ساروڻيون
اڌوري رهجي ويل خواهش
محمد يوسف دَل
11
آگسٽ 2010ع جو لاهور مان ٽي مهينن وارو تصنيف ۽ تاليف وارو ڪورس ختم ڪري جڏهن واپس پنهنجي سنڌ ڌرتي تي قدم رکيو ته هاڻي رهيل ادبي ڪم جلد مڪمل ڪندس، بس انهي واعدي جي پاسداري ڪندي جيڪو ڏکيو ڪم مون پنهنجي ڳوٺ جي بزرگن جو ڪلام منظر عام تي آڻڻ جو سوچيو هو. اهو انتهائي مشڪل هو پر همت نه هاريم ڪجهه مون 2005ع ۾ مڪمل ڪري ڇڏيو ، بس پوءِ اهو پهريون ڪم لوڪ ادب جي مشهور مصنف نڙ بيت کي ڇپرئڻ جو سوچيم ، آخرڪار پروفيسر محترم اميرالدين مهر صاحب جي مشوري سان پهرين ڪلام کي آگسٽ مهيني تائين سٺي نموني جانچي پوءِ رهيل ڪلام سيپٽمبر جي مهيني جي اندر گڏ ڪيم. آخرڪار آڪٽوبر جي مهيني ۾ سائين اجازت ڏني ته هاڻي ڀلي اهو ڪلام اديبن کي ڏيکار ۽ انهي تي ٻه اکر، مهاڳ ۽ پيش لفظ لکرائي. بس پوءِ مون جڏهن دوستن سان مشورو ڪيو ته انهن چيو ته سڀ کان ڀلو آهي ته ڊاڪٽر نبي نخش خان کان ٻه اکر لکرائجن بس ڪيترن دوستن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪري پڇيم ته ڇا ڊاڪٽر صاحب منهنجي ڪتاب تي ٻه اکر لکندو، چيائون ته لکندو ته صحيح پر انهي تائين پهچڻ مشڪل آهي، ڪافي ڀيرا ڊاڪٽر صاحب جي ايڊريس وٺڻ لاءِ دوستن وٽ ويس به ايڊريس نه ملي سگهي بس پوءِ اهو خواب اتي رهجي ويو پوءِ سنڌ جي نامورن اديبن، تاج محمد هاليپوٽو صاحب، ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب، محترم مراد علي راهمون صاحب محترم محمد اقبال دَل صاحب کان ٻه اکر لکرائي ڪتاب ” ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي“ منظر عام تي آندم. بس اها خواهش اڻپوري رهجي ويم وري سوچيم ته هن ڪتاب جي مهورت لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي گهرائيندس پر اهو به ٿي نه سگهيو. بس مون سان وقت وفا نه ڪئي ۽ منهنجي خواهش پوري ٿي نه سگهي.
هلڻ هارڻ ڪونجهڙيون، اجهو ڄاڻ ويون
ڪري روح ريون، آڌي جو آلاپ سان
محمد يوسف دَل
جامعته الهديٰ سيٽلائيٽ ٽائون
ميرپور خاص
Cell: 0331-3726558
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو