Saturday 31 December 2011

شاعري




شاعري
محمد يوسف محبتي دل


جاڳ سنڌي جاڳ
پنهنجي حق لا توکي وڙهڻو آ
ڪنهن کان به  نه توکي ڊڄڻو آ
اٿئي جاڳائي پنهنجو ڀاڳ
                          جاڳ سنڌي جاڳ
اٿئي مهل اٿڻ جي
ناهي مهل سمهڻ جي
ڇڏ تون هاڻي ننڊ نڀاڳ
                           جاڳ سنڌي جاڳ
ڌرتي پنهجي عزت آهي
جنهن سان مقدر آهي
گڏجي ڪرايو ڌرتي آزاد
                         جاڳ سنڌي جاڳ

Friday 30 December 2011

ساروڻيون


ساروڻيون
اڌوري رهجي ويل خواهش

                                         محمد يوسف دَل
11
 آگسٽ 2010ع جو لاهور مان ٽي مهينن وارو تصنيف ۽ تاليف وارو ڪورس ختم ڪري جڏهن واپس پنهنجي سنڌ ڌرتي تي قدم رکيو ته هاڻي رهيل ادبي ڪم جلد مڪمل ڪندس، بس انهي واعدي  جي پاسداري ڪندي جيڪو ڏکيو ڪم مون پنهنجي ڳوٺ جي بزرگن جو ڪلام منظر عام تي آڻڻ جو سوچيو هو. اهو انتهائي مشڪل هو پر همت نه هاريم ڪجهه مون 2005ع ۾ مڪمل ڪري ڇڏيو ، بس پوءِ اهو پهريون ڪم لوڪ ادب جي مشهور مصنف نڙ بيت کي ڇپرئڻ جو سوچيم ، آخرڪار پروفيسر محترم اميرالدين مهر صاحب جي مشوري سان پهرين ڪلام کي آگسٽ مهيني تائين سٺي نموني جانچي پوءِ رهيل ڪلام سيپٽمبر جي مهيني جي اندر گڏ ڪيم. آخرڪار آڪٽوبر جي مهيني ۾ سائين اجازت ڏني ته هاڻي ڀلي اهو ڪلام اديبن کي ڏيکار ۽ انهي تي ٻه اکر، مهاڳ ۽ پيش لفظ لکرائي. بس پوءِ مون جڏهن دوستن سان مشورو ڪيو ته انهن چيو ته سڀ کان ڀلو آهي ته ڊاڪٽر نبي نخش خان کان ٻه اکر لکرائجن بس ڪيترن دوستن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪري پڇيم ته ڇا ڊاڪٽر صاحب منهنجي ڪتاب تي ٻه اکر لکندو، چيائون ته لکندو ته صحيح پر انهي تائين پهچڻ مشڪل آهي، ڪافي ڀيرا ڊاڪٽر صاحب جي ايڊريس وٺڻ لاءِ دوستن وٽ ويس به ايڊريس نه ملي سگهي بس پوءِ اهو خواب اتي رهجي ويو پوءِ سنڌ جي نامورن اديبن، تاج محمد هاليپوٽو صاحب، ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب، محترم مراد علي راهمون صاحب محترم محمد اقبال دَل صاحب کان ٻه اکر لکرائي ڪتاب ” ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي“ منظر عام تي آندم. بس اها خواهش اڻپوري رهجي ويم وري سوچيم ته هن ڪتاب جي مهورت لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي گهرائيندس پر اهو به ٿي نه سگهيو. بس مون سان وقت وفا نه ڪئي ۽ منهنجي خواهش پوري ٿي نه سگهي.



                        هلڻ هارڻ ڪونجهڙيون، اجهو ڄاڻ ويون
                           ڪري   روح  ريون، آڌي  جو   آلاپ    سان  

             
                    
                                                 محمد يوسف دَل
جامعته الهديٰ سيٽلائيٽ ٽائون       
     ميرپور خاص
                                  Cell: 0331-3726558        

ڪيڏانهن ويا ڪپڙي


تاج محمد هاليپوٽو
شادي پلي
ٻه اکر
سنڌ جي تهذيب تمدن ثقافت ۽ لوڪ ادب جي ورثي جا وارث ته يقينن اسين سنڌي آهيون پر سنڌي قوم جون شاندار روايتون هاڻي ماضيءَ جو داستان بنجي چُڪيون آهن. ڌرتيءَ تي ڌارين جي تسلط، ٽي وي،ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اسين غيرن جي فرسوده تهذيب جي تقليد ۾ پنهنجن شين کان بيگانا ٿيندا وڃون. همت مردانگي مهمان نوازي بازن جي پورهئي سان حلال روزي ڪمائڻ اڙيالن جي واهر ڪرڻ پاڙي جي پرگهور لهڻ سڄڻ دشمن جي سڃاڻپ رکڻ وضعداري، خوش اخلاقي سامن تي سر ڏيڻ نياڻين جا ننگ سڃاڻڻ پڳ مَٽ يارانيون نڀاهڻ ايثار همدردي ۽ انساني خدمت جهڙيون خصلتون هاڻي اسان مان موڪلائينديون وڃن اسين موهن جي دڙي جي تهذيب تي فخر ته ڪريون ٿا پر ان تهذيب جي معمارن جي ڇڏيل اصولن تي عمل نٿا ڪريون.اسانجي سنڌي ٻولي دنيا جي ٻولين ۾ هڪ ممتاز حيثيت رکي ٿي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رح جي شاعري اسانجي سنڌي زبان ۾ موجود آهي، جيڪو اسان جو املهه اثاثو آهي جنهن جو مَٽُ دنيا جي ڪو شاعر نظرئي نٿو اچي اسان جا ٻيا ڪلاسيڪل شاعر به هڪ عظيم حيثيت رکن ٿا سچل. خليفي، سامي، خوش خير محمد فقير، روحل، بيدل، حمل، مصري شاه. اميد علي شاه ۽ ٻين بي شمار شاعرن جي شاعري اسانجي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سينگار آهي ۽ انهن شاعرن جي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو امر پيغام آهي، پري نه وڃو ماضي قريب جي شاعر عالم ۽ مبلغ مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ تي نظر وجهجي ٿي ته روح جي گهراين ۾ لهڻ واري شاعري آهي ڪلام پاڪ جو مڪمل منظوم ترجمون حاجي احمد ملاح جو عظيم ڪارنامو آهي، انهي ڪارنامي تي دنيا کيس خراج تحسين پيش ڪري چُڪي آهي، سنڌي ٻوليءَ جي جديد شاعرن به پنهنجي پاڻ مڃرايو آهي، شيخ اياز، استاد بخاري، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، امداد حسيني نياز همايوني، اياز گل ۽ ٻيا جديد شاعرن ۾ پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکن ٿا. اسانجي لوڪ شاعريءَ جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي اسانجي لوڪ ادب سان برابري جي بر صغير ۾ ته ڪو مثال ئي ڪونه ٿو ملي سنڌي لوڪ ادب جون لاتعداد صنفون آهن جن کي ذهين سگهڙ شاعرن فن ۽ اعليٰ تخيل جي آميزش سان ڪمال تي پهچايو آهي. ڳجهارتون، پروليون. ڏ‎ٺون ڏور، هنر. سينگار، ڏهس ٽيهه اکريون. هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا. مناظرا، واقعاتي بيت نڙ بيت ۽ ٻيون لاتعداد لوڪ ادب جون صنفون آهن، جن جي مطالعي سان نه صرف اسانجي لوڪ شاعرن جي ذهانت جي خير پوي ٿي پر اسان جي ٻوليءَ جي وسعت جي به پروڙ ٻولي ٿي گڏوگڏ اها ڄاڻ به ملي ٿي ته سنڌي قوم جي اٿي ويٺي ڏيتي ليتي، ڪار وهنوار جا ڪهڙا اصول ۽ طور طريقا هئا سياري جون ڊگهيون راتيون ٻاٻرن ڪاٺين جي مچ تي مردن جون رهاڻيون عقل جي گفتن جي ڏي و‎ٺ ڳجهارتن، ڏورن، بيتن ۽ پهاڪن جي پهه پچار صدين کان سنڌي ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ وندر ورونهن رهي آهي اڄوڪي پر آشوب دور ۾ اسين پنهنجي حقيقي ورثي کان ڪوهين ڏور ٿيندا وڃون اهڙين ڪچهرين کي جديد دور جو پڙهيل لکيل طبقو جهنگلي ڄٽن جي ڪچهري سمجهي نظر انداز ڪري ڇڏي ٿو پر اهو شعور نٿو رکي ته اصل سچا ماڻڪ موتي اتان ئي ملن ٿا قيمتي هيرن جواهرن جي هٽ جا مالڪ هي سادا سٻاجها اسانجا سگهڙ آهن جديد تهذيب جي رجحانن اسانجي اخلاقي زندگيءَ کي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي امن وسڪون برباد ڪيو آهي. بي راهه روي ۾ اسين پنهنجي اخلاقي توڻي مالي دولت لٽائي چڪا آهيون اڃان ڪي آهين ڪل جڳ سوڌ اڪاپڙي جي مصداق هن دور ۾ به ڪي نوجوان مثبت سوچ رکن ٿا، پنهنجي تهذيب ۽ لوڪ ادب جي اهميت کان آگاه آهن انهي کي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ فڪرمند آهن. ڊگهن قافين وارا پر سوز بيت جي نڙ جي آلاپن تي جهونگاريا وڃن ٿا راتين جي رهاڻ ۾ هڪ خاص اهميت رکن ٿا نڙوارن بيتن جاهونئن ته سنڌ ۾ گهڻا شاعر ٿي گذريا آهن پر سانوڻ خاصخيليءَ جو نالو انهي صنف ۾ انفرادي حيثيت رکي ٿو سانوڻ جي بيتن ۾ جيڪو سوز ۽ درد آهي اهو ٻڌندڙ جي دل تي وڏو اثر ڪري ٿو سانوڻ جي هم عصر شاعرن ۾ پروڙ جي مردم خيز مٽيءَ جي شاعر پاهڙ دل جو نالو نڙ بيت جي حوالي سان تمام اهم آهي پاهڙ دل جا بيت نه رڳو معنيٰ مطلب ۽ شاعريءَ جي سهڻائيءَ سان سينگاريل آهن، پر سوز وفراق جي ڪيفيتن سان پڻ ٽمٽار آهن منهنجي خيال ۾ سانوڻ کان پوءِ پاهڙ دل نڙ بيت جي شاعريءَ ۾ تمام وڏو مقام رکي ٿو . مونکي انتهائي خوشي ٿي ته عهد حاضر ۾ اهڙين شين کان دوري ۽ بي ذوقيءَ واري ماحول ۾ پاهڙ دل جي خاندان مان نوجوان محمد يوسف پنهنجي هن بزرگ شاعر جي ڪلام کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪيو آهي سندس اهڙو قدم هر طرح ساراهڻ جوڳو آهي نه ته هي املهه سرمايو اڏوهيءَ جو کاڄ ٿي وڃي ها اهڙي همت ۽ جستجو جو جذبو شال اسانجي قوم جي هر نوجوان ۾ پيدا ٿئي جيئن هو اسانجي انتهائي فخر لائق لوڪ ورثي جي حفاظت ڪري سگهن منهنجي دعا آهي ته رب پاڪ نوجوان محمد يوسف کي اڃان وڌيڪ همت ۽ حوصلو عطا فرمائي جيئن پاڻ پنهنجي وڏڙن جي علمي ادبي ذخيري کي محفوظ ڪري سگهي آمين.

پروفيسر مراد علي راهمون
ڪراچي
پلر پلٽيا پاهڙ چئي
 سنڌ جي سپوت، عالم ۽ اديب عالمي شهرت جي مالڪ، علم ودانش جي مخزن ۽ باباءِ سنڌي، علامھ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو چوڻ آهي، ته سنڌي ماڻهو جيڪڏهن آتم ڪهاڻيون ۽ ڳوٺن جا احوال لکن ته وڏي تاريخ ٺهي پوي، اسان جي نوجوان ساٿي، محمد يوسف دل، انهي نصيحت تي عمل ڪندي، پاهڙ فقير دل جي شاعري ۽ دانش کي گڏ ڪري، ”ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي“ جي نالي سان ڪتاب مرتب ڪيو آهي. انهي ۾، سوانح ڳوٺ جو احوال ۽ ممدوح جي شاعري به آهي. محمد يوسف دل ڳوٺ سومار دل ديهه ٻريجي تعلقي پٿوري ضلعي عمرڪوٽ جو علمي ۽ ادبي لحاظ کان، اڀرندڙ ستارو آهي، هي نوجوان اديب، ڳوٺ سومار دل ۾، اميد علي دل جي گهر 20 فيبروري 1986ء تي ڄائو، پرائمري تعليم (1996ء) ڳو‎ٺ جي اسڪول مان، ميٽرڪ (2001ء) شادي پلي هاء اسڪول، انٽر شاهه لطيف ڪاليج ميرپورخاص (2003ع) ۽ بي- اي (2006ء) گورنمنٽ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص مان پاس ڪيو اٿس، 2009ع کان ايم اي، سنڌ يونيورسٽي مان ڪري رهيو آهي، محمد يوسف دل، نظم توڙي نثر ۾ طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. 1999ع ۾ نظم لکڻ شروع ڪيائين، ڪيترائي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيا اٿس، تازو 2010ع ۾ لاهور مان ”تصنيف ۽ تاليف جو تربيتي ڪورس“ به ڪري آيو آهي، هن جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”اسلام ۾ عورتن جا حق“ غزالي اڪيڊمي ميرپورخاص سال شايع ڪري چڪي آهي، سنڌي ۾ ”محبتي دل“ ۽ اردو ۾ ”منصوري “ تخلص آهي. تربيتي ڪورس دوران هڪ تحقيقي مقالو اردو ۾ تيار ڪيو اٿس، هن وقت، پنهنجي ڳوٺ جي بزرگ شاعرن ۽ انهن جي سوانح تي ڪم ڪري رهيو آهي. زير مطالعي ڪتاب، ”ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي“ پاهڙ فقير دل جي شاعري جو ڪجهه حصو آهي، پاهڙ فقير جي شاعري مرتب شڪل ۾ موجود ڪانه هئي. محمد يوسف دل، وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان مختلف سگهڙن جي صدري روايتن ذريعي گڏ ڪري، ڪتاب تيار ڪيو آهي. اڃان جاکوڙ جاري آهي.
پاهڙ فقير دل، پراڻ جي پٽ جو اهل دل بزرگ ۽ شاعر آهي، جنهن مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. پراڻ جا پٽ، قديم زماني کان وٺي روحاني بزرگ ۽ درويش تحفة الڪرام موجب، پير خاڪي، ابراهيم ناگوراڻي، سيد حسن باگو، سيد لال ڇٽو، تاج محمد کسيلرو ، درس مظفر، بابو سڪريو درس ڏاتو ڪاڇيلو ، فقير کٿوريو ، حسين فقير، درس اجر لوريڙ، درس بلال ۽ ميان شرف الدين وغيره وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن.
اسان جو ممدوح، پاهڙ فقير دل، به انهن روحاني بزرگن مان هڪ آهي. سماٽ جي قبيلن مان، دل قبيلو روحانيت جي لحاظ کان گهڻو مشهور رهيو آهي. پراڻ جي پٽ ۾ به گهڻا دل درويش ٿي گذريا آهن هن علائقي کان ٻاهر به ڪيترائي دل مشاهير ٿي گذريا آهن جن ۾ مخدوم ٺارو دل، مخدوم امين الله دل، تاجو فقير، دريا خان دل، امو دل، جمو ميان دل، مخدوم عبدالصمد، مخدوم مهرو دل، )راقم الحروف P.H.D  جي ٿيسز مڪمل ڪئي آهي.( ميون شفيع محمد دل(کوريءَ وارو)تاجو فقير دل، تماچي دل، درس عثمان ڪاڇيلو دل، برهان فقير دل، ميون اسماعيل دل، ميون ولهاري، ميون يعقوب دل حاجي ابراهيم  دل، ميون نور محمد دل، ميون مسعود دل، ميون ميران شاهه دل وغيره.
پاهڙ فقير دل 1863ء/ واري ميرپورخاص کي ويجهو ديهه ٻريجي تعلقي پٿوري ۾ ٻڍو فقير دل جي گهر ۾ ڄائو هن ابتدائي تعليم، ڳوٺ سيد احسان شاهه ۾، مولانا محمد علي پٺاڻ کان ورتي، جتي سندس وڏي ڀاءُ، حاجي ابراهيم دل به تعليم ورتي، انگريز دور ۾، عمرڪوٽ ضلعي ۾ ئي وڏا علمي مرڪز هئا (1) دارالعلوم کنڀرو ولهار (2) ولهيٽ (3) سيد حسين شاهه جو ڳوٺ، هن جا همعصر بزرگ، حاجي خليفو ڇٽو درس پلي (1860ع 1920ع) ۽ حافظ محمد عالم پلي به هتي پڙهيا هئا، حضرت محمد عثمان قراني به هتي پڙهيو ۽ پوءِ عمرڀنڀرو ۾ وڃي مدرسو کولي، علم وادب جي خدمت ڪيائين، پاهڙ فقير دل، تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ، پنهنجي علائقي ۾ تعليم ۽ تبليغ جو ڪم ڪرڻ لڳو. سندس وڏو ڀاءُ حاجي ابراهيم دل، حج تي ويو ۽ اتي ئي رحلت ڪري ويو هن جي فراق ۽ وڇوڙي ۾ پاهڙ فقير شاعري ڪئي جيڪا پوري طرح محفوظ نه ٿي سگهي آهي. پاهڙ فقير دل مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، نڙ بيت ۽ سينگار شاعري وڌيڪ آهي فڪر آخرت، حب رسول ۽ انساني اقتدار سندس اهم موضوع آهن.
پاهڙ فقير جو انتقال 1911ع ۾ ٿيو سندس مزار نور شاهه لڳ جهلوري ۾ آهي. کيس ٽي پٽ ٿيا، پٽن سان راهب دل غيرشادي شده گذاري ويو. ٻئي پٽ صاحب دل، کي هڪ پٽ محمد عابد نالي، ڳوٺ سومار دل ۾ زمينداري ڪري ٿو. ٽيون پٽ احمد علي مجذوب هو جيڪو پاهڙ فقير جو حقيقي جانشين ٿيو، احمد علي مجذوب 1897ء ڌاري ڄائو. مجذوب وڏو عالم ۽ اديب ٿي گذريو آهي، سندس تعليم، سنهڙو ۽، دينگاڻ ڳوٺ ۾ ملي. 1342هه/ ۾ مجذوب حج ڪري آيو. ڪجهه وقت آراڙو ڀرڳڙي ۾ استاد ٿي رهيو. بلقان جي جنگ ۾ چندو ڪري حاجي عبدالله هارون جي معرفت موڪليائين. ”انجمن خدم ڪعبه“ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. 1920ع ڌاري انگريز دشمني ۽ خلافت تحريڪ ۾ سرگرمي سبب هڪ سال جيل به ڪاٽيائين مطالعي جو وڏو شائق هو، ان ڪري گهر ۾ وڏو ڪتب خانو قائم ڪيائين، جنهن ۾ مختلف مڪتبه رسالن ۽ اخبارن جا فائيل مڪمل ڪري رکيائين، شعر ۽ شاعري ۾ وڏو مقام حاصل ڪيائين مخدوم گرهوڙي جي شاعري جي طرز تي پيشنگوئي چيائين، جنهن کي گرهوڙي ڏانهن منسوب ڪري مشهور ڪيو ويو، هي مجاهد۽ آزادي جو متوالو ، وڏي ڄمار ماڻي 25 ڊسمبر 1966ع تي ڄامشوري اسپتال ۾ رحلت ڪري ويو ته سندس اولاد ۾ پنج نياڻيون ۽ ٻه پٽ ٿيا، هڪ پٽ علي اڪبر 1934ع ڄائو 1961ع ۾ گذاري ويو، ٻيو پٽ محمد اقبال دل 1938ع ۾ ڄائو ۽ بي ڪام ۽ بي اي ڪرڻ بعد 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي ڪري صحافت ۾ داخل ٿيو. 1961ع کان 1969ع تائين سردار لطف علي دل جي اخبار ”خادم وطن“ ۾ ڪم ڪيائين. 1972ع کان هلال پاڪستان ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪرڻ لڳو ، 1988ع کان هن وقت تائين ايڊيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي، سندس ڪتاب ”شام ولايت ۾“ (1999) ڇپيل آهي. شاعري، مضمون ۽ ايڊيٽوريل بيشمار آهن محمد اقبال پاهڙ فقير جو پوٽو آهي. هن وقت ڪراچي ۾ سڪونت پذير آهي اميد ته محمد اقبال دل پنهنجي وڏن جي روحاني ۽ علمي ادبي سرمايي کي گڏ ڪرڻ ۾ محمد يوسف دل جي ڀرپور سرپرستي ڪندو .
هن ڪتاب جي مطالعي مان ايمان جي تازگي ۽ پنهنجي وڏن جو علمي سرمايو ۽ سوانح سهيڙڻ جو حوصلو ملي ٿو .










هڪ خط
پاهڙ فقير جو موجوده ڪلام ٿورو آهي سندس ڪافي ڪلام هو جيڪو شايد تو کي هٿ نه اچي سگهيو آهي ۽ اهي ماڻهو ئي نه رهيا آهن جن کي پاهڙ فقير جا بيت برزبان ياد هئا ان تي هاڻي افسوس ڪرڻ بيڪار آهي.
پر بابا يوسف تو کي جس هجي جو تو ڏاڏي پاهڙ فقير کي جيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
آءُ دل جي گهراين سان دعا ٿو ڪريان ته رب سائين تو کي اڳ ڀرو ڪري ۽ تولئه ترقي جا نوان نوان گس کولي. آمين.
والسلام
   محمد اقبال دل
  (پوٽو پاهڙ فقير دل)
ڪراچي.
2010- 9- 27





محمود فقير دل
تاثرات
منهجي عمر 12 سال هئي تنهن وقت ۾ اسان جي ڳوٺ سومار دل ۾ عابد دل جو هٽ هوندو هو، جنهن تان آئون گهر جو سيڌو وٺڻ ويندو هئس ته سندس هٽ (دڪان) تي هر وقت ماڻهن جو ميڙ متل هوندو هو، خاص ڪري رات جو ته ڪٿان ڪٿان کان ماڻهو ان جي ڪچهري ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ ان ڪچهري ۾ گهڻو ڪري پاهڙ فقير جا بيت گهڻا چيا ويندا هئا، انهيءَ رس ڀري رهاڻ ۾ ڪڏهن سوڍو لنجواڻي نڙ وڄائيندو هو ۽ رشيد اوٺو بيت چوندو هو. ان وقت کان وٺي آئون پاهڙ فقير جا بيت مختلف ڪچهرين مان ٻڌندو ياد ڪندو ايندو هئس ۽ ڪڏهن بابا نواز علي کي به اهي بيت ٻڌائيندو هئس ته بابا مون کي آفرين چوندو هو. بس انهيءَ عمر کان مون کي نڙ بيت چوڻ جو شوق ٿي ويو  ۽ هِتان هُتان بيت ٻڌي وڃي ڪچهرين ۾ چوندو هئس ۽ ماڻهو گهڻو داد ڏيندا هئا ڪڏهن ڪڏهن گرهوڙ شريف تي وڃي بيت جهونگاريندو هئس ته ڪڏهن ڪنهن وڏيري جي اوطاق تي بس ائين زندگي جو سفر گذرندو آيو آهي ۽ اڃا تائين به ڪافي سگهڙن جا بيت ياد اٿم، پر افسوس آهي سگهڙن واريون اهي ڪچهريون ڪونه ٿيون ٿين ۽ نه ئي شادين مرادين ۾ هاڻي ڪاڪوٺ ٿي اچي. بس پوءِ آئون پنهنجي ڀائٽي محمد يوسف دل کي شاباس چوندس جنهن هي پاهڙ فقير جا بيت سيهڙي سنڌي ٻولي سگهڙن ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي.
الله تعاليٰ اڳتي کيس ائين ڪامياب ڪري آمين.

خير محمد ڏاهري
لوڪ ورثو
 مشهور  شاعر محترم پاهڙ فقير دل جيڪو ٿرپارڪر ضلعي سان واسطو رکي ٿو ان جي شاعري تي محترم يوسف دل تحقيق ڪئي آهي.
سنڌ جي هيٺئين علائقن ۾ عام طور تي ان کي نڙ  بيت چيو وڃي ٿو ان جي شاعري کي سگهڙن ياد ڪيو خصوصا ساوڻ فقير جيڪو نڙ بيتن جو بادشاه آهي.
ڪاڪو علي خان ڪوري هن جي صحبت ۾ ڪجهه اڳتي وڌيو ڪجهه ترقي ڪيائين. بيت ڳائڻ لئه هڪ موسيقي جو اوزار استعمال ڪيو ويندو هو جيڪو نڙ طور مشهور هو. حقيقت ۾ اهو ساز شاعر ڳائيندڙ فنڪار تي هڪ الڳ اثر ڇڏيندو هو. هو پنهنجو پاڻ کي الوهيت جي پٺي ۾ جلدي محسوس ڪندو هو اهڙي پوزيشن پيدا ٿي ويندي هئي.
نڙ هڪ پراڻو لوڪ ورثو آهي جنهن جو بنياد شاعري تي آهي گهڻو ڪري اهو ڳوٺن ۾ خوشي جي موقعي تي ڳايو ويندو هو ۽ ان نموني غم جي موقعي تي پڻ آلاپيو ويندو هو. هاڻي اهو ڪم عموما ختم ٿي چڪو آهي.
محمد يوسف دل جيڪو نه فقط هڪ محقق آهي پوءِ ان مان گڏوگڏ هڪ سٺي شخصيت جو مالڪ پڻ آهي جيڪڏهن اهڙن ماڻهن جي همٿ افزائي ڪئي وئي ته ايندڙ نسلن لئه اهو نهايت ئي مفيد ۽ بهتر ثابت ٿيندو.
هي محمد يوسف دل جي ادبي خدمت تاريخ ۾ محفوظ رهندي ڌڻيءَ در دعا آهي ته کيس الله تعاليٰ تحقيقي ڪمن ۾ ڪامياب ڪري. آمين.


امر ادريس درس
وکريل موتي
گلن وانگر مرڪندڙ  مرڪندڙ ۽ صبح جي ٿڌي هير جهڙو مزاج رکندڙ، چنڊ جي چاندني جهڙي حسين چاهت رکندڙ، ماڻهن سان ميٺ محبت سان ملندڙ ساڌو سٻاجهڙو مرڪون پکيڙيندڙ ، ادب جي اڙانگي واٽ تي سفر ڪندڙ ۽ کير جهڙا اڇا اجورا جذبا رکندڙ نوجوان يوسف دل ذري جيتري تعريف جو محتاج نه آهي.
محترم يوسف دل سنڌي ادب ۾ جيڪا خدمت ڪئي آهي سا پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ هي ننڍڙي ڪاوش به ساراهه جوڳي آهي انتهائي قابل قدر آهي ڇو ته شاعري جي سوغات کي سهيڙڻ، وکريل موتي کي گڏ ڪري هڪڙي هار ۾ پوئڻ انهن کي ترتيب ڏيڻ سمنڊ مان موتي ڪڍڻ جي برابر آهي هن نفسانفسي جي دور ۾ جتي انسان کي ٻه گرهه ماني جا به صحيح کائڻ جيترو ٽائم نه آهي اتي اهڙي موقعي تي ۽ ان وقت ۾ ٻئي ڪنهن شخص تي محنت ڪرڻ، ان جي محنت کي سهيڙي هڪ سٺو ڪتاب تيار ڪرڻ ادب جي تاريخ ۾ وڏي خدمت آهي ۽ اها خدمت هڪ موڳو ۽ خود عرض شخص هرگز نه ٿو ڪري سگهي اها خدمت صرف اهو انسان ڪري سگهي ٿو جنهن جا جذبا جوان هجن ترو تازه هجن ۽ انساني خدمت ڪرڻ جو احساس اندر جي آسمان تي بادل وانگر وسندڙ هجي.
 يوسف دل جو هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ڏٻري جسم کي سگهه ملي آهي اندر ۾ توانائي آئي آهي سا هن جو سرشتو ٺيڪ ٿيو آهي اندر جي ادبي دنيا ۾ لائبريري کلي وئي آهي.
يوسف دل جي هي عظيم جاکوڙ صرف لائبريرين جي زينت ٿيڻ لئه نه آهي پر هي ڪتاب هاسٽلن، گهرن ۽ جهرن جهنگن ۾ پڙهڻ لئه آهي.


محمد يوسف دل
مقدمو
پياري سنڌڙي شال آباد هجي. جنهن جي مٽي جي خوشبوءِ هر هنڌ اچي رهي آهي. سنڌ جو خطو تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. ۽ سنڌ جا تمام ضلعا تاريخي لحاظ سان مشهور آهن پر ضلعي ٿرپارڪر جي ڳالهه ئي پنهنجي آهي. ٿرپارڪر کي تاريخي حيثيت حاصل آهي. ”ٿرپارڪر (پراڻو) ان وقت پاڪستان جو پنجون نمبر ضلعو آبادي جي لحاظ کان رهيو آهي. ۽ پکيڙ سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو پڻ رهيو آهي. “
ٿرپارڪر جي تاريخ جي باري ۾ معمور يوسفاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ”لطيف جا ٿر تان ڀيرا“ ۾ لکي ٿو ته 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته انتظامي لحاظ کان سڄي سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ ورهائي ڇڏيو (1) شڪارپور ضلعو (2) ڪراچي ضلعو(3) حيدرآباد ضلعو. ان وقت ٿرپارڪر جي نهري ايراضي عمرڪوٽ ڇاڇري تعلقي واري حصي کي ”ٿر“ ۽ باقي جيڪا ايراضي، مٺي، ڏيٻلي ۽ نگرپارڪر تعلقن ۾ ورهايل هئي، تنهن کي ضلع جي شڪل ڏيئي مٿس ”پارڪر“ جو نالو ڏنو ويو.
1858ع ڌاري ٿر ۽ پارڪر واري ايراضي ڪڇ کان جدا ڪري ان جو هڪ جدا انتظامي يونٽ ٺاهيو ويو جنهن کي”ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر“ جو نالو ڏنو ويو. 1982 ۾ هن يونٽ کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ۽ جنهن جو نالو ٿرپارڪر رکيو ويو. ۽ عمرڪوٽ شهر کي ضلعي جو هيڊڪواٽر مقرر ڪيو ويو . هي ايراضي جڏهن ضلعي جي شڪل ۾ آئي ته ان وقت منجهس ست تعلقا هئا. اڳتي هلي هن ضلعي جي حدن جي ردو بدل سان چار ٻيا تعلقا ٺهيا.
1911ع ۾  هن ضلعي ۾  يارهن تعلقا ٿي ويا جن کي ٽن سب ڊويزنن ۾ ورهايو ويو .
(1)ميرپورخاص (2) ناراريلي (3) ٿر. 1985ع ۾ وري پنجن سب ۾ ورهايو ويو (1) ميرپور خاص (2) ناراويلي (3) ڊگڙي (4) مٺي (5 ) ڇاڇرو .
هن ضلعي جي ايراضي سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري سرحدي حصي ۾ آهي اها، تاريخي جاگرافياڻي، توڙي ثقافتي لحاظ کان گهڻو اهم آهي.
نارا سب ڊويزن:
ٿرپارڪر ضلعي جي هي سب ڊويزن جنهن کي ”نارو“ سڏيو وڃي. ٿو سا هر لحاظ کان نهايت اهم آهي. ڇو ته هن سب ڊويزن ۾ جيترا جاگرافيائي نشان ۽ تاريخي اهڃاڻ ملن ٿا اوترو سنڌ جي ٻئي ڪنهن به سب ڊويزن ۾ ملڻ مشڪل آهن.
طبعي لحاظ کان هن سب ڊويزن جا ٽي ڀاڱا آهن (1) نارو (2) مهراڻو (3) کائڙ .
حدون:  هن سب ڊويزن جي اولهه ۾ ميرپورخاص ڊگڙي ۽ جيمس آباد تعلقا ڏکڻ ۾ مٺي. ۽ ڇاڇرو تعلقا اوڀر ۾ ڇاڇرو تعلقو ۽ ڀارت، اتر ۾ کپرو تعلقا آهن.
هن سب ڊويزن ۾ ساماري شهر کي وڏي اهميت حاصل رهي ساماري کان اڳ انهي پٽ جو نالو سميريا سومير هو. جيڪو پوءِ سمير سڏجڻ لڳو جنهن کي ماموئي فقير هن ريت ڳايو آهي.

سمير ۾ نه ساريون، ڪلريءَ ۾ نه ڪماند.
هر، هاري ۽ ڏاند، ڪوهه ڄاڻان ڪيهي ويا
شاهه صاحب پنهنجي بيتن ۾ ساماري جو ذڪر ڪيو آهي.
وٺاپٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري
وٺاپٽ پراڻ جا، اڪڙي سامارو
ساماري شهر جي آسا پاس ڪافي قديم ڳوٺ آهن انهن مان ڳوٺ سومار دل به هڪ آهي.
ڳوٺ سومار دل ريڻي ندي جي ڪناري تي، ۽ هاڻوڪو مٺڙائو واه جي ڪپ تي آهي هن ڳوٺ کان اولهه طرف ڄام واسڙ جو ڀڙو رهائو قبول شاه وارو قبرستان اوڀر طرف رام جاڳو جو قبرستان ۽ آس پاس ڪافي تاريخي جايون آهن .
هن ڳوٺ جا وڏا اصل سيلور جا رهندڙ هئا. اصل ۾ مال وارا مارو ماڻهو هئا. مال جي  چاري جي سانگي اچي هي ڳوٺ وسايائون.
سيلور جهڏي کان اوڀر طرف آهي ۽ دڙيلي جي ويجهو آهي. ان وقت جي دڙيلي جي باري ۾ معمور يوسفاڻي لکيو آهي.
شاه صاحب جي دور ۾ پراڻ جي ٻنهي پاسي کان ڪاڪ کان بَڊام تائين دل قبيلي جا گهڻا ماڻهو رهندا هئا. هن ۾ دڙيلي شهر جو سردار درياء خان دل به هيو.
ان کان پوءِ لکيو اٿن ته:
مغل دور ۾ جڏهن دل قبيلي جي ماڻهن اُهو شهر آباد ڪيو  ته اهو ”دل لوءِ“سڏجڻ لڳو ۽ ڪلهوڙا دور ۾ به انهي شهر جو سردار  درياء خان دل هيو عرب مورخن هن شهر کي دهليليه سڏيو آهي.“
هن ڳوٺ کي گهڻي اهميت سورهن گلن واري رلي ۽ سڳداسي چانور جي ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري هن ڳوٺ جي نالي بدران ڪڏهن پروڙ نه ڪڏهن نارو سڏيو ويندو هو. هن ڳوٺ ۾ اديبن عالمن توڙي صحافين جي پيدائش ٿي جنهن جو نالو ان تاريخي جي ورق ۾ موجود آهي انهن مان حاجي ابراهيم دل، پاهڙ فقير دل، سردار لطف علي دل حاجي احمد علي مجذوب ۽ اقبال دل جا نالا قابل ذڪر آهن.










پاهڙ فقير
پاهڙ فقير دل 1863ع ڌاري ميرپورخاص کي ويجهو ڳوٺ سومار دل، ديهه ٻريجي تعلقي پٿوري ۾ ٻڍي فقير جي جي گهرن ۾ ڄائو هن ابتدائي تعليم، ڳوٺ سيد حسان شاهه ۾ مولانا محمد علي پٺاڻ کان ورتي، جتي سندس وڏي ڀاءُ حاجي ابراهيم به تعليم ورتي، تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پاڻ ڳوٺ سومار دل ۾ پنهنجي ڀاءُ حاجي ابراهيم سان گڏ مدرسو کوليائون، ۽ پنهنجي علائقي ۾ تعليم ۽ تبليغ جو ڪم شروع ڪيو . (1)
شاعري کين وراثت ۾ مليل هئي. سندس وڏڙن ۾ صالح فقير، ڪنڊو فقير ۽ سندن والد ٻڍو فقير شاعر هئا. ان کان سواءِ سندن ڀاءُ حاجي محمد ابراهيم جي مثنوي ”عمر مارئي“ زنده جاويد ڪارنامو آهي. (2) پر پاڻ ڪڏهن شعر ڪونه پڙهيائون. پاهڙ فقير جڏهن جواني جي عالم ۾ هو تڏهن سندس ڀاءُ حاجي محمد ابراهيم جيڪو هڪ عالم ۽ عاشق رسول پڻ هو، پاڻ ڪريم جن جي سڪ ۾ ٻين رفيقن سان گڏ ساموندي رستي  مڪي شريف ويا، جتي حج ڪيائون ۽ مديني شريف ۾ ئي سندن انتقال ٿيو. پاهڙ فقير کي سندن ڀاءُ حاجي ابراهيم سان تمام گهڻو پيار هو. ڀاءُ جي وفات جو ٻڌي کين دلي صدمو پهتو. هڪ ڏينهن پاڻ ڪنهن ٻني وٽان گذريو جتي هاري هر پئي هلايو. هاري ڍڳن کي هي لفظ چئي رهيو ”آءُ، آءُ وري آءُ کٻي آءُ“ هاري جا اهي لفظ ٻڌي سندن دل ڀرجي آئي. دل ۾ خيال ڪيائين ته منهنجو جاني ڀاءُ ته اڃا ڪونه موٽيو، اتان کان هي بيت چيائين:
وري آءُ وري تون ديس مٺا دلبر
تنهنجا لوڙها، ويڙها واڙيون مون کي گهائن گهر
حاشيو 1: هي معلومات جناب پروفيسر مراد علي راهمون، هٿ ڪري ڏني.
حاشيو2:  وڻجارن جون وايون، خانصاب عطا محمد پلي، صفحو16

جانب تنهنجي جوءِ ۾ وڃي ڏٺم ور
ڏسان ڪونه ڏيهه ۾ تنهنجي سونهن سڌر
هينئڙي منجه حشر آهن دوست تنهنجا ”دل“ چئي
هي بيت پڙهي شام جو گهر آيو. سگهڙ جيئري فقير کي سڏائي پڇايائين ته دوست هي بيت مون ڪهڙي سر مان چيو آهي جنهن تي جيئري فقير چيس هي مجاز جي سر جو بيت آهي ان کان پوءِ پاڻ ان سر جا ٻيا بيت پڻ چيا ۽ ٻين سرن سر مجاز، سر مومل، سر مومل مجاز، سر ڪيڏارو،. سر مورڙو، سر مارئي، سر مارئي سوالن جوابن ۾ ۽ سر سارنگ ۾ پڻ بيت چيا. سندن بيتن کي نڙ بيت چيو وڃي ٿو پاهڙ فقير١٩١١ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار، نور شاهه لڳ جهلوري ۾ آهي.
پاهڙ فقير جو اولاد
پاهڙ فقير جا ٽي پٽ (1)حاجي احمد علي (2) صاحب (3) راهب راهب غيرشادي شده گذاره ويو. حاجي احمد علي مجذوب هڪ عالم دين هو ”سندن پيدائش 1897ع ۾ ٿي پاڻ بلند پائي جا شاعر هئا. ان کان علاوه آزادي تحريڪن ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو حاجي احمد علي مجذوب جي وفات 1967ع ۾ ٿي .
 حاجي احمد علي مجذوب جو اولاد
حاجي احمد علي مجذوب کي ٻه پٽ اقبال ۽ اڪبر ۽ ٽي نياڻيون ٿيون.
 اقبال دل.
اقبال دل(ولادت 1938ع) حاجي احمد علي مجذوب جو پٽ آهي. هن وقت هر ڪراچي ۾ رهي ٿو ۽ روزانو هلال پاڪستان اخبار جا 1988ع کان ايڊيٽر آهنِ اقبال دل جو اولاد چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن.
اڪبر دل
اڪبر دل (ولادت 1934ع) ولد حاجي احمد علي دل هوميوپيٽڪ ڊاڪٽرهئو ۽ جواني ۾ ئي سندن 1961ع وفات ٿي. سندن اولاد ۾ سندن هڪ پٽ علي اصغر دل آهي. علي اصغر دل کي ٽي پٽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي.
صاحب دل
صاحب پاهڙ فقير جا وڏو پٽ هو. سندس اولاد مان هينئر محمد عابد دل جو پڻ اعليٰ پائي جا شاعر آهي. پاڻ مارئي جون ٽيهه راتيون شاعري ڪئي اٿن ڳوٺ سومار دل ۾ زمينداري ڪري رهيو آهي.
عابد علي جو اولاد
عابد دل کي اولاد ۾ چار پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن. هي ڪجهه مختصر احوال هو پاهڙ فقير جي خاندان جي باري ۾.
پاهڙ فقير جا دوست
غلام حسين مغل (مکڻ سمون) عثمان پهوڙ (ٽنڊو الهيار) ۽ تاجو خان لاشاري (بلوچ آباد) جو  .
جن جي باري ۾ ڪو احوال نه ملي سگهيو آهي.

اميد علي دل کان مليل روايت
سهڻي ٽولي مِٺي ٻولي ڪن ڪونجن جي قطار
سهڻو هلڻ سهڻو ٽلڻ سهڻي سندن ڍار
سرها تيل ڪريو ڦليل واسيو ويڙهين وار
اکيون ڪاريون مرگهه موچاريون سهسين ڪن سينگار
اڇا ڏند دل بند آهن محبتي مڻيادار
نرمل نڪ سنهڙا چپ ڀرون ڀونئري دار
کڻن ڳاٽ گهڙيل گهاٽ هسيون سونهن هار
پيرن ڪڙيون زيورن جڙيون منڊيون مينا دار
مٿن ويس لال لبيس ڪن ڦلڪن جيئن ڦلڪار
ڪن نهار بي اختيار دِل دٻائي ويون دل چئي.
انهن واقعي بابت بابا نواز علي ٻڌايو ته نه پاهڙ فقير پنهنجي دوستن غلام حسين مغل، عثمان پهوڙ ۽ تاجو خان لاشاري سان گڏ محمد علي هالپوٽي هي ڳوٺ جي ڀر واري ٻني تي هر ڪا هيڏا هئا ته انهي ڳوٺ جون عورتون پاڻي ڀرڻ لاءِ هُرلي تي اينديون هيون ۽ هي ٽي دوستن پاڻ بيتن جي ڏي وٺ ڪندا هئا، هي بيت پاهڙ اتي چيو.



احمد علي مجذوب جي ڊائري مان ورتل

 گنگن گڏي آهيان اديون ٿيم اندوه
ڪرم منهنجي ۾ قافلو ڪنهن کي ڏينديس ڏوهه
وسعت ناهي وک جي ڪيئن ڪپيندس ڪوه
هانگامون جن جي هلڻ جو مون ٻهڪو ڪونه ٻڌو
ٿي پير نهاري ”پاهڙ“ چئي ”پاهڙ“ چئي منهنجو سنجهي ساٿ ويو
پورهيت پنڌ پيو ٿي روئي جيجان تن جتن لاءِ
هن بيت بابت اهو واقعو معلوم ٿيو آهي ته پاهڙ فقير جو ننڍو پٽ جنهن جو نالو ڀورو هو جنهن جي موت تي هي بيت پاهڙ فقير چيو ۽ هن بيت جي بابت جيڪا معلومات ملي آهي اها مجذوب حاجي احمد علي دل جي ڊائري مان ورتي وئي آهي.
پنهنجي پاران
جڏهن مون بي اي فائينل جو امتحان ڏنو ته ان ۾ هڪ پيپر سنڌي جو هو. ان سنڌي جي پيپر جي تياري لاءِ مون کي سنڌ جي ادبي تاريخ پڙهڻي پئي. جڏهن سنڌ جي ادبي تاريخ پڙهيم ته هڪ سوال ذهن ۾ آيم ته اسان جا وڏڙا هميشه اها ڳالهه ڪندا آهن ته پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ شاعرن، اديبن ۽ عالمن جو گهراڻو آهي جن جي شاعري پوري سنڌ ۾ مشهوري ماڻي. جڏهن اهو خيال دل ۾ آيم ته سنڌ جي مڙني شاعرن جو ذڪر ته آئون سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ پڙهي آيو آهيان، اتي ته سندن ڪو ذڪر ڪونه ٿو ملي، بس پوءِ اهو ادبي تاريخ جو ڪتاب کڻي پنهنجي چاچي سگهڙ فقير محمود دل وٽ آيس. پڇيم چاچا توهان ته چوندا آهيو ته هنن بزرگن جا بيت پوري سنڌ ۾ مشهور آهن، هتي ته سندن نالو ئي ڪونهي، چاچا اهو وراڻيو ته پٽ جو ”انهن مان هڪ بزرگ مرحوم حاجي ابراهيم دل جي مثنوي عمر مارئي“ 1954 ۾ سردار لطف علي ڇپرائي ان کان پوءِ ڪنهن به سار نه لڌي. بس ان ڏينهن پنهنجي چاچي سان اهو واعدو ڪيم ته آئون هاڻي ايم اي سنڌي ۾ ڪندس ۽ هنن بزرگن جي ٿيل ڪم کي سهڙيندس بس پوءِ چاچا پٺي ٺپي دعا ڏني ته الله ڪندو تون منزل ماڻيندين، ان ڏينهن تي مون چاچا محمود کان پاهڙ فقير جو ڪلام ٻڌو پوءِ هڪ هڪ بيت گڏ ڪري چاچا کان سمورا بيت لکرائي پاهڙ فقير جي پوٽي محمد عابد دل کي ڏيکاريم، جن چيو ته اهي بلڪل صحيح ۽ ساڳيان بيت آهن. بس پوءِ ته جڏهن پاهڙ فقير جي وارثن کي خبر پئي انهن مون کي شاباس ڏني ۽ مجذوب جي لائبريري مان ڪجهه ڪتاب هٿ ڪري ڏنا جن جي مدد سان مون هي ڪتاب سيهڙيو. بس هي ڪتاب سيهڙي جڏهن آغا صاحب کي ڏيکاريم ته پاڻ ڏاڍا خوش ٿيا ۽ مون کي چيائون ته يوسف هي تون وڏو ڪم ڪيوآهي ۽ پاڻ منهنجي انهيءَ ڪم تي گهڻي حوصلا افزائي ڪئي هڪ ٻه سال ئي گذري ويا نيٺ 2007 ۾ جڏهن مون ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي ته آئون ميرپور خاص ۾ وڏيري محمد صالح دل جي بنگلي تي رهڻ لڳس. وڏيري صاحب جا ٻه وڏا پٽ هڪ خير محمد ٻيو رياض احمد جيڪي نهايت شفيق هئا انهن مان رياض احمد دل جڏهن هي ڪتاب ڏٺو ته مون کي ٻه هزار ڏيئي چيائين ته وڃي هن ادبي خزاني جي ڪمپوزنگ ڪرائي سانڍي رک مان سندس ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ان وقت حوصلا افزائي ڪئي، خير وري به ڪتاب نه ڇپجي سگهيو انهيءَ وچ ۾ ٽي سال ٻيا گذري ويا انهن ٽن سالن دوران مون پاهڙ فقير متعلق ڪجهه نئون احوال به سهيڙي ورتا ۽ اها علي اصغر دل صاحب جي لکيل هٿ اکر ڪاپي به مون کي ملي وئي. ته آئون ڏاڍو خوش ٿيس ۽ اهي خوشي جون خبرون جڏهن آغا صاحب کي ٻڌائيندو هئس ته پاڻ منهنجي هر موڙ تي حوصلا افزائي ڪندا هئا آخرڪار سال 2010  ۾ جڏهن آئون ميرپورخاص شهر جي الهديٰ اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لڳس ته منهنجي ملاقات وقت جي بزرگ ۽ عالم دين حضرت مولانا اميرالدين مهر صاحب سان ٿي جنهن سان جڏهن حال اوريم ته پاڻ قدم قدم تي منهنجي رهنمائي ۽ اصلاح ڪئي ۽ منهنجي شوق کي وڌايو. مان پنهنجي محترم استادن آغا در محمد صاحب ۽ محترم حضرت مولانا اميرالدين مهر صاحب جو ٿورائتو آهيان جن مون جهڙي ناچيز کي نوازي هڪ ڪتاب سيهڙڻ جي اهل بڻايو. ۽ منهنجي هر موڙ تي رهنمائي ڪئي تاج محمد هاليپوٽو ، پروفيسر مراد علي راهمون، محمود فقير دل، خير محمد ڏاهري ۽ امر ادريس درس، جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجي تحريرن سان ڪتاب کي سينگاريو  ان کان پوءِ آئون محترم غلام قادر دل ۽ رضا محمد دل جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي هن ڪتاب ڇپرائڻ ۾ مالي مدد ڪئي، پنهنجي بزرگ  ۽ خاندان جي لائق عالم ۽ اديب محترم اقبال دل جو تمام گهڻو شڪر گذار آهيان جنهن جي شفقت جي نظر منهنجا حوصلا هميشھ وڌايان، ڪتاب جو نسخو نظر مان ڪڍڻ، پروف ڏسڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ تي محترم ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو پڻ بيحد شڪر گذار آهيان. آخر ۾ آئون پڙهندڙن کي اها گذارش ڪندس ته هن طالب کان ڪتاب جي اندر زير زبر ۽ ڪا نڪتي جي غلطي رهجي وئي هجي ته هو منهنجي اصلاح ڪن.















سر مجاز
(١)
وري آ وري تون ديس مٺا دلبر
تنهنجا لوڙها، ويڙها، واڙيون، ٿا گهائن مون کي گهر
جانب تنهنجي جوءِ ۾، مون وڃي ڏنا ور
ڏسان ڪونه ڏيهه ۾ تنهنجي سونهن سڌر
منهنجي هنئڙي منجهه حشر، آهن دوست تنهنجا ”دل“ چئي
                                                     (٢)
وري آ وري، مون ڪوڙين اڏايا ڪانءَ
تون وري ورئين ڪونه ڪو آئي مند مٿان
سنهيون انهيءَ سور جو مون ڏي ڪونه مُڪان،
ڪهڙي جهلئين جهل ۾ ڪنهن حاڪم جي هٿان
ڪيئن هرئين هندورن ۾، موٽي مومل سان
ٻاهر به تنهنجي ٻانهن، وسريو ناهين ورهين کي
(٣)
وري آ وري تون يار ڇڏي وئين ڌار
ڏسڻ کان ڏور ٿئين جنهن جي خبر نه ڪا آهي چار
ڪاري ناهي ڪاغذ نه ته ڪريان حيلا لک هزار
لکي هوند موڪليان ڪي پروانا انهيءَ پار
پرين تنهنجي”پاهڙ“ چئي، پرت ۽ پچار
آهيم اُڪنڊ اندر ۾، ووڙيان ٿي وڻڪار
وطن سڀ ولهار مون ديس نهاريو ”دل“ چئي
 (٤)
وري آ وري تون وڃي ويٺين منهن مٽي
هينئڙو اداسي آهون ڪري سو جانب ڪيئن جٽي
جان تون وري اچ وطن تي،جان تون پاڻ وڃ لوڙهه لٽي
جان پرين وٺي وڃ پاڻ سين يا وڃ ڪاتي سان ڪٽي
ٻري باهه بدن ۾ جئين کانئي ڀاڻ بٺي
تنهنجي سڪ سٽي، دل لوساٽي ”دل“ چئي
(٥)
وري آءُ وري، منهنجو جيئڻ ٿيو قيامت جيئن
ڦوڙائي فراق جا، ٿا وسن من اندر مينهن
تون وئين گوندر گڏي، ٿيو حال منهنجو هئين
درد تنهنجو ”دل“ چئي، مون کي ڪهندو قبر سين
جيئن ٿا لنگهن ڏينهن، مون کي ڦوڙائو ٿو ڦٽ ڪري
 (٦)
وري آ وري، تون جهلئين ڪهڙي جهل
ڪيئي ٿي سڏ فراق مان، تون هلندي مهل هڪل
ويندين تو واهيا، اهي ڳوڙها مٿان ڳل
هنئي جا ڪاتي قلب ۾ تنهن سوجهي ڪئيڙا سل
ساجن انهيءَ سور جي ٻئي ڪنهن کي ناهي ڪل
ڄاڻي ٻجهي مون ڌڻي، آهه کورو اندر کل
جيرا، جگر، بڪيون، آهي آنڊن ساڻ اڇل
ڪهڙي ٽليان ٽل، ڪا درد انهيءَ جي ”دل“ چئي
 (٧)
وري آ وري، توکي ساهه سدا ساري
هينئڙي منجهه فراق جو تون ٻارڻ وئين ٻاري
جانب جَل جدائي جو ٿو محب مٺا ماري
صورت تنهنجي سُپرين، مون کي ڏاتار شال ڏيکاري
ڪريان عرض الله کي، منهنجا وڇوڙيل شال واري
مان ميڙائو مون ڌڻي، منهنجو قادر شال ڪري
هاڻي ڳاراڻو ٿو ڳاري، دوست تنهنجو ”دل“ چئي
وري آءُ وري! تنهنجي ڦوڙائي ڪيا ڦٽ،
تو جيڏا، تو سرتا، مونکي مارين ٿا مٽ
ڏسيو پوشاڪون ”پاهڙ“ چئي، ڪهن ڪاتيون ۽ ڪرٽ
آخر منجهه ارٽ، ڦرن ٿا فراق جا(1)
(1)هي بيت جناب ڊاڪٽر اسد جمال پلي
صاحب هٿ ڪري ڏنو. (يوسف دل)





سر مومل مجاز
(١)
مومل سجهي ٿي ملڪ ۾ سا سوڍي سڀن کي
هوندي سڌ سور، جي، جا چٽڪو ات چکي
سٻر پڇي ٿي خبرون هو ماري ميرن کي
ڪهيو ڪاڪ ڪنڌين ۾ راڻي نيو به رکي
ٻاريو مچ مجاز جا ٿي لوهي لشڪر کي
دانهه نهوڙيو ”دل“ چئي، ٿي ني سڀ ڪنهن کي
اڄ سڀاءُ توکي، نئي مهمان ڪندا مومل جو
(٢)
مهمان ڪندا مومل جو، جنهن جي ڪان پوي ٿي ڪل
تنهن ڳل پٽ ڳوري ڳاريا، ماري سڀ مل
ڪئين قبرون ڪاڪ ڪنڌين ۾، تنهن ارڏي نيا اڻ جهل
خونڻ سڀ کپايا، جن جا ڳاڙها هئا ڳل
ريهه ورندا ٿي روڪيا، راڻي ٿي رڻ مل
سي سڀ دٻايا ”دل“ چئي نئي ماڙي هيٺ مهل
موٽي نه ڏيندي موڪل، وريو نه ورندا ورهن کي
 (٣)
وريو نه ڇڏي ورهن کي، ٿي پس نهوڙي ناتر
جن لڌيون لائون سي، وري گهوٽ نه آيا گهر
ڳري مٿا ملوڪن جا، ٿيا ڀون تنهن جي ڀر
مانجهي موٽيا ڪين ڪي عاقل نيا اپچر
جيڪي دانهه ويڙس در، سي وريا ڪين ورهن کي
(٤)
وري وريا ڪين ورهين کي، جيڪي ويا مومل جي محلي
سا خونڻ نيڻ خمار مان، کڻيو ٿي کلي
مومل اڳيان ماڙي جي، ٽليو ٿي ٽلي
پري جي پڙلاءُ جو ”پاهڙ“ چئي، هو جهڙپون ڏيو ٿي جهلي
گهوڙاتن گهوٽن لاءِ آئون پيڙس ور ولي
سورهيه ڪونه سلي، ڪو ڪٽ انهيءَ ڪاڪ جو
 (٥)
ڪوجو ڪوڪٽ ڪاڪ ۾، وريا ڪين امير
سي سڀ سلامي سوڍيءَ ٿيا، پير توڙي فقير
اڀي پڇي پيڙا ٿي، نه ئي وريا ڪي وير
ڪئين ڦٽيا ڦٽ فراق جا، ڪئين جڙيا منجهه زنجير
ڪئين راڻي راءَ ريجهايا ڪئين هينئڙي آين هير
هاڻي ڪهڙيءَ ڳالهه ڳهير، سي مانجهي موٽيا ڪين ڪي
 (٦)
مانجهي موٽيا ڪين ڪي، وڃي لٿا لوڊاڻي
موهي جهليا مومل، ڪئين عاشق اولاڻي
ڪئين ستا وڃي سيڄ، بندي ور ڏيئي وڇاڻي
ڪيئن ناتر سڀ نهوڙيا، گهوٽ وجهي  گهاڻي
نر سوڌا ناڻي، سي مانجهي موٽيا ڪين ڪي

سُرجوڳ
(١)
پهرينءَ پوڄا پڙ ۾ جيجان جوڳيڙن
ٻيءَ ٻاتڙا ٿيا، ڪنهن سان ڪين ڪڇن
ٽينءَ ٽوڙي هليا، مٽي مائٽن
چوٿينءَ چوتا چيلهه ۾، ڪپڙي غرض نه ڪن
پنجينءَ پاسا پٽ ۾ ٿا لاهوتي ليٽن
ڇهينءَ ڇار ڇتن ۾ ٿا گرو گور گکن
ستينءَ سالونپٽ جون ٿا ڪريو مور ٽلن
اٺينءَ اوطاقن ۾ ڇڏي، ڇنو سنگت جوگيڙن
نائينءَ نماڻي ٿيا ڇنو سانگ سانگيڙن
ڏهينءَ ڏسڻ لاءِ منهنجيون اکڙيون اداسي آهن
جيجان جوڳيڙن، منهنجا لاهوتي لڏي ويا
 (٢)
لاهوتي لڏي ويا، منجهان جوڳي جود ڪري،
هت نه هريا ڪاپڙي لاٿائون پرت پري،
مڙهيون ماڳ ڇڏي ويا سامين ڪيئن سري،
جايون جل ان جا ڏسيو اندر باهه ٻري،
ڌاڳا اُت ڌري ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي،

(٣)
ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي منهنجا سامين سانگ ڪري
هلڻ ويا حرمين ڏي جوڳي جود ڪري
سڪ منجهان سردارؐ جي ويا پرين پنڌ ڪري
پوءِ ڌاڳا اُت ڌري منهنجا جوڳي جود ڪري ويا
 (٤)
گونگن گُڏي آهيان اديون ٿيم اندوهه
ڪرم منهنجي ۾ قافلو ڪنهن کي ڏيندس ڏوهه
وصيت ناهي وک جي آئون ڪيئن ڪپيندس ڪوهه
هانگامون جن هلڻ جو، مون ٻهڪو ڪونه ٻڌو
ٿي پير نهاريان ”پاهڙ“ چئي منهنجو سنجهي ساٿ ويو
هاڻي پورهيت پنڌ پيو، ٿو روئي جيجان تن جتن لاءِ








سينگار بيت
سهڻي ٽولي، مٺي ٻولي، ڪن ڪونجن جيئن قطار
سهڻو هلڻ، سهڻو ٽلڻ، سهڻي سندن ڍار
سرها تيل، ڪريو ڦليل، واسيو ويڙهين وار
اکيون ڪاريون، مرگهه موچاريون، سهسين ڪن سينگار
اڇا ڏند، دل بند، آهن محبتي مڻيادار
نرمل نَڪَ، سنهڙا چپ، جهڙا سڀ ڀرون ڀونري وار
کڻن ڳاٽ، گهڙيل گهاٽ، هسيون سونهن هار
پيرن ڪڙيون، زيور جڙيون، منڊيون مينادار
مٿن ويس، لال لبيس، ڪن ڦلن جيئن ڦلڪار
ڪن نهار، بي اختيار، سي ته دل دٻائي ويون ”دل“ چئي





سُرُمورڙو
(١)
ڪن ڪلاچي ڪالهه نئيا منهنجا گهاتن ري گهوڙا
ماٺ نه اچي مور کي ٻارڻ ڪنهن ٻوڙيا
رَڇ ڇڏي ويا ريل ۾ جنهن ٿي جوڙيا
مَڇ ڳهي ويو ملوڪن کي منهنجا مانجهي ڪنهن نه مروڙيا
هاڻي لڙهه وڏي لوڙهيا، منهنجا داناءَ هئا ”دل“ چئي
 (٢)
داناءَ هئا ”دل“ چئي منهنجا مانجهي مل مٿير
ادا تن ارڏن ري منهنجا پل نه ٽڪن پير
سي گهاتو گهر نه آيا ٿين اڄ اوير
ڪونه ڏسان سي ڪڏانهن ويا منهنجا ڇتن ساڻ ڇڳير
منهنجي هنئڙي ڀڳي هير، ادن جي اچڻ جي
 (٣)
ادن جا اندر مان جونش ٻرن جهونجهار
ڀيڻون پٽين ٿيون ڀائرن لئه پڙ ڪڍيو پار
چوٽا جن چوٽيسرا هو سهسين ڪن سينگار
مري ملاحن مٿي تي هس لاٿائون هار
ڪونه ڏسان ڪڏانهن ويا منهنجا ڀاڄائن ڀتار
هئي هئي ڪريو هٿ هڻي وڃيو دلو سندي درٻار
ساري جانب يار، ٿيو ديوانو ”دل“ چئي
 (٤)
ديوانو ”دل“ چئي مانجهي مل مٿير
ڪاهي آيا ڪُن تي جهلي دل دلير
هنئنيس ڪات ڪپار ۾ جنهن ضد ٻڌو هو زيرَ
ماري تنهن مروان کي ورتئين ڪنان وير
ڀائر تنهن جا ڀڙ هئا، سو سانگ ڦري ٿو شير
ريلا وهائي رت جنهن، ڍونڍي ڪڍيائونس ڍير
ڏيئي ”پيڙهيء“َ مٿي پير، نر وڄايون نو بتون
(٥)
نر وڄايون نوبتون رکي ڀالو ڀير مٿي
نيزو ٻوڙي کوڙيو وڃي خان اتي
روئي اڱڻ ان جي، جانب هئا جتي،
سانگ ويري جي سر تان کنيو نر نٿي
هاڻي نيو امر اُتي، جت جونجهار هئا جنگ جا
(٦)
جهونجهار هئا جنگ جا منهنجا عاقل سڀ امير
مرد مڙيا ٿي ڪين ڪي هيون دميون ڌنڌا گير
ڪيئن ڪٺا ڪنن ۾ منهنجا مانجهي ماريا مير
پاڙئون ان جا پاهڙ چئي ڪلا ڪڍيائون ڪير
تنهن ”عليؓ“ جي اولاد تي هُئي توڙ ڪنا تقدير
منهنجي هينئڙي لڳي هير وڇوڙي جي واءُ جي
سر عمر مارئي (سوالن جوابن ۾)
عمر مڪا مارئي ڏي ڄڻا چونڊي چارئي
ٽي مهند موٽي آيا چوٿين مارئي ماري
انهيءَ مهل اختياري عمر ڏني ان کي
 (١)
سوال: عمر: پٽ پهر مارئي تون وڳا ڪر ويهي
آڻين ويهاريان اوڏڙا تنهنجا ڏاڏاڻا ڏيهي
جن جا مال چرن موهرن ۾ گيهه ڀري گيهي
تن سهڻا گهڙائي ڏيان سون جا نهيرا نيهي
لاهج سڪ سرتين مان جيڪي سارين سي ئي
تنهنجا مارو مٽ مڙيئي سڀ پارايان سون مان
(٢)
جواب: مارئي: سڀ پارائين سون مان پر ڪوٽن ۾ ويهندس ڪين
ڇا مارو ڇاماڙيون تون پڇ عمر امين
ڪر خوف خدا جو تون، مارين ڇو مسڪين
جن جي حڪم ۾ لک ڪروڙ هئا سي نيا زوراور  زمين
کائي خاڪه ڦٽا ڪيا حاڪم سڀ حسين
پٽ پٽوريون پنهوارن کي مان ميهڻا مين
نه کپن بابن اسان بنگلا، ٻيو چيروليو ۽ چين
اسين ويلا گذاريون ولهه ۾ مون ات ڏٺا امين
پٽ پٽهڙيون ”پاهڙ“ چئي مائرن ميهڻا مين
اٿم زور يقين ويندس تن ويڙهچن ڏي
                                                               (٤)
سوال: عمر! پٽ پهر مارئي تون ماڙيون ويهي ماڻ
ويهه دٻائي داٻيءَ سان ڪڍ نه ڪنهن جي ڪاڻ
راڄ جون راڻيون تو وٽ ڪن رهاڻ
سمجهه ڪر ناداڻ اها لوئي تون لاهي ڇڏين
                                                               (٥)
جواب مارئي: لوئي ڪيئن لاهيان جا عمر اباڻي آهي
سرهي جا سنگهارن جي وسان لوئي ڪيئن لڄائي
جيڪي لکيا هوندم لوح قلم ۾ وينديس قيد ڪمائي
جنهن کاڌيون پِپيون ”پاهڙ“ چئي سا تنهنجا کاڄ ڪيئن کائي
عمر مون کي آهي، اميد اوڏانهن وڃڻ جي
(٦)
عمر: پٽ پهر مارئي تون گلن تي گذار
محبت رک مون سان ويڙهيچا وسار
مرڪ نه سونهين مارئي توکي رڍن سان ريڍار
ويهي گڏ گذار محلن منجهه ملوڪ سين


 (٧)
مارئي: محل هندورا  ماڙيون بنگلا ويندين  حاڪم هِتِ ڇڏي
ايندئي ڪوٺاڻون قهار جو ويندين منجهان لوڪ لڏي
ظالم ۽ ظلم جي ڪڍندو پاڙ ٿڏي
بيهندو پاڻ پاتشاهه صاحب اُتِ سڏي
آءُ تون گڏ، گڏي، مارن کي وري مارئي،
 (٨)
عمر! پٽ پهر مارئي ڏکيو تنهنجو ڏيهه
پوشيده پلنگن تي وڇاڻا ڪري ويهه
توکي ڌيان محل هندورا، ماڙيون رُوپي سندو ريهه
وجهه سونا ڳهه ڳچي ۾ تو نڪو ڇلن جو ڇيهه
ڏکيو تنهنجو ڏيهه، تون وساري نه ويهي رهين
وساري ڪيئن ويهي رهان، منهنجا مارو مٽ مٺا
پکي آباڻي پار جا، آڻيو ڏين چهنبن منجهه چٺا
ڏک ڏوراپا انهن جا، مون پڙهي پاڻ ڏ‎ٺا
حيف منجهه هن حال کي، اُتي آهن راڄ رٺا
تن پنهوار جا ”پاهڙ“ چئي  وڃي چاريندي گهارن منجهه گهيٽا
اُهي چسڪن جا چِٽا عمر آڇين ڇو کڻي




هي بيت پاهڙ فقير جي پوٽي محمد عابد دَل وٽان مليو.

(٩)
جواب مارئي! مارؤن ڌاران ماڙين ماٺ نه اچي مون
عمر جهل انهن کي جيڪي ڪن خطائون خون
اسين ڏوٿي کائون ڏٿڙا، تڙئون نه تڙ تون
متان ميري مون ڏي، اچين ڀرجهليندا ڀون
اچي پوندئي اوچتا ٻيا گهوڙا مٿي گهون
جڏهن لڏيندين لوڪ مان سان ڪامل هلندئي ڪون
تنهنجا ميوا وڻن نه مون، سي آڇون عمر ڇو ڪرين
 (١٠)
سوال عمر! پٽ پهر مارئي تون سوني سيڄ وڇاءُ
تنهن تي هيرا ماڻڪ موتيءَ مينا ساڻ  مڙهاءِ
ڏيان مال خزانا ماڙيون، تون ويٺي حڪم هلاءُ
مارئي نه وجهه مامري هي جيءُ جيڏين لاءِ
هو چارين ڇيلا، گهمن ٻيلا، سنگ سندن کاءِ
اها لوئي نه لاهي ڇڏين جا اُنَ اگلي آهي
مارن لاءِ مارئي تون وهي ڪيم وڃاءِ
زريون ڪر زيورن سان تون پلنگ پٽولا پاءِ
وهي ڪيم وڃاءُ، تون مارن لئه مارئي


(١١)
جواب مارئي! وهي وئي تان گهوري منهنجي ڄام ڄمار
کڻندس ڪونه کٿيرن جي ڪا مٿي تي ميار
هئم صحبت سانگيڙن سين، تو ڌاڙو هڻين ڪيو ڌار
ساري تن سنگهارن کي رويو ڪڍان پار
ڪين ڪندس هن ڪوٽن ۾ تن سرتين ري سينگار
ساريو تن سنگهارن کي، مون عمر ڪم اپار
تنهنجا پٽ پٽوريون ”پاهڙ“ چئي نه پايان هار
ويڙهيچا ۽ ولهار، مون ڏ‎ٺي ڏينهن ٿيا
(١٢)
سوال عمر! پٽ پهر مارئي سمجهه ڪر سياڻي
جهڄڻ ۽ جهوري سان ته پاڻ گڏيو پاڻهي
وايون ڇڏ وڃڻ جون اٿي ويهه وهاڻي
کاڄي ويندءِ مٽي ۾ هي جوڀن جواڻي
ور ڏيئي وراڻي، تون آڏيون ڏي نه عمر کي
(١٣)
جواب مارئي! آڏيون ڏيندس اتي جتي ترندو تورو
ڏاڍائي جو ڏيهه ڌڻي جت ڦولندو ڦورو
ڪنهن کي ڦٻندو ڪين ڪي ظلم ۽ زورو
ملڪ الموت جو ٿو ڪرٽ سجهي ڪورو
سوجهي ڪڍندئي ساهه کي گهٽي گهٽي گهورو
پڇاڻي جو ”پاهڙ“ چئي اڳيان ڏيهه ٿيندين ڏورو
متان ٿئين منهن مورو، ڪورٽ منجهه ڪريم جي
(١٤)
جواب مارئي! ڪورٽ منجهه ڪريم جي سڀئي سڏبا
ٿيندو ڏينهن ورهين، جو نفسا نفسي هر ساءِ
اڀرندو سج سوڙهو ڪندو تک گهڻيرو تاءُ
پوندي ڪل ڪلنئي جڏهن هلندا حشر ڏانهن
ٿيندئي ڪورٽ ڪريم جي مَڪر مير مداءُ
ڪڏهن قادر ڪڍندو ڪوٽ مان هيڻي هن هنڌاءِ
ديس وڃڻ لاءِ ”دل“ چئي مون ڪيو آهه احد اداءِ
ڪڍ تون بند مان بندا، وڃي چاريان ڦرڦوڳن ۾
 (١٥)
چاريان ڦر ڦوڳن ۾ هتان ڪڍ همير
آئون ڀوڳيان ٿي ڀوڳنا اندر جي اُڪير
سڻ تون عرض امير، ڪڍ بندياڻي هن بند مان
ڪڍ بند ياڻي بند مان ٿي جهڄي جهانگيئڙن لاءِ
کنڊ، مصريون، کومچا، تنهنجا کاڄ نه هتي کاءُ
ويندس ويهنديس ڪين ڪي جبر ڀانيان جاءُ
عمر اباڻي پار ڏي ڪو اوٺي هتان هلاءِ
ڪو سانگين مان سڏاءِ ته ڪڍي هن ڪوٽ مان

سرمارئي (پڪار)
(١)
ڪٿ وطن ڪٿ ويڙهيون، ڪٿ سڳر، ڪٿ ساهڙيون ڪٿ گولاڙو گسن
دل تان نه لهن”دل“ چئي جن جهوڪون منجهه جنهگن
ان جا ڇيلڙا ڇيڪ چرن ٿا ڦوڳن ڦريو ڦل،
ڪانه ٻڌي سون ڪڏهن ڪاتن جانگهين مٿي جهل
تو پڻ زوراور ظلم ڪيو ٻانهي پڇان ان جا پل
منهنجي ڏوٿين ڏيهه ڦٽو ڪيو سڻي هاڙي جي هڪل
ويان پهون پڪاري، مون وساري، کڻي کانڀ کلل
تون پڻ مير ڇڏيندين ماڙيون حملا هتي هل
هتان لک، لوڪ لڪائون نيا ارڏي هيٺ ازل
هلي بيهندي محشر ماڳ ۾ جت ٿيندي توراڙن تل
اتي پهنوارن جي ”پاهڙ“ چئي ڪِرندي آهه اٽل
ڪنبندي ويا ڪورٺ کان ههڙا مانجهي مل
ڪئين افلاطون اهل، راڻيون راءِ ڇڏي ويا
 (٢)
ڪٿ وطن، ڪٿ ويڙهيون، ڪٿ ساهڙيون ڪٿ سڳر
ڪٿ گولاڙو گل، ڪٿ ڦوڳ مون چاريم ڦر
وڇوڙي ويڙيهچن کان آندو تو عمر
تنهنجا محل، ماڙيو، بنگلا ٿي ڀانيان ڪوٽ قبر
منهنجي ڏوٿين ڏيهه ڦٽو ڪيو تنهنجي سور سٻر
دل تان نه لهن ”دل“ چئي تن ويڙهيچن جا وڳر
مهندان ڏينهن محشر، پوندي ڪل ڪنگال جي
 (٣)
ڪٿ وطن ڪٿ ويڙهيون، ڪٿ سڳر ڪٿ ساهڙيون ڪٿ ڀينر ۽ ڀائي
لکيا هئا منهنجي قيد ڪرم ۾ تو ڪئي ڏمر ڏاڍائي
پيم وڇوڙو ويڙهيچن کان ٿيو امر الاهي
عمر ڏينهن عدالت جي پوندي سڌ سڀائي،
داور تڙيندي ”دل“ چئي اتي ظالم ڪئي جائي
وات اتي وائي، عمر ڪڇي سگهندين ڪانه ڪا
 (٤)
ڪٿ وطن ڪٿ ويڙهيون، ڪٿ سڳر ساهڙيون، ڪٿ مارو منهنجا مير
آئون ڪين ڪٽنديس ڪوٽن ۾ منهنجو ڪيو اندر اڌ  اڪير،
سڪ تن جي سومرا وڌا زابر زور زنجير
دل کي نه وڻن ”دل“ چئي تنهنجا ماڙيون محل مير
اٿم آس الله ۾ وڃي ڏسندس ماڳ ملير
کاهڙ کٿيريون کير، مون کي جيڏيون ڏينديون جوءِ ۾
 (٥)
ڪٿ وطن، ڪٿ ويڙهيون ڪٿ سڳر ڪٿ ساهڙيون ڪٿ جيڏين سندي جوءِ
منهن نه لڳي مارو، ڪو رنگ تنهنجي جي روءِ
ڪين وڻي ڪوٽن جي، باس هتي مون بوءِ
سي ٿي ساريو ساريان سومرا سانجهڻ ڪن صبوح
دل تان نه لهن ”دل“ چئي منهنجا آڌار هئڙا اوءِ
ڪن ٿا سڏ صبوح، منهنجا لڱ مارن کي

سر مارئي (سڪ ۽ سوز)
(١)
لڏي ويا ڇڏي مون کي تاڙيون ڏيئي تاڪ
مون کي تن مارن جي ڦٽيو ڦٽ فراق
وڍيو وڍ ويڙهيچن جا چڪيو چڪن ٿا چاڪ
سڀر لڏائين ها سومرا جن جو هاڃو سڄي هاڪ
ٿر مان کڻي ويا ٿاڪ، منهنجا ديس ڇڏي ويا ”دل“ چئي
 (٢)
لڏي ويم ڇڏي سانگي سٽائون
ويا ڪنهن ولايت کي جن سان هئم سهسين سکائون
پڊ ان جا پڊيون ٿي در ڏسيو ڪريان دانهيون
اوڊ عمر ڄام جو سئو نه ڪو سئائون
ان جا ڀاڻا ڀٽن تي اولا اجهائون
هو ويا ڪنهن ولات کي  هِت جهلي جهل آئون
وانگي وري ڪونه ڪو مون کي مڪائون
ڪيڏانهن ڪيائون ڪاهون، منهنجا ديس ڇڏي ويا ”دل“ چئي
 (٣)
لڏي ويم ڇڏي مون کي ان جا ويڙها ٿا وڍين
پکا پيهون ”پاهڙ“ چئي، وڃي تان اوڏانهن اڏين
وري ورڻ جي ڪان ڪيائون ان جا سانڀر ٿا سارين
اُهي ويا عميق ڏي ٿا توڏا تنوارين
مون کي ٿا مارين ڦٽ ڦوڙائي جا
 (٤)
لڏي ويم ڇڏي، ڪنڌي مهڙيس ڪالهه
وچان ان کي ورهيه ٿيا، آئون ساريان ويٺي سال
نڪي ڌڻ ڌنار، نڪي مارن سندا مال
نڪو ڀوڻ ڀڻڪو، نڪا مارن جي مقال
نڪو سڏ، نڪو مڏ، نڪو هت ڀائي حال
هائي گهوڙا، ڳاڙيان ڳوڙها، آئون جر وهايان جال
هي قسمت جو ڪمال، منهنجا ديس ڇڏي ويا ”دل“ چئي
 (٥)
لڏي ويم ڇڏي جن هئم جيءُ جي جڙي
تن مارن جي منهن ڏسڻ لاءِ ويو منهنجو من سڙي
هينئڙو ڦوڙائي ڦٽ ڪيو، کورو ٿيم ڪڙهي
ڪڏهن مارو مون کي ملندا جن جي جهوري دل جهڙي
ڀانيان ڏينهن قيام جو گهارڻ هت گهڙي
قسمت قيد ڪمال جي پئڙو انگ اڙي
ڪنهن چيٽاڻي چڙهي، منهنجا ديس ڇڏي ويا ”دل“ چئي
 (٦)
لڏي ويم ڇڏي اڄ هت هينئڙي هوءِ
ڪونه ڏسان ٿي ڪڏانهن ويا باس نه تن جي بوءِ
نڪو منهن مارن جو نڪو رنگ تن جي روءِ
ڪريان سڏ صبوح، منهنجا ديس ڇڏي ”دل“ چئي

 (٧)
لڏي ويا ڇڏي آئون هت گهڙي ڪيئن گهاريان
انگ اڳ ۾ ئي لکيو هو سو سور پچان ۽ پاڙيان
ساريو تن سانگيڙن کي آئون جليو جر هاريان
نڪري نهاريان منهنجا ديس ڇڏي ويا ”دل“ چئي

    سر (سارنگ)
(١)
ڏاڏاڻي ڏيهه تي اڄ ڪڪر ڪارون ڪن
بجليون آب اسرار، ڪيو ويس وسن
مٿان منهن مارو ڄام جي پلر ٿا پلٽن
پکو پرين پنهوارن جو، جنهن قيمت ڪانه ڪهن
هيرا، ماڻڪ، موتي ۽ لالون لک لڏن
زمرد ياقوت جا منجهس ٽئونر ٽلن
ٻيا پدم ڪروڙين ”پاهڙ“ چئي، منجهس لالون لڏن
جيئن سج، چنڊ، تارا ۽ ڪتيون جهرمر جهلڪا ڪن
جهڙي انڊ لٺ اڀ ۾ تهڙي سيج سندن
وساري ڪيئن ويهي رهان اهڙي اباڻن
موڪل ڏي سومرا وڃان ڏسان پکا پنهوارن
اکيون انهيءَ پار ڏي منهنجون وڇڙيون وجهلن
پيا پدم ”پاهڙ“ چئي منجهه لالون ٿيون لڏن
بادل ٿا برسن، روضي پاڪ رسول جي
روضي پاڪ رسول جي ٿيا ڪاورنڀار ڪڪر
وڄيون وڄن سامهون ڏين واروڪا ور ور
وٺو نور نبي تي پلٽيا پوڄ پلر
جن کي سڪ سرير ۾ ات پهچائيندو پرور
واري گڏيندو ويڙهيچن سين سانگياڻي سرور
منهنجن اکڙين ڪيو اوسر، اڄ پڻ عربي پار ڏي
اڄ پڻ عربي پار ڏي ٿا ڪن ڪارون ڪڪرڪس
روضي پاس رسولجي تن وسي ڪيا وس
پلر پلٽيا ”پاهڙ“ چئي جن گهٽيون ڀرياگس
منهنجي هنئڙي ڪيا هنبس اڄ پڻ عربي پارڏي
اڄ عربي پار ڏي ٿا جال وسن جرجر
لَٿي اُڃ عالم تان باريءَ ڀريا بربر
اَچي چڙهيا چت تي اُهي ٿاريليون ٿر ٿر
ان جا وڙڪيو چرن ويڙهه ڦوڳ مٺا ڦر ڦر
اوڍين لويون صاف ڌوريون ڪيو ڏوٿيڙا ڏر ڏر
تنهنجا پٽ نه پايان کٽ کانئيان ڄيري ڄر ڄر
ڪڏهن ڏٺا  هئم ڪينڪي تنهنجا ديوارون در در
کڻايس کوهه تان کيت ڪنا کر کر
تنهنجا ڪوٽ هلي ڪر ڪر، لهندم مارو ڄام ملير ۾
مارو ڄام ملير جا تون سڻج عرض امير
قيد قضا ڪاٽين تون پنوهارن جا پير
آهون دانهون عاجزيون سڻ مديني جا مير
دلبر ميڙين ”دل“ چئي جن جي اندر اڌ ڪيو اڪير
سختي جا سڪرات جي سا سولي لنگهائج سير
هي آهي طرف ڪنان تقدير مولا تون معاف ڪج
مولا تون معاف ڪرين لاهين لوهه لڱن
آئون وڃان ويڙهيچن ڏي، جي هينئڙي منجهه هرن
سرتيون ساريان، هنجون هاريان، اندر چت چرن
جهنگل جهانگي رهن سانگي ڪنهن ويل نٿا وسرن
اٿن پنهواريون صبح سوايريون منهنجا ڪوڏ ڪَتن
هينئڙو هيرن ڀريو ڀيرن آتڻ جو ارٽن
ان جي سڪ، ڇڪي ڇڪ، آئون مچ ڀايان ماڙين
تنهنجي ڪوهه ڪريان ڪوٽن، آهي وطن منهنجو ويڙهه ۾