Wednesday, 2 September 2026

 

                                     ڪتاب دوست مٺا دلدار.............................ڀاڱو ٻيو

                          عبدالله عبد نهڙي( پراڻي شادي پلي)

                 ڪڪر ڪوٽ برج سپرين سڄڻ سهريون ڪن

                       آئون  مٿان  تن  انڊلٺ  ٿي   اڀران

هاءَ اسڪول شادي پلي ۾ جڏهن پڙهندو هئس ته اهو وقت ڏاڍو ڀلو هو صبح جو سوير ڦڪي ڊريس پائي دوستن سان گڏ پنڌ ڪندي شادي پلي موڙ تي پهچي شادي پلي واري بس کي هڪ رپيو ڪرايو ڏئي اسڪول ۾ اچڻ رييس ۾ گڊو جا چڻا چاٽ ۽ ياسين جاپڪوڙا کائڻ اسان جو روز جو مامول هو.

هاءَ اسڪول جي اسمبلي ۾ ته اسين ڪڏهن ڪڏهن پهچنداسين پر اسمبلي ۾ تلاوت ڪڏهن عبدالڪريم مري ته ڪڏهن عبدالله نهڙي سورته العصر ۽ سورته الفيل پڙهندا هئا

عبدالله نهڙي۽ گوبند ميگهواڙ اسان کان وڏين ڪلاسن ۾پر منهنجي دوستي انهن سان  لکڻ پڙهڻ جي ڪري هوندي هئي .

عبد نهڙي مون وانگر اخبارن رسالن ۾ پنهنجي شاعري ۽ مضمون موڪليندو هو

عبد نهڙي تمام سٺي شاعري به ڪري ٿو ۽ تمام سٺو ليکڪ به آهي

عبدالله قد جو پورو پنوسهڻي سونهاري ڏاڙهي مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي هرهڪ سان عاجزي سان ملڻ جلڻ وارو بهترين انسان آهي

عبدالله نهڙي هن وقت پرائمري استاد آهي پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهائي ٿو.پنهنجي اسڪول ۽ ڳوٺ کي ترقي وٺرائڻ لا جستجو ڪندو رهي ٿو.

الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمين

پسي پير پنهون جا نئين سر نيڻ ٺريام.                                             

No comments:

Post a Comment

منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو