Thursday 16 May 2013

ماڻڪ موتي: امن جو گيت

ماڻڪ موتي: امن جو گيت: امن جو گيت                                                                                                                       ...

Saturday 1 December 2012

گلستان مان انتخاب

(3) حڪمت
امام غزالي رحمته الله کان ڪنهن پڇيوته،”تون علم جي اعليٰ مرتبي تي ڪيئن پهتين؟چيائين جا شي نه ايندي هئم ،ان جي پڇڻ ۾ لڄ نه ڪندو هئس۽عار نه سمجهندو هوس.بيماري جي وقت ڪنهن حڪيم کي طبيعت ڏيکارڻ۽علاج وٺڻ يا نه ايندڙ  ڳالهه بابت پڇا ڪرڻ سڃاڻپ آهي.

Thursday 29 November 2012

گلستان مان انتخاب


(1) ٻه ماڻهو اهڙاآهن ،جيڪي مرڻ مهل حسرت کڻيويندا.هڪ اهو شخصجنهن مال گڏ ڪري رکيو،پر کاڌائين ڪين،ٻيو اهوشخص جنهن علم سکيو، پر عمل ڪين ڪيائين.

Tuesday 11 September 2012

امن جو گيت



امن جو گيت     
                                           

                                                                                                                                                 محمد يوسف محبتي دل
امن جي ڌرتي تي ،امن  ٿو گهرجي.
امن جي ڌرتي تي ،امن  ٿو گهرجي
ڌاڙا،ڦرون نه ڏاڍ ڏهر ٿو گهرجي،
امن جي ڌرتي تي ،امن  ٿو گهرجي
روز روز جون هڙتالون ، نه ڪو قهر ٿو گهرجي،
امن جي ڌرتي تي ،امن  ٿو گهرجي
نه قتل نه قتل، نه ڪوئي لاش ٿوگهرجي،
امن جي ڌرتي تي ،امن  ٿو گهرجي
بکون،فاقا.نه ئي ڏکن جي ڪا ئي لهر ٿي گهرجي،
امن جي ڌرتي تي ،امن  ٿو گهرجي
نه سنڌ کي هاڻي سڙيل ڪو شهر ٿو گهرجي
امن جي ڌرتي تي ،امن  ٿو گهرجي ،
ڏکن ۾ مارو،بکن ۾ مارو،نه هاڻي مارو ڪو بي گهر ٿو گهرجي
امن جي ڌرتي تي ،امن  ٿو گهرجي ،
محبتي آهيون،محبتي هاڻي اهڙو سحر ٿو گهرجي.
امن جي ڌرتي تي ،امن  ٿو گهرجي

Tuesday 3 July 2012

خلاصه تراويح



۽ اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ آسان ڪيو آهي ته ڪو آهي جو ان ۾ سوچي ۽ سمجهي؟ (سورة قمر، آيت نمبر:71)

خلاصه تراويح






سنڌيڪار
محمد يوسف دل



غزالي اڪيڊمي، ميرپور خاص



سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

نالو:                       خلاصه تراويح
سنڌيڪار:          محمد يوسف دل
نظر ثاني:              مولانا امير الدين مهر
ڪمپوزنگ:        سلام پريس حيدرچوڪ
ڇپائيندڙ:             غزالي اڪيڊمي _ ميرپورخاص
ڳاڻاٽو:                  1000
سال اشاعت:       جولاءِ 2012ع













ملڻ جو هنڌ

غزالي اڪيڊمي گهر نمبر اي _ 3_ بلاڪ نمبر اي _ 2 سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص
فون نمبر:0233-861941



بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الحمد لله رب العالمين والصلوٰة والسلام علي رسوله الکريم و عليٰ اٰلهٖٖ و اصحابه اجمعين والعاقبة اللمتقين. امام بعد
مسلمان امت وڏي خوشقسمت ۽ ڀاڳن واري آهي جو وٽن الله تعاليٰ جو ڪلام ۽ ٻنهي جهانن جو وسيلو پنهنجي اصل شڪل ۾ موجود آهي. انهن آيتن، اچارن ۽ لهجي ۽ قرات ۾ پوري طرح محفوظ آهي. ٻئي پاسي ڏسجي ته افسوس ٿئي ٿو جو امت محمدي ۾ ناظره پڙهيل به پنجاهه سيڪڙي کان وڌ ناهن. وري قرآن مجيد جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهڻ وارا ته ڪي ڳاڻ ڳڻيا ئي آهن. ۽ وري قرآن مجيد تي عمل ڪرڻ جي لحاظ سان ڏسجي ته اڃان ٿورا بلڪ تمام ٿورڙائي آهن.
قرآن شريف پنهنجي باري واضح فرمايو. وَ لَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ۰۰(القمر 54:17) بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت لاءِ تمام سولو ڪيو آهي. پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.
اهوئي ڪارڻ آهي جو قرآن پڙهڻ، سمجهڻ، ان ۾ غور فڪر ڪرڻ ۽ ان جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ان جي تعليم کي ٻين تائين پهچائڻ جي ترغيب ڏيارڻ ۽ تبليغ لاءِ چيو ويو. ان مقصد لاءِ روزانو تلاوت ڪرڻ ، معنيٰ ۽ ترجمو پڙهڻ لاءِ ترغيب ڏنل آهي.
رمضان المبارڪ قرآن مجيد جو مهينو آهي جنهن لاءِ نبي اڪرم ارشاد فرمايو: جنهن شخص رمضان جي راتين ۾ قرآن ٻڌو ته ان جا گناهه بخشيا ويندا. وري ارشاد آهي ته قرآن مجيد قيامت جي ڏينهن پنهنجي پڙهندڙ لاءِ الله تعاليٰ وٽ شفاعت ڪندو ۽ اها شفاعت قبول پوندي.
رمضان المبارڪ ۾ ئي قرآن نازل ٿيو ان ڪري ان جي هڪ رات کي اها فضيلت ۽ درجو مليو جو ان جي عبادت هزار مهينن کان وڌيڪ ٿي پئي.
اسلامي ڀائرو! الله تعاليٰ  هڪ ڀيرو اسان کي اهو موقعو ڏنو جو رمضان جي سعادت نصيب ٿي. ان مان برڪت ۽ سعادت حاصل ڪندي. ڏينهن جا روزا رکي الله تعاليٰ جو حڪم مڃون ۽ ۽ رات جو تراويحون پڙهي نبي سائين جي سنت ادا ڪريون ۽ قرآن مجيد سان لئون لائي سچا مسلمان ٿيون.
تراويح جي خلاصي کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ اسان جي نوجوان محمد يوسف دل کي اها سعادت ملي جو هن سولو سلوڻو ترجمو ڪيو. وري غزالي اڪيڊمي کي اها توفيق ملي جو ڇپرائي پڌرو ڪري ۽ توهان جي خدمت ۾ پيش ڪيو.
اوهان کي گذارش ڪجي ٿي هر رات تراويحن کان پوءِ هڪ خلاصو نمازين کي پڙهي ٻڌائيندا.
والسلام
              توهان جو ديني ڀاءُ
امير الدين مهر


اول    نالو   الله    جو ،  جو    برڪت    بي     شمار
سو   ڏيهن   جو   ڏاتار،   سو    سٻاجهو    سپرين

پهرين تراويح

اڄ جو بيان پهرئين سوا سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. يعني سوره فاتحھ ۽ سوره بقره جون 176 آيتون.
حقيقت ۾ سورة فاتحه هڪ دعا آهي، جيڪا الله تعاليٰ هر انهيءَ انسان کي سيکاري ٿو، جيڪو هن ڪتاب جو مطالعو شروع ڪري ٿو. باقي سڄو قرآن انهيءَ دعا جي جواب ۾ الله تعاليٰ جي طرفان، جڏهن بندو دعا ڪري ٿو ته ”منهنجا رب! منهنجي رهنمائي فرماءِ. مان تنهنجو ئي ٻانهو آهيان ۽ تو کان ئي مدد گهران ٿو.“ منهنجو رب کيس ان دعا جي جواب ۾ هي پورو ڪتاب عطا ڪري ٿو. هيءَ آهي اُها هدايت، جنهن جي تو مون کان گهر ڪئي هئي.
سورت بقره: الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”قرآن مجيد الله کان ڊڄڻ وارن جي رهنمائي ڪري ٿو.“ هيءَ هدايت انهن ماڻهن جي ڪم نٿي اچي، جن ۾ هدايت حاصل ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي. اُهي گونگن ۽ ٻوڙن وانگر محروم رهندا آهن. هن سورة ۾ غيب تي ايمان آڻڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ايمان جو شرط ٻڌايو ويو آهي ته قرآن سان گڏ ٻين الهامي ڪتابن تي ايمان آندو وڃي، آخرت تي يقين رکيو وڃي ۽ الله جي ڏنل رزق مان الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو وڃي. منافقت کان روڪيو ويو آهي، جهنم جي عذاب کان ڊيڄاريو ويو آهي ۽ جنت جي خوشخبري ڏني وئي آهي.
ان کان پوءِ حضرت آدم ؑ جي پيدائش ۽ ان کي پنهنجو خليفو بنائڻ ۽ ان سلسلي ۾ فرشتن ۽ آدم ؑ جي امتحان جو ذڪر ڪيو ويو آهي. الله تعاليٰ جي حڪم سان فرشتن سيدنا آدم ؑ کي سجدو ڪيو، جڏهن ته ابليس انڪار ڪيو ۽ هو تڙجي ويو. ابليس جي ڀلائڻ سان آدم وحواعليھ السلام الله تعاليٰ جي حڪم جي نافرماني ڪئي ۽ اُهي جنت مان زمين ڏانهن لاٿا ويا. ٻنهي جي توبه قبول ڪئي وئي.
ان کان پوءِ موسيٰ ؑ جو ذڪر آهي. هو ڪوهِ طور تي ويو ته سندن غير موجودگي ۾ سندس قوم گابي کي پنهنجو معبود بڻائي ڇڏيو. پوءِ به الله تعاليٰ کين معاف فرمايو ۽ انهن جي لاءِ مَن سَلويٰ جي غذا عطا ڪئي ۽ انهن جي ٻارهن قبيلن جي لاءِ پاڻيءَ جا ٻارهن چشما معجزاڻي طور تي عطا ڪيا. پر سيدنا موسيٰ ؑ جي قوم يهود ناشڪري ۽ گهٽ ذهنيت وارا منافق ثابت ٿيا. نتيجًا عذاب ۾ وڪوڙيل رهيا.
هاڻي سيدنا ابراهيم ؑ جي عظمت جو ذڪر آهي. هُو پنهنجي رب جي هر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو. پوءِ الله تعاليٰ اُن کي ۽ اُن جي پٽ سيدنا اسماعيل ؑ جي هٿان خانه ڪعبه تعمير ڪرايو. هن مبارڪ موقعي تي سيدنا ابراهيم ؑ، الله تعاليٰ کان هيءَ دعا گهري: ”سندن جي قوم ۾ هڪ اهڙو نبي پيدا فرماءِ، جيڪو الله جي آيتن جي تلاوت ڪري، ساري دنيا کي هدايت ڪري.“ هيءَ (بشارت) هئي اسان جي پياري رسول جي ظهورِ قدسي جي طرف. ان کان پوءِ قبلي جي مٽائڻ جو ذڪر آهي. بيت المقدس جي بجاءِ خانه ڪعبه جي طرف منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم مليو ۽ پوءِ نماز، زڪواة، حج ۽ قرباني جا احڪام نازل ٿيا. مردار رت  ۽ سور جو گوشت حرام قرار ڏنو ويو ۽ غير الله جي نالي تي ڪيل سڀ شيون حرام ٿيون.
شال الله پاڪ اسان کي قرآن مجيد جي ڏسيل هر آيت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)



اول نالو الله جو،  جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو

ٻي تراويح

اڄ جي تراويح ٻئي سيپاري جي چوٿين حصي کان ٽئين سيپاري جي اڌ تائين ڪيل تلاوت تي مشتمل آهي. سورة بقره ۾ گهڻي حد تائين اسلامي دعوت، حقوق الله، حقوق العباد، زندگي جي نظام ۽ معاشرتي تعليم جو نچوڙ آهي.
نماز، روزي ۽ حج جا حڪم به موجود آهن. زڪواة، صدقات، گڏيل مشاورت، شادي، طلاق، عدت، وصيت، ڏيتي ليتي ۽ قرض جي باري ۾ تعليم ڏنل آهي.
وياج، شراب ۽ حرام وحلال شين جي بابت هدايت ڪئي وئي آهي. امر ونهي يعني جائز ۽ ناجائز ڳالهين جي تعليم جو به وڏو حصو شامل آهي، جنهن کي اسلامي ضابطه حيات چوندا آهن.
 اڄ جي تلاوت جي سلسلي ۾ ايمان جو شرط ٻڌايو ويو آهي ته: ”ايمان آڻيو الله تي، الله جي رسول تي، قيامت جي ڏينهن تي، فرشتن تي، پيغمبرن تي ۽ انهن سڀني ڪتابن تي، جيڪي مختلف پيغمبرن تي نازل ڪيا ويا.“
۽ حڪم ڏنو ويو: ”پنهنجي مال مان والدين، مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن ۽ غلام جي مدد ڪرڻ ۾ خرچ ڪريو.“
قتل جي باري ۾ خون جي بدلي خون ۽ جيڪڏهن مقتول جا وارث راضي هجن ته خون بها يعني معاوضي جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ شراب ۽ جوا بلڪل منع ڪيو ويو آهي.
مشرڪ ۽ مسلم مرد عورت جو نڪاح جائز قرار ڏنو ويو آهي.
ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو يا غير عورت جو کير پيارڻ جي اجازت ڏنل آهي.
وياج جي ڏيتي ليتي سختيءَ سان حرام ڪئي وئي آهي.
هن سورة مبارڪ ۾ پيغمبرن جي دل جي اطمينان جي لاءِ مُردن ۽ جانورن کي زنده ڪري ڏيکارڻ جو ذڪر ٿيل آهي.
پوءِ آخر ۾ الله تعاليٰ پنهنجن بندن کي دعا ڪرڻ جا الفاظ ۽ طريقا سيکاريا آهن. هن سورة ۾ ڪيترا ئي دفعا قرآني آيتن تي غور ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي. (ان لاءِ ضروري آهي ته قرآن مجيد جو مڪمل ترجمو پڙهجي ۽ ٻڌجي، جيئن قرآن جي ڏنل تعليم جو مقصد پورو ٿي سگهي)
سورة آل عمران جي پهرئين ارڙهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عبادت جي لائق صرف الله جي ذات آهي ۽ هي ته قيامت ضرور برپا ٿيندي ۽ عملن جي جزا ۽ سزا ضرور ملندي. قرآن مجيد ان ڪري نازل ڪيو ويو آهي ته حق ۽ باطل کي الڳ الڳ ڪري ڇڏي ۽ اهو ٻڌايو ويو آهي ته جنگ بدر ۾ الله تعاليٰ جهڙي طرح مسلمانن کي فتح عطا ڪئي، ان ۾ سمجهڻ وارن لاءِ نشانيون ۽ غور ڪرڻ وارن لاءِ وڏي عبرت آهي. ارشاد ٿيو ته: ”اهلِ ايمان مشڪل حالتن ۾ صبر ڪن ٿا، الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ رات جي پوئين حصي ۾ الله تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرن ٿا.“
شال الله پاڪ اسان کي هن هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***
اول نام الله جو،  جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو

ٽين تراويح

اڄ جو بيان ٽئين سيپاري جي اڌ کان چوٿين سيپاري جي ٽئين حصي تائين جي تلاوت تي مشتمل آهي. هن ۾ جنگ بدر ۽ جنگ احد ٻنهي جو ذڪر آهي. جنگ بدر ۾ مسلمانن جي تعداد 313 هئي، جن وٽ مناسب بنيادي هٿيار به نه هئا، جڏهن ته ڪافرن جي تعداد هڪ هزار هئي ۽ اُهي پوري ريت هٿياربند هئا. الله تعاليٰ فرشتن جي مدد سان مسلمانن جي اهڙي ريت مدد فرمائي جو کين فتح نصيب ٿي. هيءَ جنگ اچڻ وارين گهڻين جنگين جو سبب ٿي. جنگ بدر ۾ شڪست کان پوءِ مڪي جي سڀ کان وڏي لشڪر مديني تي چڙهائي ڪئي ۽ اُحد جي ميدان ۾ مسمانن سان جنگ ڪئي. هن جنگ ۾ فتح ٿيندي ٿيندي مسلمانن کي شڪست ٿي، ڇوته فوج جي هڪ حصي نبي ڪريم جي هدايت ۽ حڪم جي خلاف عمل ڪندي ڀڄي ويل دشمنن جو مال ڦرڻ شروع ڪيو. مسلمانن جي انهيءَ حرڪت جي ڪري فتح، شڪست ۾ تبديل ٿي وئي. ايتري حد تائين جو حضور اڪرم جي چهري مبارڪ تي زخم آيا. منافقين پڻ مسلمانن سان دوکو ڪيو ۽ فتني برپا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. الله تعاليٰ مسلمانن جي غلطين جي نشاندهي ڪري اصلاح جي متعلق هدايت ڏني. ارشاد ٿيو: ”ڏنگي ذهن وارا ماڻهو قرآن سان پنهنجي مرضي جا مطلب ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اهڙا ماڻهو انهيءَ عذاب ۾ گرفتار ٿيندا.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”غير مذهب وارن کي پنهنجو رازدان نه بڻايو.“ يهودين وانگر عيسائي به اسلام جي دعوت جا سخت مخالف هئا، ڇاڪاڻ ته نبي ڪريم ۽ عيسائين جي وچ ۾ معاهدو رکيو ويو ته ٻئي ڌريون پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪندا. جيڪو ڪوڙو ٿيو، انهيءَ تي الله جي لعنت هجي. پر عيسائي انهيءَ تي قائم نه رهيا. الله ڪوڙين قسمن جي کائڻ جو سخت منع ڪيو آهي.
الله ڌن، دولت کي ٻانهي لاءِ الله جي آزمائش قرار ڏنو آهي ۽ بخل کان منع فرمايو آهي. ڌن، دولت ۽ اولاد ڇٽڪاري جو ذريعو ڪونهي، پر ڇٽڪاري جو ذريعو تقويٰ ۽ پرهيزگاري آهي. مؤمن قرآن تي يقين رکي ٿو ۽ عاجزي، انڪساري سان الله جي بارگاهه ۾ دعا گهري ٿو. اُهي قرآني سورتن جو معاوضو نٿا وٺن. مؤمن جي نيڪ اعمال جو صلو سندس رب وٽ آهي. تاڪيد فرمائي وئي: ”اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان جو ڪفارن سان مقابلو ٿئي ته ميدان ۾ ثابت قدم رهو ۽ پنهنجي مورچن تي پير ڄمائي بيهي رهو.“
شال الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***
اول   نام   الله   جو،    جو   ڏيهن  جو  ڏتارا
ڏيئي پچاري نه پار، مڙنيان مهربان گهڻو
چوٿين تراويح

هي بيان چوٿين سيپاري جي ٽن حصن کان پنجين سيپاري جي ختم ٿيڻ تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي.
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”جيستائين افواهن جي ڪري چڱي ريت معلوم نه ڪيو وڃي، ان وقت تائين ان جي اشاعت کي روڪيو وڃي، ڇوته منافقين غلط افواهه پکيڙي مسلمانن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“ مسلمانن کي هيءَ هدايت ڏني وئي آهي ته پنهنجي ڪردار ۽ اخلاقي سطح کي مٿانهون رکن، جيئن ڪفار جي مقابلي ۾ توهان پنهنجي گهٽ تعداد هوندي ڪاميابي حاصل ڪريو. پر يهودين، عيسائين ۽ مشرڪن جا مذهبي ساڙ ۽ اخلاق وعمل تي تنقيد ڪئي ويئي آهي ۽ انهن کي دينِ حق جي طرف اچڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”توهان آدم جو اولاد آهيو، انهيءَ لاءِ معاشري کي خراب نه ڪريو.“
حڪم ٿيو ته: ”يتيمن جو مال انهن کي واپس ڪريو. انهن جي سٺي مال سان پنهنجو خراب مال نه بدلايو.“
هن سورة ۾ تيمم جي اجازت پڻ ڏني وئي آهي ۽ نماز قصر ڪرڻ، نماز خوف ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي. پوءِ زالن جي تعداد مقرر ڪندي ارشاد فرمايو ويو آهي ته: ”جيڪڏهن توهان زالن سان انصاف نه ڪري سگهو ته هڪ زال سان گذاريو ۽ ٻين زالن جو مهر خوش دلي سان موٽايو.“
ملڪيت مرد ۽ عورت جا حصا مقرر ڪيا ۽ قرض جي واپسي کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي.
بدڪار عورت تي چار شاهدن لازمي قرار ڏنو ويو ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قيد ۾ رکڻ جو حڪم مليو. بدڪار مردن لاءِ سخت سزا جو حڪم ٿيو، پر توبه ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي. پر آخري وقت جي توبه قابلِ قبول نه آهي.
ان کان پوءِ رشتن جو تفصيل آهي، جن سان نڪاح جائز آهي. مقرر ڪيل مهر ۾ زالن جي رضامندي سان گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي. متعو ڪرڻ محض شهوت کي پورو ڪرڻ آهي، ان ڪري حرام آهي. ڪاروبار ۾ گڏيل رضامندي سان مناسب منافع جائز آهي. پر ظلم ۽ هيرا ڦيري ناجائز آهي، جنهن جي سزا جهنم آهي. وڏن گناهن جي بچڻ جي ڪوشش سان ننڍن گناهن جي شرط توبه معاف ٿي وڃي ٿي. عورتون جيڪڏهن نافرمان ۽ قابو کان ٻاهر هجن ته کين سزا ڏيئي سگهجي ٿي. پر سزا ڏيڻ جو بهانو ڳولڻ سخت گناهه آهي. زالن ۾ جيڪڏهن ناراضگي ٿي وڃي ۽ گڏيل فيصلو نه ٿي سگهي ته ٽياڪڙي مقرر ڪيو وڃي.
بخيل ۽ ناشڪرن ماڻهن لاءِ ذلت جو عذاب آهي. نشي ۽ ناپاڪيزگي جي حالت ۾ نماز جائز ڪونهي. پاڻي نه هجڻ جي صورت ۾ غسل، ناپاڪي ۽ وضو جي بدلي تيمم جائز آهي. مسلمانن کي امانتون واپس ڪرڻ، انصاف ڪرڻ ۽ خيانت نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي، جهاد جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ گواهي جو رتبو اعليٰ رکيو ويو آهي. مسلمان لاءِ موت کان ڊڄڻ بزدلي آهي. مسلمانن کي جهاد جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ شاهدي صاف لفظن ۾ ڏيڻ گهرجي. منجهيل شاهدي ناجائز آهي. ايتري حد تائين سچي شاهدي جا نقصان توهان جي ذات يا پنهنجي ڪنهن عزيز جي ذات تي به اچي رهيا هجن، ته به شاهدي سچي ڏيڻ گهرجي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: شرڪ کي هرگز معاف نه ڪيو ويندو ۽ خطائون ان جي رحمت سان معاف ٿي سگهن ٿيون.
شال الله پاڪ اسان کي قرآن مجيد جي پيغام تي عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)



اول نام الله جو برڪت،  برڪت بي شمار
ڏيهن  جو  ڏاتار،  سو  سٻاجهو  سڀني پرين
پنجين تراويح
اڄ جو بيان ڇهين سيپاري جي شروع کان ستين سيپاري جي چوٿين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي. سوره مائده ۾ ارشاد ٿيل آهي: ”شريعت جي پابندين جو پورو پورو احترام ڪريو، حج لاءِ احرام ٻڌڻ کان پوءِ حلال جانور جو شڪار ڪرڻ پڻ حرام آهي. مردار جانور، رت، سور جو گوشت، غير الله جي نالي سان ذبح ڪيل جانور، گُهٽو ڏيئي ماريل جانور، ٻئي جانور جو شڪار ڪيل جانور ۽ مرده جانور حرام آهن، پر ان کان جيڪو مرڻ کان پهرئين الله جي نالي تي ذبح ڪيو وڃي. الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته: ”فال ۽ ڍارن کان پنهنجي قسمت جو حال معلوم ڪرڻ جي منع ڪيل آهي، ڇوته اهو ڪم فاسقن جو آهي. فائدو ۽ نقصان سڀ الله جي طرف کان آهي. توهان پنهنجي دين تي ايمان رکو، جنهن کي هاڻي الله تعاليٰ مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي نعمت توهان تي پوري ڪري ڇڏي اٿس، پر شرعي پابندين جو احترام ۽ حلال وحرام جو خيال رکو.“
ارشاد ٿيو: ”توهين پرهيزگار ۽ شڪر گذار ٿيو.“ هن سورة ۾ مذهبي، تمدني، معاشرتي ۽ سياسي زندگي جي متعلق حڪم نازل ٿيا آهن. سفرِ حج جا آداب، دين جي اصولن جو احترام، حرام ۽ حلال جون حدون، اهلِ ڪتاب سان نڪاح ۽ لاڳاپا، وضو، غسل ۽ تيمم جا فائدا، فساد ۽ چوري جون سزائون، شراب ۽ جوا جي ممانعت، قسم ٽوڙڻ جو ڪفارو ۽ گواهي جي قانون متعلق حڪمَ نازل ٿيا آهن. چوري ڪرڻ وارو مرد هجي يا عورت، اُن جي سزا هٿ ڪٽڻ آهي. الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو آهي ته: ”يهودين ۽ نصارن کي پنهنجو دوست نه ٺاهيو، ڇوته اُهي پاڻ ۾ هڪ سازش جي تحت دوستي ڪري ويٺا آهن.“
عيسائين جو عقيدو واضح ڪفر آهي. الله تعاليٰ نبي کي مخاطب ڪري فرمايو: ”ڪافرن جي ڪفر کان غمزده نه ٿيو. ڪافرن جي دل ۾ قيامت تائين عداوت ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي. ظالم بي يار ومددگار آهي ۽ مشرڪ تي بهشت حرام آهي. ها جيڪڏهن پهرئين قومن مان ٻين مذهبن وارا ماڻهو جيڪي نيڪ عمل ڪندا هوندا ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکڻ وارا ڇوٽڪارو حاصل ڪندا.“
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: ”ايمان وارؤ! جيڪي پاڪ شيون الله تعاليٰ توهان لاءِ حلال ڪيون آهن، انهن کي پاڻ تي حرام نه ڪريو. جيڪڏهن اوهين ڪنهن حلال شيءِ کي پنهنجي مرضي مطابق پاڻ لاءِ حرام ڪيو ته الله جي قانون جي بدران، پنهنجي نفس جي پيروي ڪندؤ.“ جيئن: عيسائي راهبن وانگر دنيا کي ترڪ ڪرڻ، حلال لذت کي پنهنجي مٿي حرام ڪرڻ غلط ۽ ناجائز طريقو آهي.
اي مسلمانؤ! توهان ڄاڻي ٻجهي قسمَ کڻو ٿا ۽ پوءِ انهن قسمن تي قائم رهڻ جي بدران انهن کي ٽوڙي ڇڏيو ٿا. انهن تي توهان کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي. انهيءَ قَسم جو ڪفارو اهو آهي ته ڏهن مسڪينن کي ماني کارايو يا انهن کي ڪپڙا پارايو يا هڪ غلام کي آزاد ڪريو، نه ته ٽن ڏينهن جا روزا رکو.
اي مسلمانؤ! شراب، جوا، ڍارا، آستانه، فال جهڙا سڀ ڪم شيطاني ڪم آهن. قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ پنهنجن پيغمبرن کان سندن اُمت جي باري ۾ سوال ڪندو ته اُهي عرض ڪندا: اسان کي گهڻو علم ڪونهي، جنهن جو تو اسان کي حڪم ڏنو هو، باقي سڀ لڪل حقيقتن جو ڄاڻندڙ صرف تون آهين.
اي مؤمنؤ! توهان تي احرام جي حالت ۾ شڪار ڪرڻ حرام قرار ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن ڄاڻي ٻُجهي ائين ڪندو ته اُن جو ڪفارو توهان کي ڏيڻو پوندو. بدلي ۾ قرباني ڪريو يا ٻن مسڪينن کي کاڌو کارايو يا انهيءَ جي بدران روزا رکو ته به پنهنجي ڪيئي جي سزا ملندؤ.
شال الله پاڪ اسان کي ڪلام پاڪ جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***
اول   نالو  الله  جو،    برڪت  بي   شمار
سو ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين
ڇهين تراويح
اڄ جو بيان ستين سيپاري جي چوٿين حصي کان اٺين سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. الله تعاليٰ سيدنا عيسيٰ ؑ کي فرمايو ته: ”مون توکي ڪهڙي طرح پيدا ڪيو ۽ پوءِ ڪهڙا ڪهڙا معجزا توکي عطا ڪيا ۽ ڪهڙيون نعمتون توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي ڏنيون ۽ ڪهڙي طرح تنهنجي قوم کي نوازيو، ته هاڻي توهين سڀ جواب ڏيو، توهان ماڻهن کي چيو ته الله کي ڇڏي توکي ۽ تنهنجي ماءُ کي پنهنجو رب ٺاهيو؟ اُهي جواب ڏيندا: هرگز نه! اوهين دلين جا حال ڄاڻڻ وارا آهيو. مون تنهنجي ڏنل حڪم جي مطابق صرف تنهنجي بندگي جي هدايت ڪئي هئي. هدايت جي باوجود جيڪڏهن ماڻهن ڪفر ڪيو ته اي الله! تون انهن کي سزا ڏين يا معاف ڪرين، تون غالب ۽ دانا آهين.“
هاڻي سورة انعام شروع ٿئي ٿي.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ”ڪفارن جي ته طريقو ئي اهو آهي ته پيغمبرن جو مذاق ۽ ٺٺوليون ڪن ۽ انهن کي جادوگر ٺاهين، پر الله تعاليٰ جو دين مٿن غالب ٿي رهندو. نه مڃڻ وارن جو انجام برو آهي. الله تعاليٰ ۽ بناوتي خدائن ۾ هي فرق آهي ته الله رزق ڏئي ٿو، وٺي نٿو. جڏهن ته غير الله پنهنجي پوڄارين کي رزق ڏيڻ بدران وٺڻ جا محتاج آهن.“
الله تعاليٰ نبي جن سان فرمائي ٿو  ته: ”ڪافرن جي منهن موڙڻ کان پريشان نه ٿيو، بلڪه صبر ڪريو، الله تعاليٰ جي مدد توهان کي اچي پهچندي.“ ڪنهن جي اعمالن جو پڇاڻو ٻئي کان نه ٿيندو. هر شخص پنهنجي اعمال جو پاڻ ذميدار هوندو. ڪافرن کي پنهنجو انجام معلوم ٿي ويندو. الله تعاليٰ حشر جو ڏينهن برپا ڪندو. هو دانا ۽ باخبر آهي.“
الله تعاليٰ سيدنا ابراهيم ؑ جي معرفت الاهي جو واقعو ٻڌائيندي ارشاد فرمائي ٿو ته: ”اي اهلِ قريش! جهڙي طرح توهين پنهنجي پيغمبرن کي ڪوڙو چوندا رهيا آهيو، اهڙي طرح ابراهيم ؑ جي قوم به ان جي منڪر هئي. اي ماڻهؤ! ان شخص کان وڏو ظالم ڪير هوندو، جيڪو الله تعاليٰ تي ڪوڙا بهتان هڻي ۽ اُن جي آيتن جي مقابلي ۾ سرڪشي ڪري؟ الله قيامت جو وعدو فرمايو آهي ۽ قيامت يقينًا اچڻ واري آهي. ظالم ڪڏهن فلاح حاصل ڪري نه سگهندا. الله تعاليٰ نبي کي ارشاد فرمائي ٿو ته: ”ايمان آڻڻ وارن کي چئي ڇڏ. جيڪڏهن منڪرين الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي پڪارين ته اُن جي معبودن کي گاريون نه ڏيو. ڪٿي ائين نه ٿي پوي جو جواب ۾ الله تي گستاخي ڪرڻ لڳن. الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”اي محمد ! چئي ڇڏ، مون کي منهنجي پروردگار سڌو رستو ڏيکاريو آهي. منهنجي نماز، منهنجي عبادت، منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ، سڀ الله لاءِ ئي آهي، جنهن جو ڪو شريڪ ڪونهي.“ فرمايو ويو:
1.         الله تعاليٰ سان ڪو شريڪ نه ڪريو.
2.         والدين سان سهڻو سلوڪ ڪريو.
3.         پنهنجي اولاد کي مفلسي جي ڊپ کان قتل نه ڪريو.
4.         بي حيائي ۽ بي شرمي جي ڪمن جي ويجهو به نه وڃو.
5.         ڪنهن جي جان کي هلاڪ نه ڪريو، پر حق سان.
6.         ماپ تور ۾ پورو انصاف ڪريو.
7.                   ڳالهه انصاف جي ڪريو، معاملو کڻي ويجهي رشتيداري جو ڇو نه هجي.
8.         يتيمن جي مال کي ويجهو نه وڃو.
9.         قول وقرار پورو ڪريو، کڻي الله سان هجي يا بندن سان هجي.
شال الله تعاليٰ عمل جي توفيق ڏي. (آمين)



اول        نالو        الله      جو ،        ڏيهن        جو        ڏاتار
جو ڏيئي نه ڪري پچار، سٻاجهو سڀني کي سپرين
ستين تراويح
اڄ جي تراويح ۾ بيان اٺين سيپاري جي اڌ کان نائين سيپاري جي ٽن حصن جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي ماڻهؤ! پنهنجي رب کي ڇڏي ٻين سرپرستن جي پويان نه لڳو. قرآن جي پيروي ڪريو. قيامت جي ڏينهن انهن ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ضرور ٿيندي، جن ڏانهن پيغمبر موڪليا ويا آهن ۽ پيغمبرن کان به پڇيو ويندو ته توهان پنهنجو فرض ڪيتري قدر نڀايو ۽ انهن ماڻهن جي طرفان توهان کي ڪهڙي موٽ ملي؟ ماڻهن کي قيامت ۾ ميزان جي مرحلي مان ضرور گذرڻو پوندو.“
”اي انسانو! توهان کي زمين تي سڀ اختيار ڏئي آباد ڪيو ويو. توهان جي پيدائش جي وقت توهان کي فرشتن کان سجدو ڪرائي عزت بخشي سين ۽ توهان کي نعمتن سان مالا مال ڪيوسين، پر توهين گهٽ ئي شڪرگذار ٿيندا آهيو. اي بني آدم! الله جي مقرر ڪيل حد کان نه وڌو، الله حد کان وڌڻ وارن کي پسند نٿو ڪري. الله حرام ڪري ڇڏيا بي شرمي جا ڪم، ظاهر هجن يا لڪل. الله سان گڏ ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ حرام آهي. الله جو نالو وٺي اهڙي ڳالهه ڪرڻ جنهن جو توهان کي علم نه هجي ته الله تعاليٰ اُها ڳالهه ارشاد فرمائي به آهي يا نه. الله تعاليٰ سان سرڪشي ڪرڻ وارن جو جنت ۾ داخل ٿيڻ ائين ناممڪن آهي، جيئن اُٺ جو سُئي جي ناڪي مان لنگهڻ. پر نيڪ عمل  ڪرڻ وارن لاءِ جنت جي خوشخبري آهي. اي ماڻهؤ! توهين الله کي سڏيو خوف ۽ اميد سان الله تعاليٰ جي رحمت ماڻهن جي ويجهو آهي.“
ان کان پوءِ الله ڪيترن ئي پيغمبرن ۽ انهن جي امتن جي حالتن ۽ واقعن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي سرڪشي ۽ بد اعمالين جي ڪري انهن تي الله جي طرفان مٿن مختلف عذاب نازل ٿيندا هئا. انهن جو ذڪر ان ڪري فرمايو ويو آهي ته جيئن ماڻهو انهن مان نصيحت ۽ عبرت حاصل ڪن ۽ دعوت ورسالت قبول ڪري هدايت حاصل ڪن.
هي عبرت انگيز واقعا ٻڌائڻ کان پوءِ الله تعاليٰ نبي کي ارشاد فرمائي ٿو: ”اي نبي ! ماڻهن کي ياد ڏيار ته پهرئين ڏينهن کان سڀني انسانن جي روحن کي جمع ڪري پڇيو ويو: ”ڇا مان توهان جو رب ناهيان؟“ ته سڀني جواب ڏنو: ”بيشڪ تون ئي اسان جو رب آهين. اسين سڀ انهيءَ جي شاهدي ڏيون ٿا.“ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”ڇا ماڻهو هاڻي انهيءَ اعلان کي ڀلجي ويا آهن جو شرڪ ۾ مبتلا ٿيا آهن؟“
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته: ”نفس پرستي جي ڪري ماڻهن جي حالت ان ڪُتي وانگر آهي، جنهن جي زبان لالچ جي ڪري ٻاهر لڙڪندي رهندي.“ اهڙن ماڻهن کي جهنم لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، ڇوته انهن وٽ دل آهي پر سمجهن نٿا ، انهن وٽ اکيون آهن پر ڏسن نٿا ، انهن وٽ ڪن آهن پر ٻڌن نٿا. اُهي جانورن وانگر آهن، بلڪه انهن کان به ويل آهن. هي ئي اهي ماڻهو آهن، جيڪي غفلت ۾ پيل آهن.“
الله تعاليٰ نبي جن کي ارشاد فرمايو ته: جيڪڏهن منڪرين توهان کي جادوگر يا مجنون چون ته اوهين انهيءَ جي ڪا پرواهه نه ڪر. توهان اهو فرمايو ته آءٌ خوشخبري ٻڌائڻ وارو آهيان انهن ماڻهن کي، جن منهنجي ڳالهه مڃي.“ آخر ۾ نبي کي تبليغ جي حڪمت خصوصيت سان ٻڌائي ويئي ته مخالفين جو مقابلو صبر ۽ تحمل سان ڪر ته جيئن جذبات جي ڪري ڪو اهڙو واقعو پيش نه اچي، جنهن سان تبليغ جي ڪمن ۾ رڪاوٽ پيدا نه ٿئي. الله تعاليٰ نبي کي ارشاد فرمايو ته: ”تو نرمي ۽ درگذر جو طريقو اختيار ڪر ۽ جاهلن سان بحث نه ڪر. اي نبي ! تو پنهنجي رب کي صبح وشام ياد ڪر ۽ عاجزي ڪر ۽ خوف سان دل ئي دل ۾ به ۽ هيڻي آواز سان پڻ.“
