Saturday, 5 September 2026

 

       ڪتاب دوست مٺا دلدار............................ڀاڱو ٽيون

             فيروز عبدالله پلي ( ڳوٺ فقير محمد پلي)

فيروز سان منهنجي پهرين ماقلاقات  خادم پلي ڪرائي فيروز تمام سٺو نوجوان شاعر آهي شادي پلي جي تاريخ ڪتاب ۾ شادي پلي جي شاعري هٿ ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪيائين.

فيروز هڪ سٺو پرائمري استاد پڻ آهي سنڌي ٻاراڻي ڪتاب تي پڻ ڪم رهيو آهي الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمين

سنسس ڪلام جو

غزل

تنهنجي تعريف ڪهڙي ڪريان مختصر

سونهن تنهنجي اڳيان چاندني بي اثر

توکي ڀيٽيان گُلن سان گنهگار ٿيان

آهين گلڙن گلابن کان تون معتبر.

هي ستارا ڪتيون ڪهڪشائون ڪڪر،

هاءِ شمس و قمر تنهنجي هڪڙي نظر.

سنڌ ورسٽي سڄي واسجي ٿي وڃي،

زلف تنهنجا ڇُهي ٿي هوا جنهن پهر.

ڄامشوري تي ٿورو آ تنهنجو رهيو،

پٿرن جو نگر سونهن جو ٿيو شهر.

سونهن تنهنجي تي لکجي ته موضوع گهڻا،

سوچندي سوچندي ٿيو وڃي ٿي سحر.

آ جڏهن کان ڏٺو ڏور رهجي نٿو،

دل ٿي چاهي ته سامهون هُجي هر پهر.

................................................................................................................................

نظم

مون ته چاهيو گهڻو توسان گڏگڏ رهان،

تنهنجون ڳالهيون ٻڌان توسان ڳالهيون ڪريان

تنهنجي نيڻن نشيلن مان سُرڪيون ڀريان،

تنهنجي وارن وڏن ۾ مان اُلجهيل رهان

گيت توتي لکان ، بيت تو لاءِ چوان،

ڪيئي ڪورا پنا آئون تو لاءِ ڀريان.

ڪائناتن کان توکي مان افضل چوان،

هاءِ ڄاڙا ڀِرون حجر اسود چوان.

مهڪندڙ موتيا ۽ چنبيليون گلاب،

تنهنجي گهري جي خوشبو کان گهٽ ڀائنيان چنڊ کي پيو مان هر هر چتائي ڏسان،

پر سو پُرنُور چهرو اُتم ڀائنيان

دل ٿي چاهي ستارن کي ٺاهي ڇڏيان،

سينڌ تنهنجي ۾ سارا سجائي ڇڏيان.

ڇا ته ٺاهيو خدا آهي توکي خدا،

مان خدا جي اڳيان ڇو نه سجدا ڪريان

ٿو تصور ڪريان تنهنجي گوڏي سُمهان،

منهنجي وارن ۾ تون آنڱريون ڦيرجان.

......................................................................................................................

 

 

چنڊ کي پيو مان هر هر چتائي ڏسان،

پر سو پُرنُور چهرو اُتم ڀائنيان

دل ٿي چاهي ستارن کي ٺاهي ڇڏيان،

سينڌ تنهنجي ۾ سارا سجائي ڇڏيان.

ڇا ته ٺاهيو خدا آهي توکي خدا،

مان خدا جي اڳيان ڇو نه سجدا ڪريان

ٿو تصور ڪريان تنهنجي گوڏي سُمهان،

منهنجي وارن ۾ تون آنڱريون ڦيرجان.

......................................................................................................................

 

 

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار..............................ڀاڱو ٽيون

ڊاڪٽر منصور علي خان ( لاهور)

سال 2010ع ۾ منصوره لاهور ۾ تصنيف ۽ تاليف وارو ڪورس ڪرڻ ويس ان ڪورس ۾ چئني صوبن مان ٽوٽل يارهن ڄڻا ۽ سنڏ مان فقط آئون هڪڙو ڄڻو هئس مونکي ان ڪورس لا مرحوم اميرالدين مهر موڪليو هو،هو

ڊاڪٽر منصور علي خان سان منهنجي ملاقات ان ڪورس ۾ اداره معارف اسلامي جي آفيس ۾ لاهور ۾ ٿي .

ڊاڪٽر منصور علي خان ان ڪورس ۾ تحيق جا اصول ۽ تحيق ڪئي ڪجي اسان کي سيکاريندو هو پورا ٽي مهينا لاهور ۾ رهي اهو تصنيف ۽ تاليف جو ڪورس مڪمل ڪري مقالو لکي سرٽيفيڪٽ وٺي واپس آيس.

ڊاڪٽر منصوره هڪ بهترين اسڪالر هو فزڪس تي سندس پي ايڇ ڊي هئي ڊاڪٽر عبدالقدير جو دوست هو،هو ٻين ملڪن جاپان، سميت ڪيترن ملڪن ۾ ليڪچر ڏيڻ لا ويندو.

 

 

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار.............................. ڀاڱو ٽيون

 

    مرحوم    تاج محمد ”تاج“ هاليپوٽو (پراڻي شادي پلي)

                                                                                                

                        ناري پٽ جي سرزمين ڪيترن ئي املهه ماڻڪن کي جنم ڏنو آهي، اهڙي املهه ماڻڪن مان سنڌ جي سگهڙن جو سرواڻ تاج محمد هاليپوٽو به هڪ آهي. تاج محمد هاليپوٽي جو جنم محمد هاشم جي گهر ۾ 10 سيپٽمبر 1956ع تي ڳوٺ قائم هاليپوٽو ديهه ڇليون تعلقه پٿوري ۾ ٿي. ابتدائي تعليم شادي پلي پراڻي جي پرائمري اسڪول مان ۽ ميٽرڪ هاءِ اسڪول نئين شادي پلي مان 1975ع ۾ پاس ڪيائين. سندس والد محمد هاشم نيڪ صفت ۽ نيڪ نام انسان هيو، هو موروثي زميندار ۽ خوشحال زندگي جو حاصل هيو، ان ڪري تاج محمد به خوشحال ماحول ۾ نپيو وڏو ٿيو. تاج محمد جي ننڍپڻ ۾ پنهنجي ناني علي محمد جيڪو وقت جو ڏاهو ۽ داناءَ شخص هو، وٽس هميشه سياڻن سگهڙن جون رس ڀريون رهاڻيون ۽ قرب ڀريون  ڪچهريون ٿينديون هيون، ان رهاڻين مان گفتا ياد ڪرڻ، ريڊيو جي پروگرامن کي ٻڌڻ، سگهڙن سان ڪچهريون ڪرڻ، سٺا ڪتابپڙهڻ سندس شوق اٿس. انهن ڪچهرين مان سندس شوق ۽ لاڙو شاعري طرف ٿيو. پاڻ پهريون ڀيرو 1970ع ۾ هڪ جلسي ۾ هي شعر پڙهيو.

”ڀٽو آهي بهتر پاسبان اسان جو،   ڏنو آهي الله، جنهن کي الاهي عقل و ايمان.“

ان کانپوءِ ناري پٽ جي ناليواري استاد،. سگهڙ ، شاعر، اديب ۽ ليکڪ معمور يوسفاڻي جي ريڊيو تان پروگرام ٻڌڻ کانپوءِ ان سان خط و ڪتابت جاري رکيائين. معمور يوسفاڻي جي صحبت ۽ محبت مان تاج محمد گهڻو پرايو.ادبي دنيا ۾ کيس  سڃاڻپ ۽ مڃتا ملي. تاج محمد ادب جي ميدان ۾ ادب جي ٻنهي صنفن نثر ۽ نظم ۾ يڪسان لکيو آهي پر شاعري ۾ کيس وڏي دسترس حاصل آهي، شاعري گهڻو ڪري ڪلاسيڪي ۾ سندس ڪلام گهڻو آهي. شاعر جي هر صنف ۾ هنر ، ڏهس، منظارا، ٽيهه اکريون، ڏٺون، وائي، بيت، غزل، ڪافي ۾ تمام سٺو لکيو اٿن. سينگار جي بيتن کي جوڙڻ ڪو تاج محمد کان سِکي!! انهي محنتن کي مانَ ڏيندي سنڌ جي نالي واري اديب، دانشور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سندس ڳوٺ پراڻي شادي پلي ۾ 2008ع ۾ اچي ”سنڌ جي سگهڙن جي سرواڻي جي پڳ“ ٻڌرائي. کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. هن وقت پاڻ جي ايف ـ ايم 88 تي ڳوٺاڻي ڪچهري ، سرهاهون سنگهار جي سرواڻي ڪري رهيو آهي. ڪتابن سان دلچسپي گهڻي اٿن، ان ڪري سندن ڪتب خانو وسيع آهي. تاج محمد هاليپوٽو نه رڳو شادي پلي وارن لاءِ بلڪه پوري سنڌ لاءِ باعثِ فخر آهي. ڌڻي در دُعا آهي ته الله پاڪ کيس وڏي عمر عطا فرمائي ـ (آمين)

سندس ڪلام جو نمونو ؛ـ

ملڪ موچارا، سڀئي سونهارا، صفت ثنائون ڪن، سڀ تنهنجي توهه تڳن

حورون، پريون، محبت ڀريون، ذوقئون ذڪر ڪن، سڀ تنهنجي توهه تڳن

مور جهنگن ۾، جيت پٽن ۾، تنهنجو نام ڳنهن، سڀ تنهنجي توهه تڳن

توکي سارين، پيون پڪارين، جي ڪونجون روهه ڪن، سڀ تنهنجي توهه تڳن

اسر ويلي، صبح سويلي، پکي لات لنون، سڀ تنهنجي توهه تڳن

باز ، شهباز ڪريو پرواز اُڀن ۾ اُڏرن، سڀ تنهنجي توهه تڳن

شمس قمر، شام و سحر، اُڀرن تان نه لهن ، سڀ تنهنجي توهه تڳن

ڪتيون تارا، نور نظارا، چوڏس پيا چمڪن، سڀ تنهنجي توهه تڳن

سدا سيارا، اچن اونهارا، وسڪارا به وسن، سڀ تنهنجي توهه تڳن

گل گلزاريون، باغ بهاريون، مکڙيون مهڪن، سڀ تنهنجي توهه تڳن

مٺا سوادي، ڪيئن هادي، ميوا منجهه وڻن، سڀ تنهنجي توهه تڳن

پوکون پياريون، نت نيارا، ڪروڙين قسمن سڀ تنهنجي توهه تڳن

ڏسون هر پارا، رنگ نيارا، ڪروڙين قسمن سڀ تنهنجي توهه تڳن

اپر احسان، مٿي انسان، ڳڻي ڇا ڳڻين، سڀ تنهنجي توهه تڳن

سندئي ثنائون، عاجز آئون، ڪيئن لکان قلمن سڀ تنهنجي توهه تڳن

”تاج“ سڀيئي، تو در ويهي، ٻڪيون ٻاجهه مڱن سڀ تنهنجي توهه تڳن

.......................................................................................................................

اُٿيو اُتر پار کان ڇمر ڇاٽو ڪن،

ڪيون موجون ملڪ تي، وري وسڪارن،

لاٿو ڊپ ”ڊينگاڻ“ تان فقط ڪڪرن،

”پنڱر“ پالوٽون ڪريو ”جهڏي“ جهٽ هڻن،

”ملڪاڻي“ تان موٽيو ٿا، ”ڪنگوري“ ڪڙڪن،

”ميرواه“ مٽيو ڪينڪي مندائتن مينهن.

”جهلوري“ ۽ ”جيمس آباد“ جا پلٽيو پٽ پُسن،

”دليري“ دلجائي ، ڦٽا گاهه گسن.

”کپري“ ”کيراهو“ ڪيا، ساوا سُڪارن،

جُهڙڦڙ ”جهڙٻي“ تي ٿيا، پاتا پوش پٽن،

”منيري“ملهار ۾، ڪنڍيون ڪَر کڻن،

ڀيڻا ٿيا ”ٻريجي“ ۾، ڏوٿي ڏُڌ ڏُهن،

”جگي“ ۾ جنسار ٿيا، جهانگي ٿا جهونگن،

آگم ”آراڙي“ تي، ڏسيو ڏک لهن،

”صالح ڀنڀري“ ۾ ڪيا، رئونشا ريڍارن،

”ساماري“ سنگهارن جون، پوکون جام پچن،

هيرون ”هيرل“ پار کان، وٺي جون ورن،

لاٿي پياس ”پراڻ“ جي، برسي برساتن،

ڌڻ چاريو ”دڙيلي“ ، ٿا مال ڏکڻي مرڪن،

”ساڌوري“ جا سارنگ ۾، سانگي سُک وسن،

وِڄون ڏسڻ آيون، ”چيلهه“ مٿي چمڪن،

اصل ”اوڪراڙي“ تان گوڙيون ڪين گسن،

”جانهري“ جُهڙن جون، منجهه ڳالهيون ڳنوارن،

ريلون ”روحل واءِ“ جون، ساوڪ سان سونهن ،

”وهري“ وڏا وس ڪيا ٿيا، ڍاپيو ڍور مچن،

”نبي سر“ ”نئين ڪوٽ“ جون، ٻانهاريون ٻهڪن،

ڪاهيا مال ”ڪنري“ کان، پرَتي پنهوارن،

متا مال مارن جا، ٿا ”ڏيپلي“ ڏسجن،

خوش ٿيو ”کائڙ“ پار ڏي، ڌوڪيو ڌڻ وڃڻ،

”ڪارونجهر“ جي چوٽئين، چڙهيو مور نچن،

ساوا گاهه سانوڻ جا، ڇانگون ڇيڪ چرن،

هن مند آس اندر ۾، من ۾ محبوب ملي،

”تاجن“ طلب پرينءَ جي نه ڳوڙها ڳِل سُڪن،

جي دلبر دور هجن، ته رُئندي رات گذاريان.

.......................................................................................

بيت

اول پاڻ پچاءِ ، پڇج پوءِ پريت جو،

صدقو ڪر ساهه کي، ڪنڌ ۾ ڪاتي پاءِ

سُک سڀئي سنسار جا، وجودان وڃاءِ

تنهان پوءِ سڏاءِ ، عاشق عجيبن جو.

غزل

تنهنجي اکڙين ۾ اسرار ڏٺم، تنهنجي در تي لکين لاچار ڏٺم،

زلفن کي سنواريو تو جاني، ڪڪر ۾ تڏهن چمڪار ڏٺم،

سڀ دنيا جا دَر ڀُلجي ويس، دلبر جي جڏهن دٻار ڏٺم،

ڇا حال پڇين ٿو محفل جو، هت ڪئين زير و بار ڏٺم،

ڇا ”تاج“ ڪري تعريف سندئي، توکي سهڻن جو سردار ڏٺم.

................................................................................................................

 

 

 

                  ڪتاب دوست مٺادلدار........................................ڀاڱو ٻيو

                           تنها واجد علي ڪنڀار ( ميرپورخاص)

                            محبتون ۽ موسمون مٽجو وڃن

                              اوچتو قربتون گهٽجيو وڃن

واجد ڪنڀار سان منهنجي پهرين ملاقات کيمچند لوهاڻي جي  دڪان تي ٿي هئي واجد علي تنها  هڪ سٺو شاعر آهي.واجد علي جو تخلص تنها آهي

ان کان پو منهنجون واجد سان ڪيتريون ئي ملاقاقون ٿينديون رهنديون آهن

واجد علي قد جو ڇوٽو بت ۾ ڀريل ٿلهو ننڍي ڏاڙهي  هر ڪنهن سان مرڪي ملندڙ پيارو شخص آهي

واجد علي ميرپورخاص جي شاعرن جو ڪلام سيهڙي ڪتاب ڇپائي رهيو هو اهو ڪتاب خبر ناهي مڪمل ٿيو الئه نه هاڻي ڪافي وقت کان منهنجي ملاقات ناهي ٿي،هو جتي ب هجي الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

                     اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي متان سمجهين مور سارا

Wednesday, 2 September 2026

 

         ڪتاب دوست مٺا دلدار............................ڀاڱو ٻيو

               راجيش ڪمار ميگهواڙ ( پراڻي شادي پلي)

هاءِ اسڪول شادي ۾جڏهن پڙهنداهئاسين ان وقت ڇهين ڪلاس ۾ اسان سان گڏ چاليهه کن شاگرد پڙهندا هئا انهن مان ڪن ڇهين درجي ۾ ،ڪنهن ستين درجي ۾ ڪنهن اٺين ۾ ڪنهن نائين ڪلاس ۾ پڙهڻ ڇڏي ڏنو باقي جيڪي دوست شاگرد گڏ رهيا جن ميٽرڪ پاس  ڪيو انهن دوستن سان چار سال گڏ پڙهيو هئس انڪري انهن جون يادگيريون لکان پيو.

راجيش ڪمار پٽ لڇمڻ تپيدار پراڻي شادي پلي جو آهي راجيش ڪمار ان وقت اسان جي ڪلاس ۾ اڳين ڊيسڪن تي فرحان هاليپوٽو  . محمد حسن ۽ گنيش ڪمار ويهندا هئا  ته رهيا به اڳتي.

راجيش ڪمار ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پو حيدرآباد ۾ رهي اتان انٽر ۽ پو مهراڻ يونيورسٽي مان انجنئرنگ ڪئي هئائين.ڪجهه سال پهرين منهنجي ملاقات سندس ڳوٺ ۾ ٿي هئي ان هن مون کي ٻڌايو ته هو چائنيز ڪنهن ڪمپني ۾ ملازمت ڪري ٿو تازو هيئنر چائنا مان موٽيو آهي ان تي ڪافي دير ڪچهري ٿي ان کان پو هاڻي ڪڏهن فيسبڪ تي ڳالهه ٿيندي آهي .

الله سائين کيس وڌيڪ ڪاميابيون ڏي آمين

 

                      ڪتاب دوست مٺا دلدار.........................................ڀاڱو ٻيو

                    محمد اشرف ڪولاچي (پٿورو)

             ائين دلدار منهنجي دلدار کي محبت جي  ضرورت آ

                   جيئن دنيا کي بي انداز دولت جي ضرورت آ

شاهه عبدالطيف ڊگري ڪاليج ميرپورخاص ۾ جڏهن پڙهندو هئس  مون سان گڏ پرين پيارو دوست اشرف ڪولاچي  پڻ پڙهندو هو اسين روزانو هڪ بس ۾ سفر ڪندا هئاسين انڪري اسان جون ڪچهريون سفر دوران بس ۾ ٿينديون هيون

ڪاليج پاس ڪرڻ کان خبر ئي نه پئي ڪو ڪيڏانهن ويو ڪو ڪيڏانهن ويو ڪافي سالن پو سال 2018ع ۾ منهنجي ملازمت هڪ نجي بئنڪ اين آر ايس پي ۾ پٿورو ۾ ٿي ۽ آفيس چوهاڻ محله ۾ هئي. هڪ ڏينهن اچانڪ منهنجي ملاقات اشرف سان ٿي پئي هڪ ٻئي کي سڃاتوسون  وڃي چانهه پئي هڪ ٻئي کان حال احوال ورتاسين.

محمد اشرف ڪولاچي هڪ سماجي ڪارڪن آهي پاڻ ڪيتروئي وقت اين جي اوز۾ ڪندو رهيو

هن وقت پنهنجو پرائيوٽ اسڪول ماڊرن پبلڪ اسڪول پٿوري ۾ کوليو اٿس  جنهن کي هو سنڀالي ٿو انڪري سندس اسڪول جي پروگرامن ۾ منهنجو ضرور وڃڻ ٿيندو آهي

الله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمين 

 

ڪتاب دوست مٺا دلدار...............................................ڀاڱو ٻيو

سيد ذاڪر حسين شاهه لڪياري (بچابند)

ڍڪي ڇڏ پنهنجن جذبن کي  متان استاد پڌرو ٿين

اديبن  جي  اڳيان  فضليت   جي  ضرورت  آ

بچابند وارا لڪياري سيد مهراڻي جي مير سيد  راضي شاهه جي خاندان مان آهن سيد ذاڪر شاهه ولد سيد ديدار شاهه  لڪياري انهي خاندان مان آهن.

سيد ذاڪر شاهه سان منهنجي پهرين ملاقات ماڊرن پبلڪ اسڪول پياري دوست اشرف ڪولاچي ڪرائي.

ذاڪرشاهه قد جو ڊگهو رنگ جو سانورو نظر وارو چشمو پائي هلندڙ هڪ بهترين شخص آهي.

علم ادب سندن ورثي ۾ مليل پاڻ ادب شناس  ٻولي شناس ۽ هڪ سٺو ليکڪ پڻ آهي منهنجي لکڻين جي ڪيترائي دفعا  اصلاح ڪئي اٿن.

سيد ذاڪر شاهه علم دوست انسان آهي  ماڊرن  پبلڪ اسڪول بچابند سندن آهي .

الله پاڪ کين ڪامل صحت ۽ تندرستي ڏي آمين

اڪيلي سونهن اڻڀونئي اڪيلو عشق اڻ واقف

ٻنهي کي توڙ تائين ساٿ ساٿ سنگت جي ضرورت آ