Sunday, 6 September 2026

 

ڪتاب دوست مٺا دوست دلدار................ڀاڱو ٽيون

 

                  فقير عبدالغني هنڱورو(شادي پلي)

نالو          فقير عبدالغني هنڱورو

ولد          ڦلو خان هنڱورو

ڪرت       رٽائرڊ داروغو ۽ زميندار

پئدائش      1957ــ11ــ5

صنفون      غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نعت وغيره

سندس ڪلام جو نمونو

رب جوڙي جهان بنايو، برصغير ۾ ملڪ پاڪستان بنايو

شهيدن جي رتڙي عجب رنگ لايو،

بچيا سي مٿان تن بابا قوم آيو

لايا کي رومي ڪا سياست چمڪايو،

ڀري ڀيپ پنهنجا پوءِ هنگامون مچايو

مسڪينن کي ڏس هنن ڪيئن ڦاسايو،

 اسان تي آهي رب جو سايو.

...................................................................................................

حضور اڪرم صلي الله جي شان ۾؛ـ

اول آخر محمد سردار بنجي آيو، ٿي ڀلائي سرڪار نبي آيو،

روشن آ رات ڪاري چمڪي پئي دنيا ساري

مهندار نبي آيو

واهه خدا تنهنجي خدائي ڪل نه ڪنهن ڪائي

ٿئي محبوب جي ڀلائي آڌار بڻجي آيو.

حامي هو ”فقير“ آهي ضامن ٿيندو محشر جو،

رهندو سدائين دلين ۾ دلدار بنجي آيو.

موليٰ حسين عليه السلام جي شان ۾

عظيم جهان ۾ آ عظمت حسين جي،

دوران عبادت ٿي شهادت حسين جي

سِر کي ڪيو سوار نيري جي نوڪ تي،

بازار شام ۾ گونجي تلاوت حسين جي.

زخمن سان جسم پروڻ هو جسم زهره جي لال جو،

ملعون ٿيو مردار زنده آ تاريخ حسين جي.

اميد ”فقير“ آ مايوسي ڪفر آ،

بخشش جو وسيلو آهي ضمانت حسين جي.

.......................................................................................................................

مرد مٿيرن لاءِ

ڪري ڳاٽ اونچو جهونجهار هليا، پٽ سنڌُو جا وفادار  هليا.

حر سورهيه سان گڏ سردار هليا

ڌرتي جا ڄاوا ڪونڌر، کڻي تيز تنگ تلوار هليا،

قدرت جي عظمت جا وارث مرڪي گڏ سالار هليا

دڙ دڙ ڌرتي دُرڪي، دلبر دل گهريا دلدار هليا.

......................................................................................................................

نغمون

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا،

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

ڇا ساز ڇا آواز اهيو به انداز آ، سُر ڇيڙيا تند تار جا،

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

هر طرف مهڪي هوا ۾ خوشبوءِ پئي، ٽڙيا ڪنچار جا.

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

پيارن جون پچارون پهر پهرين ۾ ٿيو، قاصد آهن يار جا.

آيا ڏينهن بهار جا سهڻن جي سينگار جا.

...............................................................................................................

ڪلام

نينهن وارن جا نيڻن جا، اشارا نيٺ ماريندا،

سنواري ٿو وار ڪارا، اشارا نيٺ ماريندا.

رکي رخسار تي هٿڙو، ڪرين ٿو پيار جا سڏڙا،

مرن ٿا مون پيارا، اشارا نيٺ ماريندا.

”فقير“ رات خوابن ۾، حسن سان حجابن ۾،

جيئن آڪاش ۾ تارا، اشارا نيٺ ماريندا.

ملائي ناز مان نظرون، ڪري ٿو قرب جون خبرون،

وڻين ٿو پوءِ پيارا، اشارا نيٺ ماريندا.

........................................................................................................................

شڪوھ

راڻو ماڻهو، داڻو ماڻهو، خريدي پيو ڪو ڪاڻو ماڻهو،

روز وڪامن رستن تي، سي ناهن تنهنجا ماڻهو.

موٽا ماڻهو لوٽا ماڻهو، ڪي آهن صفا کوٽا ماڻهو،

ڏک پراوا پنهنجا سمجهن، سي ناهن تنهنجا ماڻهو.

سفيد ماڻهو، بينظير ماڻهو، ڪي دلدار ”فقير“ ماڻهو،

پليل جيڪي نياز ۾ گهاريل. سي ناهن تنهنجا ماڻهو.

هيٺ ڏس تون جهاتي پائي، پنهنجن سان اک ملائي،

ڌڻ تون وڃ پنهنجو ڪاهي، پنهنجن تي نشان لڳائي،

هن جا ماڻهو هُن جا ماڻهو، ڪهڙا آهن تنهنجا ماڻهو،

انگ اُگهاڙا پيٽ بُکيا، سٺا ناهن تنهنجا ماڻهو.

ماري ماڻهو، قهاري ماڻهو، ڏين نه دلداري ماڻهو

لڄ سلامت جن جي ناهي، سي ناهي تنهنجا ماڻهو.

.......................................................................................................................

 

No comments:

Post a Comment

منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو