Friday, 11 September 2026

 

               ڪتاب دوست مٺا دلدار......................ڀاڱو ٽيون

                         استاد عبدالله رند ( شادي پلي)

                             سڙي جي ٻين کي سائو  ڏين ٿا

                               لکين گهور تن تان پنگا ٿين ٿا

چوڻي آهي ته جئي هر ڪو پنهنجي لا ءِ پر امر آهي اهو انسان،جيڪوٻين ڪاڻ جيئي اهڙا اعليٰ انسان جن پنهنجي حياتي انساني خدمت کي ارپي ڇڏي سي تمام ٿورا هوندا آهن،ڌرتي جي گولي تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو ته اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ملندا جن پنهنجي زندگي اهڙن ڪمن کي ارپي ڇڏي اهڙا نام ڪٺيا فقيري طبعيت جا مالڪ جن وٽ انسانيت اهم آهي اهڙن ڪجهه نالن  ۾ عبدالله رند جو به نالو اچي ٿو.

         .       جڳي ڀرڳڙي جي رندن ۾ حاجي حسين بخش رند ناميارو انسان ٿي گذريو آهي   عبدالله رند  حاجي حسين بخش رند جي گهر ۾ 03_02_1948ع تي جنم ٿيو .ابتدائي تعليم شادي پلي مان ميٽرڪ هاءَ اسڪول ميرپررخاص مان، انٽر ماڊل ڪاليج ميرپورخاص مان، بي،اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج مان ۽ ايس ڊي پي ۾ ڊپلوما گورنمنٽ ڪاليج ناظم آباد مان حاصل ڪيائين

تعليم پوري ڪرڻ کان پو 1967ع کيس ميرواهه هاءِ اسڪول ۾ نوڪري ملي ان وقت سندس پگهار صرف 67 رپيا هو.ان کان پو بدليون ٿيندي هاءِ اسڪول شادي پلي ۾ نوڪري ڪيم انهي نوڪري دوران مون هاءِ اسڪول جي نوجوان شاگرد جي جسماني نشونما لا مهراڻ اسپورٽس ڪلب قائم ڪيو جنهن جو سرپرست اعليٰ  پاڻ هئا ۽ ان جو صدر  مرحوم عبدالرحيم راهو هئا

ان وقت جا نوجوان  سماجي براين کان پري هئا سڄو وقت راندين ۾ گذاريندا هئا.ڪجهه  وقت پاڻ گبول شهيد فٽبال ڪلب جا صدر پڻ رهيا

سنڌ بورڊ اسپورٽس جي صدر ظاهرالحسن سان ملي شادي پلي جي نوجوانن لا ڪيتروئي راند جو سامان ورتو. ان وقت هتان جا نوجوان راندين ۾ تمام اڳبرا هئا  اهي نيشنل گرائونڊ تائين پڻ راند ڪرڻ لا پهتا  اسان پنهنجن  نوجوانن  لاءِ اولڊ بوائز ايسوشن قائم ڪئي جنهن جو سرپرست اعليٰ ڊاڪٽر عبدالغني ڀنڀرو هئا ۽ پاڻ ان جا جنرل سيڪريٽري هئا  ان جا ڪيترائي اجلاس .ڪنوينشن ڪرايا.

وري  پاڻ انٽرويو ڏي ڊاريڪٽر  فزيڪل ايجوڪيشن  مقرر ٿيا سندس پهرين پوسٽنگ منصوره ڪاليج هالا ۾ ٿي تنهن بعد وري سندن بدلي غزالي ڪليج حيرآباد  ۽ پو ٽنڊو جان محمد ڪليج ۾ رهيا  ان کان پو پاڻ وري انٽرويو ڏي  هيلٿ ايجوڪيشن آفيسر حيدرآباد ٿيا ان سرورس دوران پاڻ هتان جي 11 نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏياريون، اتان سندن بدلي قاضي احمد ۾ ٿي جتي پاڻ مختف بيمارين کان بچاائڻ فلمون ڏيکايندا هئا هڪ دفعي قاضي احمد ڀرسان هڪ ميلي ۾ پهتا جتي کين فلم ڏيکارئڻي هئي اتي جڏهن سنڌ جي نوجوانن کي سري عام ٺرو چرس جهڙا نشا ڪندو ڏسي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ اتي ئي ٿيندڙ جلسي ۾ ڪنهن دوست کيس ڳالهائڻ لا چيو بس پو ته هڪ شاندار تقرير ڪري سندس جي نوجوانن جي اصلاح ڪيائين ان ۾خلائي مخلوق وارا يار بيٺا هئا جن جي رپوٽ ڪرڻ تي کيس شوڪاز نوٽس ڏي 17 اسڪيل مان 7 اسڪيل ۾ ڪيو ويو .1933 ۾ پاڻ سروس جا 25 سال مڪمل ڪري پو وڃي سياست ۾ حصو ورتو.

نواب محمد يوسف ٽالپر جا ويجها دوست رهيا آهن

پاڻ 1974 ع کان پاڪستان پپلزپارٽي ڪلچرونگ ضلعي عمرڪوٽ جا صدر  ڪجهه سال حدرآباد ڊيويزن جا نائب صدر رهيا آهن

ڪجهه نوائي وقت ڪراچي جا سب ايڊيٽر  رهيا آهن ۽ روزانا بختاور اخبار جا ميرپورخاص ڊيويزن جا بيورو چيف رهيا آهن ان وقت بختاو اخبار ۾ ڀونئر ڀري آڪاش ۾ روز ڪالم لکندا هئا

هن وقت ب پاڻ شادي پلي جي نوجوانن سماجي براين کان بچائڻ لا ۽ کين گڏ ڪرڻ لا شادي پلي ايڪشن ڪميٽي ٺاهي اٿن ان ۾ هتان جا ڪيترائي نوجوان شامل آهن پاڻ ان جا سرپرست اعليٰ آهن.

منهنجون استاد عبدالله رند سان ڪيتريون ڪچهريون ٿيل آهن الله پاڪ کيس ڪامل صحت  ۽ تندرستي ڏي آمين

 

 

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار.........................................................ڀاڱو ٽيون

عبدالرزاق  پلي (ڳوٺ فقير محمد پلي)

نالو عبدالرزاق ولد عبدالله پلي

D.O.B 1988ــ09ــ04

ڪرت زمينداري

تعليم انٽر پاس

تخلص؛ ”آزاد“

صنفون؛ غزل، نظم، بيت، وائي، ڪافي، اردو غزل

......................................................................................................................

غزل

بچيون يادگيريون ٿيا ڌار پيارا،

ڪيم ويس ڪارا ويا رنگ نيارا

ويون گڏ انهن سان مرڪون چپن جون،

رڳو لڙڪ تريا ڪجل ڪارا.

نه پينگها نه پلنگ نه بخمل وڻن ٿا،

سمهڻ سيج تي ناهي مونکي گوارا.

سڄو گهر سڃو آ ڪٽهڙو ٿيو ويران،

جڏهن کان تون جيجل ڪري وئيين ڪنارا.

(والده جي پهرين ورسي تي)

..................................................................................

غزل

بيوس ۽ لاچار حياتي، آهن سور هزار حياتي

تولاءِ سوچي توکي ساري، گّري پئي بس يار حياتي

آهون دانهون ڏک تڪليفون، ماتم زارو زار حياتي.

دلين جا سودا ڪندي ڪندي، ٿي پئي ڪاروبار حياتي.

ڇا جا سپنا ڪهڙي خواهش، منهنجي آ بيڪار حياتي.

ڪجهه گذري ڪجهه گذري ويندي، باقي ڏينهن ٻه چار آزاد پلي

 

 

Sunday, 6 September 2026

 

            ڪتاب دوست مٺا دلدار.............................ڀاڱو ٽيون                                       

                            عاشق حسين ڇورو       (پٿورو)

               عاشق حسين ڇورو جو جنم 24 فيبروري 1954ع ۾ شمس الدين ڇوري جي گهر ۾ ڳوٺ آتڻا موري تعلقه سنڌڙي ضلع ميرپورخاص ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول پٿوري مان ۽ ڇهون اڪڙي لڳ ”حر ڪيمپ“ مان پاس ڪيو. ان بعد حيدرآباد هليا ويا ۽ اتي 1967ع ڌاري نائون ۽ ڏهون ڪلاس پڙهيا. 1970ع ۾ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو. تعليم پوري ڪرڻ بعد پنهنجي خانداني زمينداري کي سنڀالڻ لڳو. زمينداري سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ به ڀرپور شرڪت ڪرڻ لڳا. پ ـ پ ۾ شروع کان پاڻ رهيا آهن. 1970ع ۾ ڀٽي صاحب جو پهريون جلسو عمرڪوٽ ۾ ڪرائيندڙ پاڻ آهي! جنهن جو سمورو خرچ پاڻ ڪيائين. انهي دور ۾ پاڻ ٽائون ڪميٽي پٿورو جا صدر ٿيا. 1979ع ۾ پاڻ  پارٽي جي صدارتي عهدي تان استعيفا ڏئي ٽائون ڪميٽي جا چئرمين بنيا ۽ جڏهن 1982ع ۾ ايم ـ آر ـ ڊي جي تحريڪ شروع ٿي ته پاڻ ٽائون شپ تان استعيفا ڏيئي ان تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽ ان دور جي پڪڙ ڌڪڙ به شروع ٿي ۽ عاشق حسين جو ڀاءُ گلزار ڇورو جيڪو پارٽي جو عهديدار هيو سو جيل ۾ به ويو ۽ عاشق حسين جو نالو به لسٽ ۾ شامل هيو، پر ان وقت جو ايس ـ ڊي ـ ايم عمرڪوٽ سيد علينواز شاهه هو جنهن کيس جيل وڃڻ کان بچايو. 2007ع ۾ آصف زرداري جڏهن ٻاهران کان پاڪستان آيو ته سڀني پارٽي جي ڪارڪنن کي گهرايو جن ۾ عاشق حسين ڇورو پڻ شامل هو. اهڙي طرح عاشق حسين پارٽي سان هر ڏُک سُک ۾ گڏ رهي ۽ اڃا تائين گڏ آهي! پاڻ هن وقت پي ـ پي جو تعلقه صدر آهي. پاڻ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏوگڏ بطور ڊونيٽ پنهنجي کاتي جي زمين مان 4 ايڪڙ واٽرسپلاءِ اسڪيم پٿورو لاءِ ، 4 ايڪڙ ڊرينيج سسٽم پٿورو لاءِ ، منو ايڪڙ کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ واري اسڪيم لاءِ بطور ڊونيٽ ڏئي چڪا آهن.

 

 

 

    ڪتاب دوست مٺا دلدار...............................ڀاڱو ٽيون

                  رضا محمد دل (ڳوٺ سومار دل پروڙ)

 

      پروڙ جي ڀٽن جي مٽي مان جنم وٺندڙ نوجوان رضا محمد دل ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي سندس فن سندس سڃاڻپ آهي. رضا محمد جو جنم 8 جون 1970ع تي محمد حسن دل جي گهر ۾ ڳوٺ سومار دل ديهه ٻريجي تعلقه پٿورو ۾ ٿيو. سردار لطف علي دل کي پٽ جي اولاد ڪانه هئي انهي ڪري سندس ڀاءُ محمد حسن کان رضا محمد پٽ ڪري ورتائين. رضا محمد جي پرورش سردار لطف علي دل جي گهر ۾ ڏاڍي نازن سان ڪوڏن سان ٿي. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. ڇهون درجو هاءِ اسڪول شاديپلي مان ۽ 1987ع ۾ ستون ڪلاس گورنمنٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص ۾ هاسٽل ۾ رهي اُتان ميٽرڪ 1990ع ۾ پاس ڪيو. 1991ع ۽ 1992ع ۾ انٽر ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ مان B.A پرائيويٽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ هڪ سال نيشنل بئنڪ عمرڪوٽ ۾ ڪلارڪ جي ڊيوٽي ڪيائين. پهرين شادي 1994ع تي سردار لطف علي دل جي نياڻِي سان ڪيائين جنهن ان جي ٻي شادي 12 ڊسمبر 2004ع ۾ ڪرائي جنهن ۾ ان وقت جو وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم به شرڪت ڪئي هئي. سندس اولاد ۾ ٻه پٽ حافظ حزب الله، ٻيو ذڪاءُ الله ۽ هڪ نياڻِي حفضه آهي.

