Wednesday, 26 August 2026

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار                                                                                             ڀاڱو ٻيو

            خليل احمد کوسو         (ٽنڊوالهيار)

                                واه وڏيرا تنهنجا ڪم،بجلي کائي روڊ رستا کائي وئيي

                                     کائين     ڏمر   جا ڊم   واه        وڏيرا   تهنجا      ڪم

مٿيئين شاعري منهنجي ڳوٺ سومار دل ۾ ٿيل ايڪتا پروگرام  خليل کوسي پڙهي ماڻهن جي منهن  تي مرڪون آنديون.

خليل کوسو سنڌي ٻولي جو هڪ بهترين شاعر آهي.

خليل کوسو قد جو پورو پنو  رنگ جو سانورو اڇي ڄاري واري ٽوپي مٿي تي ڪلهي تي ٽوال اڇي ڏاڙهي سنواري هرڪنهن سان مرڪي ملندڙ  هڪ بهترين انسان آهي.

منهنجون خليل سان 2011ع کان ڪيتريون ڪچهريون ۽ ملاقاتون مختلف ادبي پروگرام ۾ ٿينديون رهنديون آهن.

خليل کوسو سنڌي شاعري سٺي انداز ۾ بيان ڪندو آهي مزاحيه شاعري پڙهڻ ت ڪير کائنس سکي.خليل جا سڀ نظم ڀلا پر ڪارونجهر دريا شاه جهڙا نظم جڏهن خليل کوسو پڙهندو آهي ته لون لون ڪانڊرجي ٿو وڃي.

الله پاڪ سنڌ جي هن ڀلوڙ شاعر کي ڪامل  صحت ۽ تندرستي عطا ڪري آمين

ماڻهو سڀ ن سهڻا پکي سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي

 

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار                                                                                              ڀاڱو ٻيو

                                             سيد سردار علي شاه                    (کاروڙو سيد)

                                  اسان لا سنڌ وطن آهي

                             اسان کي روح تي پاتل ڄڻ بدن آهي

                         اهاآهي زمين منهنجي اهو ئي منهنجو گگن آهي

اهي خوبصورت سٽون سرجندڙ  سيد سردار علي شاه آهي

سيد سرداعلي شاه سٺو شاعر ۽ سياستدان پڻ آهي2013 کان سنڌ اسيمبلي جي ڪيترن ئ عهدن تي رهيو آهي

منهنجون سيد سردار شاه سان ڪافي ملاقاتون ٿيون آهن

سيد سردار علي شاه قد جو پورو پنو  رنگ جو پڪو ٻانهن ۾ گهڙي  ٻانهن جا ڪالر مٿي کڻي هلندڙ  هڪ خوش مزاج يار ويس ماڻهو آهي

وڏن عهدن تي رهي به  منجهس ڪا وڏائي ڪانهي  .رب پاڪ  کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمين

مون کي سندس هي نظم تمام گهڻو وڻندو آهي            

              اسان لا سنڌ وطن آهي

                             اسان کي روح تي پاتل ڄڻ بدن آهي

                         اهاآهي زمين منهنجي اهو ئي منهنجو گگن آهي

                                   اها بهشت منهنجي آ

                             اهو باغ عدن آهي

           اهو دل ديس منهنجو  آ بنا جنهن جي اگهاڙو مان

                   وطن ويس منهنجو آ

      چوين تو ٿوته  جسم منهنجي تان اهو ويس لاهيندي

ڪري ليڙون لڱن جون بدن منهنجو ورهائيندي ڪندي ٽڪرا محبت جا

نوان نقشا بڻائيندي اهون ناٽڪ رچائنيدي لڪي وار ڪرڻو اٿئي

اسان جي روح کي ڌار ڪرڻو اٿئي وطن ۾ ساه منهنجو آ

وطن جو پڙهيو  ڪلمو آ وطن تن لا ڪفن آهي

اسان لا سنڌ وطن آهي  

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار _____________________ ڀاڱو ٻيو

استاد علي اڪبر پنهور    (شادي پلي)

هائي اسڪول جي پڙهائي وارو دور ڏاڍو ڀلو هوندو هو اهي ننڍپڻ جا ڏينهن ۽ سانوڻ جا مينهن ڪنهن کي وسريا آهن جو مون کان وسرندا.

1996  پنجون ڪلاس پاس ڪري   مون هائي اسڪول شادي پلي ۾ داخل ورتي  اسان ڳوٺ سومار دل جا چوڏهن چوڪرا روز  اسان جي ڳوٺان پنج ڪلوميٽر پمڏ ڪري شادي موڙ تان بس ۾ چڙهي  شادي پلي هائي اسڪول ايندا هئاسين انڪري صبح جي اسمبلي ۾ دير سان پهچڻ ڪري اسان جي نيرن روز موچڙن سان  ٿيندي هئي.

هائي اسڪول جا سڀ استاد نهايت شفيق پيار ڪندڙ هئا پر سائين علي اڪبر جي ڏنل مار ۽ پيار ڪڏهن ڪون وسرندو

سائين علي اڪبر پڙهائي سان گڏ  راند روند ۽ لکڻ پڙهڻ جي ٻين سرگرمين ۾ هميشه حوصلاافزائي ڪندو هو

سائين علي اڪبر هائي اسڪول جو هڪ بهترين ۽ محنتي استاد ٿي رهيو آهي.

الله پاڪ کيس ڪامل صحت  ۽ تندرستي ڏي آمين

درسگاهن سان دل منهنجي ڪتب خانو منهنجو وطن

ڪتابن سان ٿيندس دفن ورق ٿيندا منهنجو ڪفن

 


ڪتاب دوست مٺادلدار                                                            ڀاڱو ٻيو

مرحوم سيد ديدار شاه لڪياري         (بچابند)

مون جي ڏٺا ماءءِ جن ڏٺو پرين کي                                                                         تنين سندي ڪا ڪري نه سگهان ڳالهڙي

اسان جو ضلعو عمرڪوٽ علم ادب جي لحاظ کان زرخيز آهي انهي ادبي کيتر مرحوم محمد عمر عرف معمور يوسفاڻي،سندن ۽ سندس شاگردن  جون ادبي ڪاوشون ڪنهن کان گهٽ ناهن

انهي ادبي کيتر ۾ سيد ديدار شاه لڪياري پڻ هيو

منهنجون ملاقاتون ديدار شاه سان معمور يوسفاڻي جي ورسي ۾ ٿيون ان کان پو هڪ ن وسرڻ جهڙي ملاقات  مرحوم تاج محمد هاليپوٽي سان گڏ سندس ڳوٺ ٿي،

تاج محمد هاليپوٽي فون ڪري چيو ابا يوسف  سڀاڻي پاڻ پٿوري تعلقي  جي تاريخ تي ڪتاب لا ڪجه دوستن سان صلاح مشورا ڪرڻ لا هلنداسين اسين توهان کي شادي پلي موڙ تان کڻداسين،

بئي ڏيهن پروگرام مطابق  شادي پلي موڙ تان تاج محمد هاليپوٽي وارن سندي گاڏي ۾ کنيو ۽ پو اسين انهي ادبي دوري لا روانا ٿياسين ان ادبي دوري جي پهرين ملاقات ديدار شاه سان هئي  ٿوري دير ۾ اسين  سندس ڳوٺ پهتاسين .مسجد جي سامهون رکيل ڪرسي تي سندس پٽ سيد ذاڪر شاه پڻ اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو  ٿوري دير بعد سيد ديدار شاه ڪنڍي واري لٺ جي سهاري اچي اسان سان مليو

چانهه پيئڻ کان پو چاچي تاج ۽ ديدار شاه  ادبي ڪچهري شروع ٿي ۽ مون جهڙي ناچيز  شخص ب اهڙي رهاڻ  جو حصو رهيو

ڪجهه دير کان پو اسين ٽئي چاچي تاج محمد جي گاڏي ۾ چڙهي پهرين پٿوري  اچي اشرف ڪولاچي سان ملياسين  پو ورري گرهوڙ واري روڊ تي ڳوٺ بادل نهڙي ۾ عبدالرزاق نهڙي جي اوطاق تي پهتاسين نوجوان عبدرزاق اسان سڀني جو سٺو آڌر ڀاءَ  ڪيو سڀني کي اجرڪون اوڍايون  ان کان پو اسان کاهي جي طرف روانا ٿياسين  ڪجه دير بعد مرحوم ولي سروري جي اوطاق تي  ولي سروري جي پٽن سان تاريخي ڪچهري ڪري  واپس اچي سيد ديدار شاه جي ڳوٺ ماني کائي واپس موٽياسين

ان ادبي دوري کانپو سيد ديدار شاه فون ڪري مون کان حال احوال وٺندو رهندو هو، ڪجهه سال پهرين سندن انتقعال ٿيو آهي  رب پاڪ کيس جنت ۾ جاءءِ ڏي آمين

آديسي آديسي هتان ڪري هليا

ڪاپڙين قلب ۾ڪيو ڏوراڻو ڏيس

ويراڳي نئون ويس راول ڍڪي رميا  

 

 

Wednesday, 12 August 2026

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار                                            ڀاڱو ٻيو

شير محمد  ها ليپوٽو (ڪوٽ غلام محمد)

