ڪتاب دوست مٺا
دلدار............................ڀاڱو ٽيون
فيروز عبدالله پلي ( ڳوٺ فقير محمد
پلي)
فيروز سان منهنجي پهرين ماقلاقات خادم پلي ڪرائي فيروز تمام سٺو نوجوان شاعر آهي
شادي پلي جي تاريخ ڪتاب ۾ شادي پلي جي شاعري هٿ ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪيائين.
فيروز هڪ سٺو پرائمري استاد پڻ آهي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب تي پڻ
ڪم رهيو آهي الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمين
سنسس ڪلام جو
غزل
تنهنجي تعريف ڪهڙي ڪريان مختصر
سونهن تنهنجي اڳيان چاندني بي اثر
توکي ڀيٽيان گُلن سان گنهگار ٿيان
آهين گلڙن گلابن کان تون معتبر.
هي ستارا ڪتيون ڪهڪشائون ڪڪر،
هاءِ شمس و قمر تنهنجي هڪڙي نظر.
سنڌ ورسٽي سڄي واسجي ٿي وڃي،
زلف تنهنجا ڇُهي ٿي هوا جنهن پهر.
ڄامشوري تي ٿورو آ تنهنجو رهيو،
پٿرن جو نگر سونهن جو ٿيو شهر.
سونهن تنهنجي تي لکجي ته موضوع گهڻا،
سوچندي سوچندي ٿيو وڃي ٿي سحر.
آ جڏهن کان ڏٺو ڏور رهجي نٿو،
دل ٿي چاهي ته سامهون هُجي هر پهر.
................................................................................................................................
نظم
مون ته چاهيو گهڻو توسان گڏگڏ رهان،
تنهنجون ڳالهيون ٻڌان توسان ڳالهيون ڪريان
تنهنجي نيڻن نشيلن مان سُرڪيون ڀريان،
تنهنجي وارن وڏن ۾ مان اُلجهيل رهان
گيت توتي لکان ، بيت تو لاءِ چوان،
ڪيئي ڪورا پنا آئون تو لاءِ ڀريان.
ڪائناتن کان توکي مان افضل چوان،
هاءِ ڄاڙا ڀِرون حجر اسود چوان.
مهڪندڙ موتيا ۽ چنبيليون گلاب،
تنهنجي گهري جي خوشبو کان گهٽ ڀائنيان چنڊ کي پيو مان هر هر
چتائي ڏسان،
پر سو پُرنُور چهرو اُتم ڀائنيان
دل ٿي چاهي ستارن کي ٺاهي ڇڏيان،
سينڌ تنهنجي ۾ سارا سجائي ڇڏيان.
ڇا ته ٺاهيو خدا آهي توکي خدا،
مان خدا جي اڳيان ڇو نه سجدا ڪريان
ٿو تصور ڪريان تنهنجي گوڏي سُمهان،
منهنجي وارن ۾ تون آنڱريون ڦيرجان.
......................................................................................................................
چنڊ کي پيو مان هر هر چتائي ڏسان،
پر سو پُرنُور چهرو اُتم ڀائنيان
دل ٿي چاهي ستارن کي ٺاهي ڇڏيان،
سينڌ تنهنجي ۾ سارا سجائي ڇڏيان.
ڇا ته ٺاهيو خدا آهي توکي خدا،
مان خدا جي اڳيان ڇو نه سجدا ڪريان
ٿو تصور ڪريان تنهنجي گوڏي سُمهان،
منهنجي وارن ۾ تون آنڱريون ڦيرجان.
......................................................................................................................
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو