Wednesday, 26 August 2026

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار _____________________ ڀاڱو ٻيو

استاد علي اڪبر پنهور    (شادي پلي)

هائي اسڪول جي پڙهائي وارو دور ڏاڍو ڀلو هوندو هو اهي ننڍپڻ جا ڏينهن ۽ سانوڻ جا مينهن ڪنهن کي وسريا آهن جو مون کان وسرندا.

1996  پنجون ڪلاس پاس ڪري   مون هائي اسڪول شادي پلي ۾ داخل ورتي  اسان ڳوٺ سومار دل جا چوڏهن چوڪرا روز  اسان جي ڳوٺان پنج ڪلوميٽر پمڏ ڪري شادي موڙ تان بس ۾ چڙهي  شادي پلي هائي اسڪول ايندا هئاسين انڪري صبح جي اسمبلي ۾ دير سان پهچڻ ڪري اسان جي نيرن روز موچڙن سان  ٿيندي هئي.

هائي اسڪول جا سڀ استاد نهايت شفيق پيار ڪندڙ هئا پر سائين علي اڪبر جي ڏنل مار ۽ پيار ڪڏهن ڪون وسرندو

سائين علي اڪبر پڙهائي سان گڏ  راند روند ۽ لکڻ پڙهڻ جي ٻين سرگرمين ۾ هميشه حوصلاافزائي ڪندو هو

سائين علي اڪبر هائي اسڪول جو هڪ بهترين ۽ محنتي استاد ٿي رهيو آهي.

الله پاڪ کيس ڪامل صحت  ۽ تندرستي ڏي آمين

درسگاهن سان دل منهنجي ڪتب خانو منهنجو وطن

ڪتابن سان ٿيندس دفن ورق ٿيندا منهنجو ڪفن

 


ڪتاب دوست مٺادلدار                                                            ڀاڱو ٻيو

مرحوم سيد ديدار شاه لڪياري         (بچابند)

مون جي ڏٺا ماءءِ جن ڏٺو پرين کي                                                                         تنين سندي ڪا ڪري نه سگهان ڳالهڙي

اسان جو ضلعو عمرڪوٽ علم ادب جي لحاظ کان زرخيز آهي انهي ادبي کيتر مرحوم محمد عمر عرف معمور يوسفاڻي،سندن ۽ سندس شاگردن  جون ادبي ڪاوشون ڪنهن کان گهٽ ناهن

انهي ادبي کيتر ۾ سيد ديدار شاه لڪياري پڻ هيو

منهنجون ملاقاتون ديدار شاه سان معمور يوسفاڻي جي ورسي ۾ ٿيون ان کان پو هڪ ن وسرڻ جهڙي ملاقات  مرحوم تاج محمد هاليپوٽي سان گڏ سندس ڳوٺ ٿي،

تاج محمد هاليپوٽي فون ڪري چيو ابا يوسف  سڀاڻي پاڻ پٿوري تعلقي  جي تاريخ تي ڪتاب لا ڪجه دوستن سان صلاح مشورا ڪرڻ لا هلنداسين اسين توهان کي شادي پلي موڙ تان کڻداسين،

بئي ڏيهن پروگرام مطابق  شادي پلي موڙ تان تاج محمد هاليپوٽي وارن سندي گاڏي ۾ کنيو ۽ پو اسين انهي ادبي دوري لا روانا ٿياسين ان ادبي دوري جي پهرين ملاقات ديدار شاه سان هئي  ٿوري دير ۾ اسين  سندس ڳوٺ پهتاسين .مسجد جي سامهون رکيل ڪرسي تي سندس پٽ سيد ذاڪر شاه پڻ اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو  ٿوري دير بعد سيد ديدار شاه ڪنڍي واري لٺ جي سهاري اچي اسان سان مليو

چانهه پيئڻ کان پو چاچي تاج ۽ ديدار شاه  ادبي ڪچهري شروع ٿي ۽ مون جهڙي ناچيز  شخص ب اهڙي رهاڻ  جو حصو رهيو

ڪجهه دير کان پو اسين ٽئي چاچي تاج محمد جي گاڏي ۾ چڙهي پهرين پٿوري  اچي اشرف ڪولاچي سان ملياسين  پو ورري گرهوڙ واري روڊ تي ڳوٺ بادل نهڙي ۾ عبدالرزاق نهڙي جي اوطاق تي پهتاسين نوجوان عبدرزاق اسان سڀني جو سٺو آڌر ڀاءَ  ڪيو سڀني کي اجرڪون اوڍايون  ان کان پو اسان کاهي جي طرف روانا ٿياسين  ڪجه دير بعد مرحوم ولي سروري جي اوطاق تي  ولي سروري جي پٽن سان تاريخي ڪچهري ڪري  واپس اچي سيد ديدار شاه جي ڳوٺ ماني کائي واپس موٽياسين

ان ادبي دوري کانپو سيد ديدار شاه فون ڪري مون کان حال احوال وٺندو رهندو هو، ڪجهه سال پهرين سندن انتقعال ٿيو آهي  رب پاڪ کيس جنت ۾ جاءءِ ڏي آمين

آديسي آديسي هتان ڪري هليا

ڪاپڙين قلب ۾ڪيو ڏوراڻو ڏيس

ويراڳي نئون ويس راول ڍڪي رميا  

 

 

Wednesday, 12 August 2026

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار                                            ڀاڱو ٻيو

شير محمد  ها ليپوٽو (ڪوٽ غلام محمد)

ڪڏه توتي دواردل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ

ٻ لڙڪ آلا تڏهن ب هوندا متان چوين آجيان ن ٿيندي

 جهڙي آ سهڻي ب سنڌ اهڙا  سهڻا آهن ماڻهو سنڌ جا .اسان جو پيارو دوست شير محمد هاليپوٽو  ب اهڙن پيارن دوستن مان هڪ آهي شير محمد قد جو ڊگھو، چاپئين ڏاڙهي رنگ جو سانورو مٿي تي سنڌي ٽو پي پاءِ هلندڙ سنڌ جو البيلو شاعر آهي منهجي ڪيتريون ئي ڪچهريون ساڻس ٿينديون رهنديون آهن مختف ادبي پروگرامن ۾.پاڻ سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي سندس شاعري جا ڪتاب ب ڇپيل آهن

رب پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي عطا ڪري آمين

وهي تون نه وسار متان تون ن وڃي وسري

له انهن جي سار سارين جيڪي سڪ مان

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار                                                                                   ڀاڱو ٻيو

              عبدالمومن ميمڻ   (ڪراچي)

                              وهي تون نه وسار متان تون ن وڃي وسري

                              له انهن جي سار سارين جيڪي سڪ مان

سال 2011ع ڌاري سنڌي ليکڪن جي  تربيت  واري ڪورس ۾ پاڪستان جي چئن صوبن مان هر ٻولي جا ليکڪ آيل هئا اسان جي صوبي سنڌ جي هر ضلعي مان سڀ سنڌي ليکڪ پڻ آيل هئا اهو پروگرام انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آباد جي دعويٰ ايڪڊمي جي طرفان فيصل مسجد اسلام آباد ۾ رکيو ويو هو.

منهنجي خوشقسمتي چئبي جو مون جهڙي ننڍڙي ليکڪ کي ان پروگرام ۾ انهن شامل ڪيو.

عبدالمومن ميمڻ سان منهنجي پهرين ملاقات فيصل مسجد جي گسٽ هائوس تي ٿي هئي.  عبدالمومن ميمڻ قد جو ڊگهو رنگ جو پڪو سانورو  سهڻي ڪاري ڏاڙهي مٿي تي  سنڌي ٽوپي ڪارو ڪوٽ ننڍو مفلر اوڍيل هڪ بهترين شخص پهرين ملاقات ۾ اوپورو ڪونه ٿي لڳو .

پاڻ سنڌيڪا ايڪيڊمي  ۾ ڪم ڪندا آهن بهترين ليکڪ  آهن سندن ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن.

ان پروگرام ۾ ست ڏينهن گڏ گذاريا ڪيتريون  قرب ڀريون ڪچهريون روح ڀريون رهاڻيون ڪيوسين  ڪڏهن رات جو فيصل مسجد واري گيسٽ هائوس رات جو مشاعرو ڪڏهن ابي رهاڻ ت ڪڏهن پنهنجي صوبي جي سنڌي شاگردن وٽ ڪويت هاسٽل تي وڃي ڪچهري ڪرڻ اهي يادگيريون ڪڏهن ڪونه وسرنديون . الله پاڪ عبدالمومن ميمڻ کي ڪامل صحت ڏي آمين.

                        منجهان منهنجي روح وڃي ساجن وسري

                                    مر لڳي لوح ته ٿر ٻاٻيهو ٿي مران

 

Tuesday, 11 August 2026

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار                            ڀاڱو ٻيو

        ڊاڪٽر عبداحئي ابڙو      اسلام آباد                 

هزارون سال نرگس اپني بي نوري پي روتي هي

بڙي مشڪل سي هوتا هي چمن ۾ ديدآورپيدا

اسلام آباد اسان جي ملڪ جو گادي جوهنڌ وارو سهڻو شهر آهي.اسلام آباد آئون پهريون ڀيرو دعويٰ ايڪڊمي جي ليکڪن جي تربيت واري ڪورس ۾ شريڪ ٿيڻ اسلام آباد پهتس .

اسلام آباد ۾ ڪيترائي ماڻهو  هر صوبي جا نوڪريون ڪن ٿا .اسان جا سنڌي ب اتي نوڪرين ۾ آهن

اهو پروگرام ليکڪن ۽ شاعرن  جو هو ان ڪري ڪورس جي ٻئي رات فيصل مسجد جي گيسٽ هائوس ۾ ادبي مشاعرو رکيو ويو اهو مشاعرو ستن ٻولين ۾ هو.ان پروگرام ۾ مهان خاص عبدالحئي ابِڙو هئا .منهنجي اتي پهرين ملاقات ٿي.

عبدالحئي ابڙو انٽرنيشنل يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪندو آهي پاڻ اسلام آباد مان ماهوار السنڌ رسالو به ڪڍندو هو.

شال الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڌئي آمين             

 

 

 

 

 


ڪتاب دوست مٺا دلدار                            ڀاڱو ٻيو

     پارو مل پريمي       (ميرپورخاص)

صنم  تهنجي خوشبو خطن ۾ رهي ٿي

سدا ياد تنهنجي دل جي چمن ۾ رهي ٿي

دوستي جو رشتو ب هڪ عظيم رشتو هوندو آهي دوستن کان سواءِ زندگي جا هزارين رنگ بي رنگ لڳندا آهن هن زندگي جي سفر ۾ ڪي وڇڙي ويا ت ڪي وسري ويا.

پر ڪجه ڪڏهن ب ناهن وسري سگهندا اهڙو هڪ پرين پيارو دوست پارو مل پريمي آهي.پارو پريمي هميشه پريم ورهايو آهي ڪڏهن لفظن ۾ڪڏهن وري دوستن ۾،

هو هڪ امير دل انسان چئجي تب وڌاءن ٿيندو.پارو پريمي سان منهنجي پهرين ملاقات کيمچند لوهاڻي ڪرائي پهرين ملاقات کانپو  ايئين ٿي لڳوت ڄن اسين هڪ ٻي کي صدين کان سڃاڻندا هجون.

پارو مل پريمي قد جو ڇوٽو رنگ جو پڪو ڪلين شيو نظر وارو چشمي پائيندڙ بهترين انسان آهي

پارو مل پريمي جون ڪيتريون ئي لکڻيون ڇپجي چڪيون آهن هڪ ڪتاب ب ڇپجي چڪو آهي .

رب پاڪ کيس ڪامل صحت ۽  تندرستي ڏي آمين

 

 

 

 

Monday, 10 August 2026

 


     ڪتاب دوست مٺادلدار                                                                               حصو ٻيو

حليم باغي     (عمرڪوٽ)

او ڪپهه انگي ڪامڻي هن ڀون هنئين آ ٽامڻي

تون ۽ مان جهومريون هڻون ان کان ٿي ڪوڙهيا مرون

ڌرتي تي ڌاڙيل گهمن ڪنهن کي ٻڌن ڪنهن کي ڪهن

هي سڀ اسين ڏسندا رهون۽ بس هڪ ٻي ۾ گم رهون

مونکان نه سو پڄندو مٺي هي ڏيهه ڇا چوندو مٺي

ڪجهه ڏهاڙن جو جيئڻ ۽ تو مان پيئن سرڪون مٺي

۽ تنههجون لٽڻ مرڪون مٺي

دل کسيندڙ ڪار آ پر ڇا ڪجي لاچار آ

منهنجي بٺي جي ڀر ڏيئي ڪو وات ڦاٽوڙو چئي

هن ڌوڙ تي ٿڪون هڻو هن هيٺيان آ ستو

ڪو لاٻاڙي بي پتو جنگ هلندي گهر مئو

عبدالحيم ولد محمد سومار ساند جو جنم13 مارچ1963ع ۾ ڳوٺ روحل واءِ ۾ ٿيو.حليم باغي سنڌ جوارڏو پٽ انقلابي ۽ مزاحمتي شاعر آهي.

منهنجي حليم باغي سان پهرين ملاقات 2011ع ۾ راجه رستي ڊاڪٽراسد جمال پلي جي ڳوٺ هڪ ادبي مشاعري ۾ ٿي.ان کان پو منهنجون ڪيتريون ملاقاتون ۽ڪچهريون مختلف  ادبي ميڙاڪن ۾ٿينديون رهيون آهن.

هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي سنڌ ٽي وي وارن ڀٽائي ڪلچرل هال ميرپورخاص ايڪتا مشاعري جو پروگرام ۾ مون هي شاعري پڙهي.

امن جي ڌرتي کي امن ٿو گهرجي

نه سنڌ کي سڙيل  هاڻي ڪو مسجد يا مندر ٿوگهرجي.

اهي سٽون پڙهي آئون اسٽيج تان هيٺ لٿس ته حليم باغي مون سڏ ڪري پٺي ٺپوريندي چيائين ته  

بابا  مسجدون ۽ مندر سڀ پنهنجا  آهن.

بس سندس اها حوصلاافزائي  مون کان ڪڏهن ڪون وسرندي،

رب پاڪ اسان جي هن املهه ماڻڪ کي وڏي حياتي ڏي آمين