ڪتاب دوست مٺا
دلدار.............................ڀاڱو ٽيون
عاشق حسين ڇورو (پٿورو)
عاشق
حسين ڇورو جو جنم 24 فيبروري 1954ع ۾ شمس الدين ڇوري جي گهر ۾ ڳوٺ آتڻا موري تعلقه
سنڌڙي ضلع ميرپورخاص ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم گورنمنٽ پرائمري اسڪول پٿوري مان ۽ ڇهون
اڪڙي لڳ ”حر ڪيمپ“ مان پاس ڪيو. ان بعد حيدرآباد هليا ويا ۽ اتي 1967ع ڌاري نائون
۽ ڏهون ڪلاس پڙهيا. 1970ع ۾ انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيو. تعليم پوري ڪرڻ
بعد پنهنجي خانداني زمينداري کي سنڀالڻ لڳو. زمينداري سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ به
ڀرپور شرڪت ڪرڻ لڳا. پ ـ پ ۾ شروع کان پاڻ رهيا آهن. 1970ع ۾ ڀٽي صاحب جو پهريون
جلسو عمرڪوٽ ۾ ڪرائيندڙ پاڻ آهي! جنهن جو سمورو خرچ پاڻ ڪيائين. انهي دور ۾ پاڻ
ٽائون ڪميٽي پٿورو جا صدر ٿيا. 1979ع ۾ پاڻ
پارٽي جي صدارتي عهدي تان استعيفا ڏئي ٽائون ڪميٽي جا چئرمين بنيا ۽ جڏهن
1982ع ۾ ايم ـ آر ـ ڊي جي تحريڪ شروع ٿي ته پاڻ ٽائون شپ تان استعيفا ڏيئي ان
تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽ ان دور جي پڪڙ ڌڪڙ به شروع ٿي ۽ عاشق حسين جو ڀاءُ گلزار
ڇورو جيڪو پارٽي جو عهديدار هيو سو جيل ۾ به ويو ۽ عاشق حسين جو نالو به لسٽ ۾
شامل هيو، پر ان وقت جو ايس ـ ڊي ـ ايم عمرڪوٽ سيد علينواز شاهه هو جنهن کيس جيل
وڃڻ کان بچايو. 2007ع ۾ آصف زرداري جڏهن ٻاهران کان پاڪستان آيو ته سڀني پارٽي جي
ڪارڪنن کي گهرايو جن ۾ عاشق حسين ڇورو پڻ شامل هو. اهڙي طرح عاشق حسين پارٽي سان
هر ڏُک سُک ۾ گڏ رهي ۽ اڃا تائين گڏ آهي! پاڻ هن وقت پي ـ پي جو تعلقه صدر آهي.
پاڻ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرائڻ سان گڏوگڏ بطور ڊونيٽ پنهنجي کاتي جي زمين مان 4 ايڪڙ
واٽرسپلاءِ اسڪيم پٿورو لاءِ ، 4 ايڪڙ ڊرينيج سسٽم پٿورو لاءِ ، منو ايڪڙ کاري
پاڻي کي مٺو ڪرڻ واري اسڪيم لاءِ بطور ڊونيٽ ڏئي چڪا آهن.
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو