Wednesday 11 January 2012

شاعري



 شاعري
                 محمد يوسف محبتي دل
بس پيار ڪونهي
هتي به ڪونهي ،هتي به ڪونهي
ڪٿي به ڪونهي ،ڪٿي به ڪونهي
ساڳئي اها بهار ڪونهي
بس پيار ڪونهي ،بس پيار ڪونهي
ڀلي چمن کي گهمي ڏسو
ڀلي ماڻهن سان ملي ڏسو
ساڳئي اها نهار ڪونهي
بس پيار ڪونهي ،بس پيار ڪونهي.



شاعري



آزاد شاعري
                 محمد يوسف محبتي دل
اي انسان آدم جا اولاد
توکي
ٿورڙو به احساس نه ٿيو
هن مصوم جي لاش
کي روڊ تي ڏسي
ته پوءِ تون ڪهڙو انسان
آهين.

شاعري


آزاد شاعري
                 محمد يوسف محبتي دل
مان مڃان ٿو ته
تون حسين آهين
پر ڪائنات کان
وڌيڪ نه
 ڇو ته تون به
هن ڪائنات ۾ رهين
ٿي.

Wednesday 4 January 2012

شاعري





شاعري
                            محمد يوسف محبتي دل

هلو ڀٽائي جي نگري تي
ٿيو آ سڏ سنڌ وارن کي
ٿيو آسڏ سڪ وارن کي
                    هلو ڀٽائي جي نگري تي
ڇڏيو ننڊ نڀاڳ
ٿيو هاڻي سجاڳ
                هلو ڀٽائي جي نگري تي

سنڌين کي هي سڏ آهي
علي قاضي سڀني سان گڏ آهي
                        هلو ڀٽائي جي نگري تي

سنڌ جو ڏسو ڪهڙو حال آهي
اٿو تبديلي جو سال آهي
                           هلو ڀٽائي جي نگري تي


شاعري



شاعري
                         محمد يوسف محبتي دل

       واهه سنڌ جا ڀٽائي

توسنڌ جي ٻولي ڳائي
توسنڌ جي ٻولي ملهائي
                       واهه سنڌ جا ڀٽائي
تو سنڌ جي ست سورمين کي ڳايو
تو سنڌ جي ڏهه ڏاتارن جو ٻڌايو
                              واهه سنڌ جا ڀٽائي
تو سجي  اسانکي سنڌ گهمائي
تو اسان کي سجي تاريخ ٻڌائي
                           واهه سنڌ جا ڀٽائي
تو سنڌي وائي تاهي
تو سنڌ سان پريت نڀائي
                         واهه سنڌ جا ڀٽائي

Tuesday 3 January 2012

پنهنجي باري ۾


.
                   محمد يوسف دل
                                              پروفائيل   
. محمد يوسف دل ڳوٺ سومار دل ديهه ٻريجي تعلقي پٿوري ضلعي عمرڪوٽ جو علمي ۽ ادبي لحاظ کان، اڀرندڙ ستارو آهي، هي نوجوان اديب، ڳوٺ سومار دل ۾، اميد علي دل جي گهر 20 فيبروري 1986ء تي ڄائو، پرائمري تعليم (1996ء) ڳوٺ جي اسڪول مان، ميٽرڪ (2001ء) شادي پلي هاء اسڪول، انٽر شاهه لطيف ڪاليج ميرپورخاص (2003ع) ۽ بي- اي (2006ء) گورنمنٽ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص مان پاس ڪيو اٿس، 2009ع کان ايم  اي، سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي اٿس. محمد يوسف دل، نظم توڙي نثر ۾ طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. 1999ع ۾ نظم لکڻ شروع ڪيائين، ڪيترائي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيا اٿس، تازو 2010ع ۾ لاهور مان ”تصنيف ۽ تاليف جو تربيتي ڪورس“ به ڪري آيو آهي، هن جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”اسلام ۾ عورتن جا حق“ غزالي اڪيڊمي ميرپورخاص سال شايع ڪري چڪي آهي، سنڌي ۾ ”محبتي دل“ ۽ اردو ۾ ”منصوري “ تخلص آهي. تربيتي ڪورس دوران هڪ تحقيقي مقالو اردو ۾ تيار ڪيو اٿس، هن وقت، پنهنجي ڳوٺ جي بزرگ شاعرن ۽ انهن جي سوانح تي ڪم ڪري رهيو آهي. زير مطالعي ڪتاب، ”ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي“ پاهڙ فقير دل جي شاعري جو ڪجهه حصو آهي، پاهڙ فقير جي شاعري مرتب شڪل ۾ موجود ڪانه هئي. محمد يوسف دل، وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان مختلف سگهڙن جي صدري روايتن ذريعي گڏ ڪري، ڪتاب تيار ڪيو آهي. اسڪول مئگزين جو ايڊيٽر آهي ادبي ڪمن ۾  اڃان جاکوڙ جاري اٿس.
                                         (پروفيسر مراد علي راهمون )