Tuesday 19 June 2012

شاعري







ڪتاب جو نالو      :                 ياد مون کي ڪجان
شاعر                  :                 محمد يوسف  "محبتي دل"
تاريخ             :                 1999-12-08
هنڌ             :                 ڳوٺ سومار دل























بيت


رب اول  نالو الله  جو   پوء ٻي  پچار
محبتي هر دم سار مالڪ مٺڙي جي

                  (محبتي دل)













غزل


سفر زندگي    شروع   ۽   ختم ٿيندا ويا
ڪي ٿيا پنهنجا ڪي   پراوا   ٿيندا ويا

****
سڪون   محبتون   هيون   جن    لاءِ
اهي   ماڻهو   ڪنارا    ڪندا    ويا

****

ڪي رکندا ڪن سان سچيون دليون
ڪن   سندا   قول  ڪوڙا ڪندا ويا

****

پريت جنهن لڳائي ننڊ جنهن لاءِ ڦٽائي
بيشڪ   اهي   ماڻهو   پراوا   ٿيندا ويا

****


غزل


وسريل      پيارا       اڄ      ياد     آيا
ڪيا   جن   ڪنارا  سي اڄ ياد  آيا

****

گهاريل گڏ گهڙيون   ڪي انهن سان
۽   اهي    نظارا         اڄ     ياد    آيا

****

ڏسڻ سان جن کي ٿي مرڪي پياسين
پرين     پيار     وارا     سي    اڄ ياد آيا

****

آس      هئم    رهندا     سي     گڏ
ڪيا انهن ئي ڪنارا سي اڄ ياد آيا


****






ٻه سٽو

هي زندگي   ڪيڏي   نه    عجيب آ
ڪنهن ملي محبت آ   ته ڪنهنجو
ڦٽل    نصيب     آ

****

چو سٽو

جڏهن ڏٺوسين دلبر کي هڪ بار
ته دل   ۾ لڳو    هڪ    اهڙو زار
ٿي    ويس       اهڙو     بي     قرار
جو لکندو    رهيس     هن     جي
سونهن     تي    بار بار

****




غزل




توکي    پئي   چاهيوسين   او  سا ٿي
پر الئه ڇو نه پنهنجو پايوسين اوسا ٿي

****
تون   جو   مون   کان ڏور هليو ويئن
ان ڏينهن کان  ناهي  دل کي سڪون

****

تنهنجي    تصور   کي    ڏسي او سهڻا
دل   کي    ملندو    آ    چين    ساٿي

****

تنهنجي    پيار     جو  ڏنل انمول تحفو
’’محبتي‘‘      وٽ       رهيو       آ باقي

****


غزل


عجيب      زندگي        جا رنگ         نرالا ڏٺاسين
پيار جا ڏيئا     ٻرندا   ڪندي       اجالا    ڏٺاسين

ڪن      کي   ڪارا ڪپڙا     ڪندريون هٿن ۾
ڪن کي ڳائيندي  پيار    جا   هو    جمالا ڏٺاسين

ڪن   جون   اکيون   هيون      محبوبن جي راهه ۾
ڪن کي ڏونگر ڏاريندي ڪندي   ڪشالا ڏٺاسين


مليا   ٿي    ڪن سان    مرڪي    محبوب سائين
ڪن کي محبوبن جي نظرن جا کائيندي  پالا ڏٺاسين

ڏسندي    ڏسندي      راهه       ۾   ’’محبتي‘‘   کي
ڏسيندي           اهي            حوالا           ڏٺاسين







غزل

دوست     ان      کي    هاڻي    وساري    ڇڏ
جيڪو  ٿيو آ بي وفا ان کي   ڌڪاري   ڇڏ
***
دنيا   هن  ۾ ملي  ملي   ٻيو   ڪو محبوب
اهڙي سنگ دل کي پنهنجي دل تان اتاري ڇڏ
***
هن   توکي    ’’محبتي‘‘    ڪڏهن نه ساريو آ
هاڻي   چڳو   اٿئي    ته    هن   کي وساري ڇڏ


******


ٽي سٽو

سور ڏٺم جن لاءِ سي سپرين نه مليا
وڃي  ڪنهن    ٻئي    سان    مليا
ماري            ’’محبتي‘‘           کي

*******




غزل

ملي آ   اڄ    مونکي     خوشي    جي    خبر
پرديس مان   موٽي    آيو   آ    منهنجو    دلبر

***

اها گهڙي نه هئي جو مون هن کي ساريو هوندو
هن به پرديس   ۾ وڃي نه مونکي وساريو هوندو

***
ڇا    ٻڌايان    اي    سهڻا     دوست        توکي
هو     ته         آ          منهنجو    جاني    جگر

***
ماکي       جيان    مٺو               آ         پرين
سهڻو   آهي      هن         جو       چهرو    شجر

***






غزل



پنهنجن         سپنن    ۾    چڪنا   چور    آهيان مان
دل             پنهنجي     هٿان     مجبور    آهيان    مان

ڇا       چوان     ڪيئن     سمجهايا      سهڻا    توکي
تو         کان         جو         ڏور         آهيان      مان

سارو        ڏينهن           تنهنجي     تصوير    اکين    ۾
ايڏو             ڇو         بي                 شعور        مان

تو      بن           هن            ويران          شهر       ۾
ٿيو       ريزا     ريزا     ڀڄي         ڀور         آهيان  مان

تون     جو مرڪي       ملندو      آدا    ’’محبتي‘‘ سان
تڏهن کان هن دل جي هٿان ٿيو بيوس ۽ لاچار آهيان مان

****





غزل

تو    کان       جو   ٿيو    ڌار    آهيان   مان
ڪيڏو   بيوس   ۽   لاچار     آهيان    مان

جڏهن کان   تنهنجي     محبت    هئي   ملي
تڏهن    کان    ٿيو     بي    قرار   آهيان مان   

تو    بن    هن      ويران     شهر    ۾    ساٿي
 اجڙي    وکري   ٿيو      بي قرار   آهيان  مان

الئه   ڪهڙي     تو    ڏني     ’’محبتي‘‘ کي
جو پنهنجي دل هٿان   ٿيو   ڌڪار آهيان مان

****










غزل



اکين ۾ هر وقت ڳوڙها
هاءِ   هاءِ   هي    وڇوڙا

رت    ساڳي رهي نه ٿيا
ارمان   اسان   جا   پورا

ڇا   لکان   ،   ڇا سکان
آهيان     خيال     اڻپورا

جيون    سڦل    نه   ٿيو
رهي اداس ٿيا  حال  پورا

****








غزل


موٽڻ    ڪو     ميهڻو    ناهي
سچ ته پراو   پنهنجو ٿيڻو   ناهي

خوشيون    ڏيئي    کوڙ    پهرين
آخر ته   ڏيڻو      ميهڻو    آهي

ڪنهن لاءِ ٿو روئين ڙي ’’محبتي‘‘
رت پرائو   دانگي   تي    ورڻو ناهي

ڪوئي پرائو پنهنجو   ٿيڻو ناهي
موٽڻ      ڪو       ميهڻو ناهي












غزل

تنهنجو    مونکي    ساٿ           هجي
ڀل پوءِ      اندهيري        رات      هجي

ڀل    بارود     جي      برسات        هجي
ڀل   ٻيو    ڪوئي    نه    ساٿ     هجي

ڀلي    دشمن     سارو         جهان    هجي
ڀل   ڪنڌ    منهنجي    تي ڪات هجي

ڀل جتي    ويراني وڻ    جي    وات    هجي
ڀل اتي روشنين    جي نه    سوغات   هجي

ڀل   سچ    چوڻ       تي        ڦاهي    لڳي
پر ’’محبتي‘‘ سچ جي وائي هميشه وات هجي










غزل

ڇڏي شهر   تنهنجو   هڪ    ڏينهن هليو ويندس
نه هلندو زور ڪنهنجو هڪ ڏينهن هليو ويندس

ڇڏي       سڀ    محبتون     ۽    چاهتون     هتي
ڇڏي     هي     شهر     هڪ ڏينهن هليو ويندس

ڇڏي        مٽ             مائٽ      ۽    عزيز   هتي
ڇڏي ڏاڍ ۽ ڏاهر   هڪ    ڏينهن     هليو   ويندس

ڇڏي سڀ  ’’محبتي‘‘      مرڪون     ۽    سنگتون
ڇڏي         ته        غزلن           ۽     شعر     جي
 هڪ     لهر     هڪ     ڏينهن     هليو     ويندس











غزل


ڇو ٿو پڇين مونکان پيارن جون ڳالهيون
وڇڙي ويل چنڊ تارن     جون    ڳالهيون

دل سان     جن    کي    چاهيوسين   پئي
ان دل       وارن    يارن   جون    ڳالهيون

هر    وقت   رهياسين    جن    سان    گڏ
نه پڇ مونکان انهي  دل وارن جون ڳالهيون

نه    ’’محبتي‘‘  تون    سڻان  درد روشن کي
ٻڌي اهي روئيندا تنهنجي پيارن جو ڳالهيون











غزل

سورن     سان     هلڻ     اسان    سکيو   آ
جداين ۾ جدا پرين کان گهارڻ   سان لکيو آ

خوشين        ۾        رهي             سدائين
ڏکن      سان      ڏور      اسان    سکيو    آ

ڪڏهن مليون محبتون نه ڪڏهن نفرتون
ٻنهي سان ناتو   جوڙڻ    اسان    سکيو    آ

وڇوڙي     سهي      پرين      جو  ’’محبتي‘‘
دل کي    ڌتارڻ        اسان         سکيو      آ

****

ٻه سٽو


سڄڻ    خوف    خدا جو    ڪر،    آهيان هت
ڪري دَل تي احسان سگهو مل اچي محبتي سان






غزل

اداس    شامون    اوهان    جون    يادون
برهه  سنديون باتيون اوهان  جو    يادون

گلڙن جي مهڪ، جهين جي      چهڪ
۽   اوهان     ٽهڪ   ، اوهان   جو يادون

لين  جي     لالي    ،     نظرون     جلالي
۽      سوالي      ،        اوها   جون يادون

چانڊوڪي جا چمڪا، چيٽ جا ڇڻڪا
۽ چوڙين جا وچڪا اوهان  جون     يادون

الماس رايون، توسان نيهن     جون   باتون
اوهان                  جون             يادون







غزل

اوهان    کي    سارين   نه وسارين اکڙيون
هر وقت اوهان جون راهون نهارين اکڙيون

رهي       پرين         کان            پري
دل      کي       ڌتارين    هي    اکڙيون

سدا    سانوري   جو   انتظار    ڪندي
ٿڪل مسافر  وانگر     نهارين    اکڙيون

محبتي سدا رهيو اوهان جي يادن ۾  گم
اڃا تائين راهون اوهان جون نهارين اکڙيون














وائي

پري جي   مونکان   ٿيندين
ڏور جي   مونکان    ويندين
                                    ته مٺا روئي پوندس
پرديس جي     تون             ويندين
خطڙو نه مونکي     لکندين
                                    ته مٺا روئي پوندس
سهڻو سڄڻ     منهنجو    آهين
ڪنهن ٻئي سان وڃي ملندين
                                    ته مٺا روئي پوندس
ساٿ جي     منهنجوڇڏيندي
ماڻهن کي جي موقعا ڏيندي
                                    ته مٺا روئي پوندس
مرڪي نه محبتي سان ملندين
منهن    سڄايو    ويٺو   هوندين
                                    ته مٺا روئي پوندس








آزاد نظم

ها هي     سچ   آهي
مان ڪو شاعر ناهيان
ها اهو به سچ         آهي
ته مون زماني         جي

محبت     ،     نفرت
سماج   ۽      نظام
کي         ڏسي قلم
هٿ     ۾      کنيو

دل         مان نڪتل
هن        درديلي لفظن
کي قلم جي نوڪ سان

سنواري          ڇڏيم
۽ اها شاعري   ٿي          پئي







آزاد نظم

اسان هن ڌرتي تي رهون نه رهون
پر اسان جا گيت،    غزل  ۽ وايون
اوهان جي زبان تي ضرور هوندا

اوهين ڀل اسان کي وساري  ڇڏيو
پر هي گيت ، غزل ۽ وايون اوهان
کي اسان جي ياد ڏياريندا   رهندا


****

آزاد نظم
ها هي سچ آهي      ته    مان ڪو
شاعر ناهيان صرف تهنجي چاهت
کي ڏسي تنهنجي محبت کي ڏسي
تنهنجي    پيار      کي     ڏسي
تنهنجي   حسن     کي ڏسي
ڪجهه      لکڻ  لڳس  ۽      اها
شاعري                ٿي         پئي


****








چو سٽو





اي پرين ! نه ڏسين ها تون حسن مونکي،
نه ئي ٿيان   ها مان   تنهنجو      ديوانو،

هائي تولاءِ ’’محبتي‘‘ ائين ٿو      سڪي
ڄڻ      شمع    لاءِ       ڪو     پروانو   

****





وائي


تنهنجي سورن    ڇڏيو   آ     ساڙي
هر ڪو   پيو    توکي   ڌڪاري
تنهنجي سورن ڇڏيو آ    ساڙي
                                    تنهنجي سورن ڇڏيو آ ساڙي
پنهنجي نصيبن جي    سورن سهاري
هو حياتي      پئي             گهاري
                                    تنهنجي سورن ڇڏيو آ ساڙي
ويڙهيجن ۾ هو هئي ڪيڏي  پياري
ظالم هن کي         روز       ٿو     ماري
                                    تنهنجي سورن ڇڏيو آ ساڙي
مصيبت جي هن           ماري        کي
ڪوبه نٿو      انصاف   ڏياري
                                    تنهنجي سورن ڇڏيو آ ساڙي









غزل


 ڪيل     وعده   تو    نه      پاريا
لڙڪ    مون    تو لاءِ زارو زار هاريا

جيون              جا              سپنا
مون     تو     خاطر    آهن    ڏياريا

جيڪي ڏونگر   تولاءِ ڏاري پهتس
سي سڀ      تو   آهن        وساريا

ڪيل    وفائون ، ڪيل  جفائون
۽ رهيل خط سڀ منهنجا تو   اڏاريا

پيار جي هن        پسئيتل      تي
ساٿي     سڀ      تو       ڌڪاريا








هي ڪجهه ورند هن بي وفا جي ياد     مان
اجايو      تو    خواب تو هن لاءِ     کاريا

هر مهل   ياد دل     تي  هوندو هئين
ڪي ڏينهن مون     تنهنجي يادن ۾ گهاريا

هاڻي  هي      وچن آ    محبتي    جو
جيڪي ڏينهن ڏکيا مون گهاريا سي گهاريا

مٺا محب مونکي ڏسڻ           تون نه   آئين
رهيو روح رڙندو پڇڻ تون نه        آئين

ڪري پاند پاسي مٺا      منهن     ڏسين ها
ساڳيو هئس مان به ٻين کان پڇين        ها

اٿم انتظار تنهنجو ڀر ۾   بيٺو آهيان
خبر چار   وٺڻ تون آئين             نه  

****