ڪتاب دوست مٺا
دلدار.........................................ڀاڱو ٻيو
محمد اشرف ڪولاچي
(پٿورو)
ائين
دلدار منهنجي دلدار کي محبت جي ضرورت آ
جيئن
دنيا کي بي انداز دولت جي ضرورت آ
شاهه عبدالطيف ڊگري ڪاليج ميرپورخاص ۾ جڏهن پڙهندو هئس مون سان گڏ پرين پيارو دوست اشرف ڪولاچي پڻ پڙهندو هو اسين روزانو هڪ بس ۾ سفر ڪندا
هئاسين انڪري اسان جون ڪچهريون سفر دوران بس ۾ ٿينديون هيون
ڪاليج پاس ڪرڻ کان خبر ئي نه پئي ڪو ڪيڏانهن ويو ڪو ڪيڏانهن
ويو ڪافي سالن پو سال 2018ع ۾ منهنجي ملازمت هڪ نجي بئنڪ اين آر ايس پي ۾ پٿورو ۾
ٿي ۽ آفيس چوهاڻ محله ۾ هئي. هڪ ڏينهن اچانڪ منهنجي ملاقات اشرف سان ٿي پئي هڪ ٻئي
کي سڃاتوسون وڃي چانهه پئي هڪ ٻئي کان حال
احوال ورتاسين.
محمد اشرف ڪولاچي هڪ سماجي ڪارڪن آهي پاڻ ڪيتروئي وقت اين
جي اوز۾ ڪندو رهيو
هن وقت پنهنجو پرائيوٽ اسڪول ماڊرن پبلڪ اسڪول پٿوري ۾
کوليو اٿس جنهن کي هو سنڀالي ٿو انڪري
سندس اسڪول جي پروگرامن ۾ منهنجو ضرور وڃڻ ٿيندو آهي
الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمين
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو