيا اھڙا بيشمار گڻ سمايل آھن جنھن جي ڪري سندس شخصيت باوقار ۽ باڪردار آھي پاڻ حق ۽ سچ جي ڳالھ ڪرڻ وارن مان آھن سدائين باطل قوتن سان ٽڪراء ۾ رھيا آھن ۽ ھميشه سوڀارا ٿيا آھن پاڻ ھڪ سوشل انسان آھن ۽ ڪيترائي عام ڀلائي جا ڪم ڪيا اٿن ان مان اھم ڪم سندس ڳوٺ احمد ڪاٺائي ۾ 1985ع ۾ سندس نالي سان ھلندڙ اسڪول ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آھي۔
پاڻ علم جا گوھر ۽ عاشق آھن ھر وقت سندس ڪمري جي چئني پاسن کان ڪتاب پکڙيا پيا ھوندا آھن سندس مطالعو تمام وسيع آھي جنھن ڪري پاڻ قانون ادب تاريخ تي وڏي دسترس رکن ٿا ائين چئجي ته غلط نه ٿيندو ته پاڻ ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ ڄاڻ جو انساني انسائڪلو پيڊيا آھن۔
پاڻ زنده دل خوش مزاج سنجيده باشعور علم ۽ فھم فقيراڻي طبيعت جا مالڪ آھن ادب دوست ۽ سٺا نثر توڙي نظم لکندڙ آھن سندس لکڻين کي وڏي جائي ملي آھي پاڻ نثر ۾ مضمون مقالا ۽ ڪالم مختلف اخبارن ھلال پاڪستان تعمير سنڌ سوڀ ۽ آفتاب ۾ پڻ لکيو اٿن ان کان سواء پاڻ شاعري به ڪئي اٿن وقت جي حالتن ۽ واقعن تي سندس شاعري جا عنوان رھيا آھن جيئن پاڻ 20 مئي 1999ع آيل بيرحم سامونڊي طوفان تي ھن طرح لکيو آھي ته
اي دودا تنھنجي دارا ۾
ويرين ھيڏا وير ڪيا
ٻارنھن سئو منھنجي ٻاٻاڻن جا
انگ اگھاڙا لاش لڙھيا
سن 2000ع ۾ ٿر ۾ ٻارن ۾ آيل وائرس جي موتمار بيماري سندس وجود کي صفا جھجھڙي ڇڏيو ۽ سندس اندر جو آواز شاعري بڻجي ڪجھ ھن ريت نڪتو
وڏيرا رئيس موچارا رڳو آھن عياشين ۾
منھنجا مسڪين ماروئڙا اڃا تائين عذابن ۾
نڪو ڪو اين جي اوز ڪو پھتو
نڪو کاڌو نڪو پيتو
نڪو ڪو ارباب ھلي آيو
پڇڻ منھنجي پنھوارن کان
ٻانھياريون روز ٿيون ٻڙڪن
ڏسيو معصوم ٿيون ٿڙڪن
سوين معصوم ٿا مرن
روز وائرس جي بيماري ۾
وڏيرا رئيس موچارا رڳو آھن عياشين ۾
عبدالڪريم دل پنھنجي سموري زندگي حق ۽ سچ ڳالھائيندي مظلوم جو آواز بڻجي اڀريو ان ڪري ھي بدين جي ماڻھن جو مسيحا پڻ آھي عبدالڪريم دل کي اولاد ۾ پنج پٽ ۽ ٽي نياڻيون آھن جن مان ٻه نياڻيون لاء گريجويٽ ۽ ھڪ نياڻي ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي آھي ھڪ پٽ عابد جنھن پڻ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪئي آھي ۽ استاد جي پيشي سان وابسته آھي ٻيو پٽ علي گوھر اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ۾ B.E آھي باقي پٽ پنھنجي پنھنجي ڪم ڪارين سان وابسته آھن۔
دعا آھي ته اھڙا املھ ماڻھو ھن سنسار جي سدائين سونھن وڌائيندا رھن جن جي علم ۽ فھم سان ڌرتي واسين کي سدائين فيض ملندو رھي۔
ماڻھو سڀ نه سھڻا پکي سڀ نه ھنجھ
ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھ اچي بوء بھار جي

 ڪتاب دوست مٺا دلدار.................................................................ڀاڱو ٽيون:

سڄڻ ڀيل (رفيق آباد لڳ شادي پلي موڙ)
ٿر ٿوهر گهر جهوپڙا ٻارڻ جنين ٻوهه واري ٿر ديس جي مٽي مان جنم وٺندڙ سڄڻ ڀيل ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، ڇاڪاڻ ته سندس سڃاڻپ الغوزي جو مڌُر آواز آهي . سڄڻ ڀيل 1970ع ۾ عڳٺ ساڪريو ڀيل ۾ پيدا ٿيو. جڏهن ته سڄڻ ڀيل جو جنم ٿر ۾ واري ديس تي ٿيو، جنهن ٿر وارن جو گذران مينهن ۽ مال تي آهي. جڏهن ٿر ۾ مينهن وسائيندا، گاهه ڦٽندا ته ڀِٽون سايون ٿينديون آهن انهن تي انيڪ قسم جا گاهه ڦٽندا آهن. تڏهن ٿر جا ماڻهو پنهنجي ٻنين مان گڏ (ليڏاڻ9 ڪڍندي همرچا ڳائيندا آهن. ڌراڙ وري ولر ڪاهيو گيت ڳائيندا آهن. سڄڻ به جڏهن ٻڪريون چاري پنهنجي استاد سکيو ڀيل کان ڀِٽ تي ويهي الغوزي جي سِکيا وٺندو هو ته انهن سُر جي الاپن سان سندس رڳ رڳ ٺري پوندي هئي. سڄڻ ڀيل جڏهن سڀ ڌُنون سکي ورتيون ته پوءِ ٿر ۾ پوندڙ ڏڪار کيس ڏيهه ۾ رهڻ نه ڏنو ۽ مزدوري خاطر اچي پاڻ شادي پلي موڙ جي ڀرسان هاڻوڪي ڳوٺ رفيق آباد ۾ رهي ٿو. سڄڻ هتي اچي پنهنجو شوق نه ڇڏيو ۽ پنهنجي برادري جي شادي مرادين ۾ وڃي الغوزي جا آلاپ آلاپيندو هو. منهنجي سگهڙ فقير محمود دل سڄڻ جي جوڙي ٺهندي هئي، مرحوم محمود فقير بيت ڏيندو هو ته سُر الغوزي تي سڄڻ آلاپيندو هو. پوءِ 2010ع ۾ منهنجو ڪتاب ”ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي“ ڇپيو ته ان کي چاچي تاج هاليپوٽو ايف ـ ايم 98 تي ڪچهري پروگرام م شرڪت جي دعوت موڪلي جنهن پروگرام ۾ آئون، چاچا محمود ۽ سڄڻ ڀيل اُتي وياسين. جتي وري چاچي محمود محفل مچائي ۽ انهي پروگرام کانپوءِ سڄڻ ڀيل جهرجهنگ مشهور ٿيو. 2013ع ۾ وري ايف ـ ايم 88 تي ڪچهري پروگرام ۾ يوسف دل، محمد حسين سولنگي ۽ شير محمد جروار شروع ڪيو ته ان ۾ وري سڄڻ ڀيل کي متعارف ڪرايو ويو. اهڙي طرح سڄڻ ڀيل هاڻي ثقافتي پروگرام، ريڊيو ۽ ٽي ـ وي تي پڻ پيش ٿئي ٿو. ڌڻي در دعا آهي ته سڄڻ اڃا وڌيڪ پنهنجي فن ۾ اڳڀرو ٿئ