ڪتاب دوست مٺا
دلدار............................ڀاڱو ٻيو
راجيش
ڪمار ميگهواڙ ( پراڻي شادي پلي)
هاءِ اسڪول شادي ۾جڏهن پڙهنداهئاسين ان وقت ڇهين ڪلاس ۾
اسان سان گڏ چاليهه کن شاگرد پڙهندا هئا انهن مان ڪن ڇهين درجي ۾ ،ڪنهن ستين درجي
۾ ڪنهن اٺين ۾ ڪنهن نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ ڇڏي ڏنو باقي جيڪي دوست شاگرد گڏ رهيا جن
ميٽرڪ پاس ڪيو انهن دوستن سان چار سال گڏ
پڙهيو هئس انڪري انهن جون يادگيريون لکان پيو.
راجيش ڪمار پٽ لڇمڻ تپيدار پراڻي شادي پلي جو آهي راجيش
ڪمار ان وقت اسان جي ڪلاس ۾ اڳين ڊيسڪن تي فرحان هاليپوٽو . محمد حسن ۽ گنيش ڪمار ويهندا هئا ته رهيا به اڳتي.
راجيش ڪمار ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پو حيدرآباد ۾ رهي اتان انٽر
۽ پو مهراڻ يونيورسٽي مان انجنئرنگ ڪئي هئائين.ڪجهه سال پهرين منهنجي ملاقات سندس
ڳوٺ ۾ ٿي هئي ان هن مون کي ٻڌايو ته هو چائنيز ڪنهن ڪمپني ۾ ملازمت ڪري ٿو تازو
هيئنر چائنا مان موٽيو آهي ان تي ڪافي دير ڪچهري ٿي ان کان پو هاڻي ڪڏهن فيسبڪ تي
ڳالهه ٿيندي آهي .
الله سائين کيس وڌيڪ ڪاميابيون ڏي آمين
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو