ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٽيون
Wednesday, 23 September 2026
ڪتاب دوست مٺا دلدار ..............................ڀاڱو ٺيون
Friday, 18 September 2026
ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو تيون
حضرت مولانا
نور محمد ڀنڀرو (ڳوٺ محمد عمر ڀنڀرو)
حضرت مولانا
نور محمد ڀنڀرو جو جنم عبدالوهاب قراني جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ هر وقت مدرسه قرانيه جا
منتظم آهن. پاڻ اعليٰ پائي جي عالم هئڻ سان گڏ عربي، فارسي، سنڌي ۽ اردو زبانن تي
وڏي مهارت رکن ٿا علم تدريس کانسواءِ پاڻ
حڪمت، تاريخ تي وڏي ڄاڻ رکن ٿا، سندن 5 ڪتاب اڻ ڇپيل آهن مگر ڪمپوز ٿيل آهن، کين
ڪمپيوٽر وارو ڪوڊ وسرڻ ڪري اهي ڪتاب اڃا ڇپجي نه سگهيا آهن پاڻ سٺي شاعري به ڪن
ٿا، سندس شعر و شاعري به بهترين آهي، هن وقت پاڻ جميعت علماءِ اسلام عمرڪوٽ جا
ضلعي امير پڻ آهن. الله تعاليٰ سائين کي وڏي عمر ڏي . آمين
ڪتاب دوست مٺا
دلدار....................................ڀاڱوٽيون
عبدالرزاق نهڙي ( ڳوٺ بادل نعهڙي)
هلو هلر ڪور.ئين نازڪ
جنهين نيهن
ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ
مور نه سکيا
الله تعاليٰ هر انسان کي ڪيترن ئي صلاحيتن
سان نوازيو آهي ڪي انسان پنهنجون صلاحيتون استعال ڪري پنهنجي ڪردار کي هميشه لا
سنواري ڇڏيندا آهن اهڙو .ئي اسان جو دوست عبد الرزاق نهڙي آهي جنهن پنهنجي صلاحتن جو
استعال ڪري پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻارتي محنت ڪري پنهنجي اسڪول ۾ ٿيندڙ
سرگرمين کي فيسبڪ ذريعي ڏيکاري اسڪول کي ماڊل اسڪول ڪرايو وري علائقي جي هر مڪتب
فڪر جي دوستن کي مڃا ايوارڊ ڏي ثابت ڪيو ته( اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي متان سمجهين مئا
مور سارا)
مونکي به اهو مڃتا ايوارڊ ميلو آهي نه ته
هتي ڪير ڪنهن کي ڪو سڃاڻي ئي ڪونه.
هن عبدارزاق محنت ڪري پرائمري استاد مان سبجيڪٽ اسپيشلٽ ٿيو آهي .
منهنجي عبدرزاق سان پهرين ملاقات سندس ڳوٺ
بادل نهڙي ۾ ٿي ان کان پو ان سان ڪيتريون ڪچهريون به ٿيل
آهن
الله کيس ڪامل صحت ۽ ترقي ڏي آمين
ڪتاب دوست مٺا
دلدار............................................ڀاڱوٽيون
عبدالفريد ڪنڀار
(عمرڪوٽ)
انٽرنيشنل يونيورسٽي اسلام آبادي جي اداري دعويٰ ايڪڊمي جي
استادن جي تربيت وارو پروگرام سال 2010ع ۾ دعويٰ ايڪڊمي ريجنل سينٽر احسن آباد گلش
معمار ۾ ٿيو جنهن پوري سنڌ مان استاد انهي تربيت واري پروگرام ۾ شريڪ ٿيا آئون به
ان پروگرام ۾ هئس منهنجي عبداالفريد ڪنڀار سان پهرين ملاقات اتي ٿي ان کان پو وري
عطا محمد گهانگهري سان گڏ سندس ڳوٺ وهرو ۾ ٿي جتي اسان کي پاڻ مومل جي ماڙي ۽ ميون
جان محمد جي درگاهه جي ذيارت ڪرائي ..
ان کان پو منهنجون ساڻس ڪيتريون ڪچهريون ٿينديون رهنديون
آهن الله پاڪ کيس ترقي ڏي آمين
ڪتاب دوست مٺا
دلدار....................................ڀاڱوٽيون
عباس علي جدگال (
ڳوٺ دار پلي)
ڏکي ڏک
ن وسري ،سکي وسري سڀ
سوئي
ڄڻ لڀ ،جو ڏک ۾ ڏڍ ٿئي
زندگي جي هن طويل سفر واتارجي ته وڌا نه ٿيندو ڪجهه جيون
جهول خوشيون ته ڪڏهن دردن سان منهن آڏو
اٽڪائڻو ٿو پوي .
زندگي جي سفر ڪئين دوست ملن ٿا ڪي وڇڙيو وڃن ڪي وسريو وڃن
ته وري ڪين دل ۾ رهجو وڃن
اهڙو پرين پيارو دوست عباس علي پڻ آهي جنهن پهرين ملاقات منهنجي
ڳوٺ ٿي هيئي جٽي هو ۽ فتح بلوچ منهنجو لکيل شاديپلي جي تاريخ ڪتاب ڏنو
ان کان پو منهنجون ان سان ڪيتريون ڪچهريون سندس شادي پلي
واري دڪان ته ٿينديون رهيون آهن
ڪجهه پهرين کيس پي پي ايڇ
۾ نيوٽريشن اسسٽنٽ جي نوڪري ملي اٿس ويراهه واهه ٿرپاڪر ۾،
فطرت جي نظارن جو
عاشق منهنجو دوست هر ڪنهن مرڪي ملي ٿو
آلله پاڪ کيس ڪامل صحت ۽ تندرستي
ڏي آمين
لوڪ مڙيوئي وسري شال م وسري تون
مطلب اهو مون پانئون پري نه ٿئي
ڪتاب دوست مٺا دلدار ڀاڱو ٽيون
انجنيئر بلاول ڪنڀار (لشڪر شاهه)
هن زندگي جي سفر ۾ ڪيترا دوست ملن ٿا ڪي وسريو وڃن ته ڪي
وڇڙو وڃن ته ڪي دل اندر وسيو وڃن اهڙو من گهريو هر ڏکي سکي وقت ۾ ياد ڪرڻ وارو
پيارو پرين دوست بلاول ڪنڀار آهي
هتي دنيا جو اهو دستور آهي ته اڄ عزت ۽ سڃاڻپ جو صرف پئسي
گاڏي ۽ عهدي جي آهي
پر هن دوست ۾ اها ڳالهه ڪانهي ڪا هيڏي وڏي عهدي پهچڻ کان پو هو يارن کان ڪيڏهن
منهن ناهي موڙيندو .
ها مون ياد آهي جڏهن آئون سلامت لاکي جي گهر جي سامهون مامي
يوسف لغاري واري بنگلي ۾ رهندو هئي ۽ بلال روز سائين عبيد جمال جي اسڪول بسم الله
ايجوڪيشنل ايڪڊمي مان پڙهائي پو اچي هتي ٽيوشن وٺندو هو ڪجهه عرصو مون به ان اسڪول
۾ پڙهايو هو ۽ بلاول مونسان روم ويٽ به
رهيو آهي منهنجو ساڻس ڪيتيريون ڪچهريون ڪيل آهن هاڻي صرف فون تي ڳاله ه ٻولهه ٿيندي آهي
هڪ سال پهرين سيف جي اسڪول کولڻ مون پرپوزل تيار ڪيو پر
هيشه جيئن هتي منهنجي غربت مون کي اڳتي وڌئڻ کان روڪيو پئي پر هن دوست جي مدد سان
اهو اسڪول لا اپلائي ته ڪيم پر اسڪول ڪونه مليو بيس پوءٌ اڃا همت نه هاري اٿم جي الله چاهيو منهنجو هي شادي پلي موڙ تي
شروع ڪيل ٽيوشن سينٽر هڪ ڏينهن ضرور هڪ اسڪول ٿيندو
بلاول مهراڻ يونيورسٽي مان انجنيرنگ پاس ڪري ڪيمشن پاس ڪري
پوليس کاتي ۾ وڏو آفيسر آهي الله پاڪ کيس ترقي ڏي آمين
يار
سڏائي سڀڪو جاني زباني
آهي
آساني ڪم پئي ته ڪل پئي