آرٽ جو فن؛ـ کيس ننڍپڻ کان ئي آرٽ سِکڻ جو شوق هو انهي شوق جي ڪري پاڻ پراڻين شين کي گڏ ڪرڻ، يعني پراڻا سِڪا، بندوقون، ٺِڪر جا ٿانوَ، پراڻا جنڊ، ڪتاب ۽ ٻيون شيون گڏ ڪندو هو. سائنسي مضمونن ۾ کيس تمام گهڻي دلچسپي هئي. انهي جي ڪري سائنسي ايجادن جي طرف سندس لاڙو ٿيو، شروع ۾ پاڻ هڪ جهاز جو ماڊل ٺاهيوجيڪو پيراشوٽ ذريعي اڏاماڻو هو، پر جهاز ٺهڻ کانپوءِ پاڻ پيراشوٽ نه وٺي سگهيو. وري ماچيس ۽ پاڪيٽن کي گڏ ڪري هڪ جهاز ٺاهيائين. ان بعد سنڌڙي انب کي بوتل اندر بند ڪري ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيائين. ان بعد ڪيترائي ماڊل بوتلن اندر ٺاهيائين انهن ۾ 1 ـ توپ جو ماڊل 2ـ مائڪرو اسڪوپ جو ماڊل 3ـ تاج محل آگره وارو ماڊل 4ـ کاٽي واري مشين جو ماڊل 5ـ البدر جنگي جهاز جو ماڊل 6ـ معصوم شاهه جو منارو ماڊل 7ـ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ڌماڪي وارو ماڊل اهي سڀ ماڊل انتهائي مشهور ٿيا جيڪي گهڻا تڻا ماڊل دوست يار کڻي ويا. تازو پاڻٽيلي اسڪوپ ٺاهي ڪامياب تجربو ڪيو آهي. فلائينگ مشين جيڪا پاڻ ايلمونيم بائيڊ جي مدد سان جهاز ٺاهيو جنهن ۾ انجڻ لڳائڻ سان هڪ ماڻهو کي کڻندڙ خود ساخته جهاز تيار ٿي سگهي ٿو. بجلي جي 100و والٽ واري بلب اندر به پاڻ ڪيترائي ماڊل ٺاهيا جن ۾ ٻيڙي، ڪرسي، ليمپ ۽ جهاز شامل آهن. رضا محمد دل هڪ سٺو زميندار به آهي پر هيتري زمين هوندي به سندس شوق ۽ لاڙو فقيري طبيعت ڏانهن آهي. رضا محمد سان ملاقات دوران ان ٻه پنهنجا اهڙا واقعا ٻڌايا جن کي هو ڪڏهن به وساري نه سگهندو.

 هڪ واقعو ؛ـ جيئن ته سردار لطف علي دل کي اولاد نه هو ان کيس نپايائين، جنهنڪري سندس پيءُ ۽ ماءُ جي محبت کان پري رهيو، سندس ماءُ پيءُ شروع ۾ پنهنجي پاڻ کان ڌار ڪري پويان روئندا هئا. اُهو ان ڪري ته پنهنجي اولاد سان محبت نه ٿئي ۽ ڀاءُ کي ڏنل زبان ۽ واعدو خراب نه ٿئي.

ٻيو واقعو؛ـ 2011ع جي ٻوڏ پئي ته سندس جهلوري واري ٻني تي فصل سڄو ٻڏي ويو. گورنمنٽ طرفان ڪا واهر نه ٿيڻ ڪري هاري وٽس دانهي آيا ته پاڻ ان وقت پنهنجي جيپ ۾ چڙهي سڌو مختيارڪار آفيس آيو ۽ مختيار ڪار سان جهڙپن کانپوءِ مختيارڪار اچي جڏهن فصل ۽ هارين جو حال ڏٺو ته کائنس معافي ورتائين. هن 11 لک پنجاهه هزار قرض هارين تان معاف ڪري ڇڏيو ۽ گاڏي وڪڻي هارين کي انهي ٻوڏ کان ٻاهر ڪڍيائين ۽ اصل بچتون بروقت ادا ڪيون. اهڙي طرح هي ماڊل آرٽسٽ رضا محمد باڪردار شخص آهي. ڳوٺ جا ماڻهو کيس گليلو سائنسدان چون ٿا. شال الله پاڪ کيس وڏي زندگي عطا ڪري . آمين  

 

 

 

ڪتاب دوست مٺا دوست دلدار................ڀاڱو ٽيون

 

                  فقير عبدالغني هنڱورو(شادي پلي)

نالو          فقير عبدالغني هنڱورو

ولد          ڦلو خان هنڱورو

ڪرت       رٽائرڊ داروغو ۽ زميندار

پئدائش      1957ــ11ــ5

صنفون      غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نعت وغيره

سندس ڪلام جو نمونو

رب جوڙي جهان بنايو، برصغير ۾ ملڪ پاڪستان بنايو

شهيدن جي رتڙي عجب رنگ لايو،

بچيا سي مٿان تن بابا قوم آيو

لايا کي رومي ڪا سياست چمڪايو،

ڀري ڀيپ پنهنجا پوءِ هنگامون مچايو

مسڪينن کي ڏس هنن ڪيئن ڦاسايو،

 اسان تي آهي رب جو سايو.

...................................................................................................

حضور اڪرم صلي الله جي شان ۾؛ـ

اول آخر محمد سردار بنجي آيو، ٿي ڀلائي سرڪار نبي آيو،

روشن آ رات ڪاري چمڪي پئي دنيا ساري

مهندار نبي آيو

واهه خدا تنهنجي خدائي ڪل نه ڪنهن ڪائي

ٿئي محبوب جي ڀلائي آڌار بڻجي آيو.

حامي هو ”فقير“ آهي ضامن ٿيندو محشر جو،

رهندو سدائين دلين ۾ دلدار بنجي آيو.

موليٰ حسين عليه السلام جي شان ۾

عظيم جهان ۾ آ عظمت حسين جي،

دوران عبادت ٿي شهادت حسين جي

سِر کي ڪيو سوار نيري جي نوڪ تي،

بازار شام ۾ گونجي تلاوت حسين جي.

زخمن سان جسم پروڻ هو جسم زهره جي لال جو،

ملعون ٿيو مردار زنده آ تاريخ حسين جي.

اميد ”فقير“ آ مايوسي ڪفر آ،

بخشش جو وسيلو آهي ضمانت حسين جي.

.......................................................................................................................

مرد مٿيرن لاءِ

ڪري ڳاٽ اونچو جهونجهار هليا، پٽ سنڌُو جا وفادار  هليا.

حر سورهيه سان گڏ سردار هليا

ڌرتي جا ڄاوا ڪونڌر، کڻي تيز تنگ تلوار هليا،

قدرت جي عظمت جا وارث مرڪي گڏ سالار هليا

دڙ دڙ ڌرتي دُرڪي، دلبر دل گهريا دلدار هليا.

......................................................................................................................

نغمون

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا،

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

ڇا ساز ڇا آواز اهيو به انداز آ، سُر ڇيڙيا تند تار جا،

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

هر طرف مهڪي هوا ۾ خوشبوءِ پئي، ٽڙيا ڪنچار جا.

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

پيارن جون پچارون پهر پهرين ۾ ٿيو، قاصد آهن يار جا.

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

...............................................................................................................

ڪلام

نينهن وارن جا نيڻن جا، اشارا نيٺ ماريندا،

سنواري ٿو وار ڪارا، اشارا نيٺ ماريندا.

رکي رخسار تي هٿڙو، ڪرين ٿو پيار جا سڏڙا،

مرن ٿا مون پيارا، اشارا نيٺ ماريندا.

”فقير“ رات خوابن ۾، حسن سان حجابن ۾،

جيئن آڪاش ۾ تارا، اشارا نيٺ ماريندا.

ملائي ناز مان نظرون، ڪري ٿو قرب جون خبرون،

وڻين ٿو پوءِ پيارا، اشارا نيٺ ماريندا.

........................................................................................................................

شڪوھ

راڻو ماڻهو، داڻو ماڻهو، خريدي پيو ڪو ڪاڻو ماڻهو،

روز وڪامن رستن تي، سي ناهن تنهنجا ماڻهو.

موٽا ماڻهو لوٽا ماڻهو، ڪي آهن صفا کوٽا ماڻهو،

ڏک پراوا پنهنجا سمجهن، سي ناهن تنهنجا ماڻهو.

سفيد ماڻهو، بينظير ماڻهو، ڪي دلدار ”فقير“ ماڻهو،

پليل جيڪي نياز ۾ گهاريل. سي ناهن تنهنجا ماڻهو.

هيٺ ڏس تون جهاتي پائي، پنهنجن سان اک ملائي،

ڌڻ تون وڃ پنهنجو ڪاهي، پنهنجن تي نشان لڳائي،

هن جا ماڻهو هُن جا ماڻهو، ڪهڙا آهن تنهنجا ماڻهو،

انگ اُگهاڙا پيٽ بُکيا، سٺا ناهن تنهنجا ماڻهو.

ماري ماڻهو، قهاري ماڻهو، ڏين نه دلداري ماڻهو

لڄ سلامت جن جي ناهي، سي ناهي تنهنجا ماڻهو.

.......................................................................................................................

 

Saturday, 5 September 2026

 

       ڪتاب دوست مٺا دلدار............................ڀاڱو ٽيون

             فيروز عبدالله پلي ( ڳوٺ فقير محمد پلي)

فيروز سان منهنجي پهرين ماقلاقات  خادم پلي ڪرائي فيروز تمام سٺو نوجوان شاعر آهي شادي پلي جي تاريخ ڪتاب ۾ شادي پلي جي شاعري هٿ ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪيائين.

فيروز هڪ سٺو پرائمري استاد پڻ آهي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب تي پڻ ڪم رهيو آهي الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمين

سنسس ڪلام جو

غزل

تنهنجي تعريف ڪهڙي ڪريان مختصر

سونهن تنهنجي اڳيان چاندني بي اثر

توکي ڀيٽيان گُلن سان گنهگار ٿيان

آهين گلڙن گلابن کان تون معتبر.

هي ستارا ڪتيون ڪهڪشائون ڪڪر،

هاءِ شمس و قمر تنهنجي هڪڙي نظر.

سنڌ ورسٽي سڄي واسجي ٿي وڃي،

زلف تنهنجا ڇُهي ٿي هوا جنهن پهر.

ڄامشوري تي ٿورو آ تنهنجو رهيو،

پٿرن جو نگر سونهن جو ٿيو شهر.

سونهن تنهنجي تي لکجي ته موضوع گهڻا،

سوچندي سوچندي ٿيو وڃي ٿي سحر.

آ جڏهن کان ڏٺو ڏور رهجي نٿو،

دل ٿي چاهي ته سامهون هُجي هر پهر.

................................................................................................................................

نظم

مون ته چاهيو گهڻو توسان گڏگڏ رهان،

تنهنجون ڳالهيون ٻڌان توسان ڳالهيون ڪريان

تنهنجي نيڻن نشيلن مان سُرڪيون ڀريان،

تنهنجي وارن وڏن ۾ مان اُلجهيل رهان

گيت توتي لکان ، بيت تو لاءِ چوان،

ڪيئي ڪورا پنا آئون تو لاءِ ڀريان.

ڪائناتن کان توکي مان افضل چوان،

هاءِ ڄاڙا ڀِرون حجر اسود چوان.

مهڪندڙ موتيا ۽ چنبيليون گلاب،

تنهنجي گهري جي خوشبو کان گهٽ ڀائنيان چنڊ کي پيو مان هر هر چتائي ڏسان،

پر سو پُرنُور چهرو اُتم ڀائنيان

دل ٿي چاهي ستارن کي ٺاهي ڇڏيان،

سينڌ تنهنجي ۾ سارا سجائي ڇڏيان.

ڇا ته ٺاهيو خدا آهي توکي خدا،

مان خدا جي اڳيان ڇو نه سجدا ڪريان

ٿو تصور ڪريان تنهنجي گوڏي سُمهان،

منهنجي وارن ۾ تون آنڱريون ڦيرجان.

......................................................................................................................

 

 

چنڊ کي پيو مان هر هر چتائي ڏسان،

پر سو پُرنُور چهرو اُتم ڀائنيان

دل ٿي چاهي ستارن کي ٺاهي ڇڏيان،

سينڌ تنهنجي ۾ سارا سجائي ڇڏيان.

ڇا ته ٺاهيو خدا آهي توکي خدا،

مان خدا جي اڳيان ڇو نه سجدا ڪريان

ٿو تصور ڪريان تنهنجي گوڏي سُمهان،

منهنجي وارن ۾ تون آنڱريون ڦيرجان.

......................................................................................................................