ڪڏه توتي دواردل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ

ٻ لڙڪ آلا تڏهن ب هوندا متان چوين آجيان ن ٿيندي

 جهڙي آ سهڻي ب سنڌ اهڙا  سهڻا آهن ماڻهو سنڌ جا .اسان جو پيارو دوست شير محمد هاليپوٽو  ب اهڙن پيارن دوستن مان هڪ آهي شير محمد قد جو ڊگھو، چاپئين ڏاڙهي رنگ جو سانورو مٿي تي سنڌي ٽو پي پاءِ هلندڙ سنڌ جو البيلو شاعر آهي منهجي ڪيتريون ئي ڪچهريون ساڻس ٿينديون رهنديون آهن مختف ادبي پروگرامن ۾.پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي سندس شاعري جا ڪتاب ب ڇپيل آهن

رب پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي عطا ڪري آمين

وهي تون نه وسار متان تون ن وڃي وسري

له انهن جي سار سارين جيڪي سڪ مان

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار                                                                                   ڀاڱو ٻيو

              عبدالمومن ميمڻ   (ڪراچي)

                              وهي تون نه وسار متان تون ن وڃي وسري

                              له انهن جي سار سارين جيڪي سڪ مان

سال 2011ع ڌاري سنڌي ليکڪن جي  تربيت  واري ڪورس ۾ پاڪستان جي چئن صوبن مان هر ٻولي جا ليکڪ آيل هئا اسان جي صوبي سنڌ جي هر ضلعي مان سڀ سنڌي ليکڪ پڻ آيل هئا اهو پروگرام انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آباد جي دعويٰ ايڪڊمي جي طرفان فيصل مسجد اسلام آباد ۾ رکيو ويو هو.

منهنجي خوشقسمتي چئبي جو مون جهڙي ننڍڙي ليکڪ کي ان پروگرام ۾ انهن شامل ڪيو.

عبدالمومن ميمڻ سان منهنجي پهرين ملاقات فيصل مسجد جي گسٽ هائوس تي ٿي هئي.  عبدالمومن ميمڻ قد جو ڊگهو رنگ جو پڪو سانورو  سهڻي ڪاري ڏاڙهي مٿي تي  سنڌي ٽوپي ڪارو ڪوٽ ننڍو مفلر اوڍيل هڪ بهترين شخص پهرين ملاقات ۾ اوپورو ڪونه ٿي لڳو .

پاڻ سنڌيڪا ايڪيڊمي  ۾ ڪم ڪندا آهن بهترين ليکڪ  آهن سندن ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن.

ان پروگرام ۾ ست ڏينهن گڏ گذاريا ڪيتريون  قرب ڀريون ڪچهريون روح ڀريون رهاڻيون ڪيوسين  ڪڏهن رات جو فيصل مسجد واري گيسٽ هائوس رات جو مشاعرو ڪڏهن ابي رهاڻ ت ڪڏهن پنهنجي صوبي جي سنڌي شاگردن وٽ ڪويت هاسٽل تي وڃي ڪچهري ڪرڻ اهي يادگيريون ڪڏهن ڪونه وسرنديون . الله پاڪ عبدالمومن ميمڻ کي ڪامل صحت ڏي آمين.

                        منجهان منهنجي روح وڃي ساجن وسري

                                    مر لڳي لوح ته ٿر ٻاٻيهو ٿي مران

 

Tuesday, 11 August 2026

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار                            ڀاڱو ٻيو

        ڊاڪٽر عبداحئي ابڙو      اسلام آباد                 

هزارون سال نرگس اپني بي نوري پي روتي هي

بڙي مشڪل سي هوتا هي چمن ۾ ديدآورپيدا

اسلام آباد اسان جي ملڪ جو گادي جوهنڌ وارو سهڻو شهر آهي.اسلام آباد آئون پهريون ڀيرو دعويٰ ايڪڊمي جي ليکڪن جي تربيت واري ڪورس ۾ شريڪ ٿيڻ اسلام آباد پهتس .

اسلام آباد ۾ ڪيترائي ماڻهو  هر صوبي جا نوڪريون ڪن ٿا .اسان جا سنڌي ب اتي نوڪرين ۾ آهن

اهو پروگرام ليکڪن ۽ شاعرن  جو هو ان ڪري ڪورس جي ٻئي رات فيصل مسجد جي گيسٽ هائوس ۾ ادبي مشاعرو رکيو ويو اهو مشاعرو ستن ٻولين ۾ هو.ان پروگرام ۾ مهان خاص عبدالحئي ابِڙو هئا .منهنجي اتي پهرين ملاقات ٿي.

عبدالحئي ابڙو انٽرنيشنل يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪندو آهي پاڻ اسلام آباد مان ماهوار السنڌ رسالو به ڪڍندو هو.

شال الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڌئي آمين