شال الله پاڪ اسان کي اڄ جي ٻڌل ڪلام پاڪ جي هن بيان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***
اول     نام     الله     جو،      برڪت   بي    شمار
سو ڏيئي نه ڪري پچار، سو سٻاجهو سپرين
اٺين تراويح
هيءَ تراويح نائين سيپاري جي ٽن حصن کان ڏهين سيپاري جي آخر جي تلاوت تي مشتمل آهي.
سورة انفال ۾ مال غنيمت جي باري ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”مالِ غنيمت جو پنجون حصو بيت المال ۾ جمع ڪيو وڃي. هي الله ۽ سندس رسول جو حصو آهي، جيڪو مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جي ڪم اچي. باقي پوري فوج ۾ تقسيم ڪيو وڃي.“
الله تعاليٰ فرمائي ٿو: ”اي ايمان وارؤ! الله جي رسول جي حڪم جي خلافي نه ڪريو ۽ الله جي رسول جي آواز تي لبيڪ چئو، الله انسان ۽ سندس روح جي وچ ۾ آهي ۽ اسين سڀ انهيءَ جي طرف موٽي وڃڻ وارا آهيون.“ ان کان پوءِ الله تعاليٰ جهاد جي تلقين فرمائي ٿو. ”اي ايمان وارؤ! ڪفارن سان جنگ ڪريو، ايستائين جو فتنو باقي نه رهي. ها جيڪڏهن اُهي فتني کان مُڙي وڃن ته الله تعاليٰ عملن کي ڏسڻ وارو آهي. يقينًا الله تعاليٰ جي ويجها اُهي بدترين ماڻهو آهن، جيڪي ان کي مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا.“
”اي نبي ! مؤمنن کي جهاد جي تلقين ڪر ۽ جيڪڏهن تنهنجو عزم پُختو آهي ۽ تون صابر به آهين ته تون پاڻ کان ڏهه دفعا وڌيڪ تعداد وارن دشمنن تي غالب رهندي. جنگ جي قيدين کي رڳو  فديو حاصل ڪرڻ خاطر قيد ۾ رکڻ مناسب ڪونهي. وقت ۽  موقع جي تقاضا انهن جي هلاڪت ئي آهي ته انهن کي ختم ڪرڻ ئي بهتر آهي.“ ان کان پوءِ مهاجرن ۽ انصارن جي باري ۾ ارشاد ربي آهي ته: ”جن ايمان آندو ۽ الله جي راهه ۾ گهر ٻار ڇڏي هجرت جون تڪليفون رضا خوشيءَ سان برداشت ڪيون ۽ ٻي طرف انهن کي جنهن پناهه ڏني ۽ مدد ڪئي، اُهي ئي سچا مؤمن آهن. انهن جي لاءِ بخشش ۽ بهترين رزق آهي. مهاجر ۽ انصار پاڻ ۾ ڀائر آهن، مگر هڪ ٻئي جا وارث ڪونهن.“
هاڻي سورة توبه شروع ٿئي ٿي.
هن سورة کي شروع ڪرڻ وقت بسم الله نٿي پڙهي وڃي، ڇوته نبي ڪريم جو اُهو ئي طريقو آهي. هن سورة ۾ صلح حديبيھ جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته: ”ڪافرن قريشن سان حسد جي نتيجي ۾ صلح حديبيه جو صلح نامو ٽوڙي ڇڏيو هو.“ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو ته: ”الله جي رسول جي طرفان انهن مشرڪن جي ذميواري ختم ٿي وئي، جن معاهدو ٽوڙي ڇڏيو هو. حج اڪبر جي ڏينهن الله ۽ سندس رسول جي طرفان هي اعلان ڪيو ويو ته الله ۽ سندس رسول مشرڪن جي ذميواري کان آزاد آهن.“ ان کان پوءِ حڪم ٿيو ته مشرڪَ الله جي مسجدن جا مجاور نٿا ٿي سگهن. تنهن ڪري مشرڪن جو حرم شريف ۾ داخلو بند ڪيو ويو ۽ بيت الله جو اگهاڙو طواف ڪرڻ جي منع ڪئي ويئي. مسلمانن کي هدايت ڪئي وئي ته توهان جو پيءُ ۽ ڀاءُ ڪفر جي حالت ۾ هجن ته کين پنهنجو رفيق نه بڻايو. الله تعاليٰ نبي کي ارشاد فرمائن ٿا ته: ”جهاد جي سلسلي ۾ ماڻهن جو عذر قبول نه ڪيو وڃي، هي ڪوڙا آهن ۽ بهانا ڳولين ٿا.“
اي نبي ! فاسق ۽ منافق جي قسمن تي اعتبار نه ڪريو. منافق مرد توڙي عورتون سڀ هڪ آهن. انهن کي جڏهن به موقعو ملندو، هو اوهان کي ڇڏي ڀڄي ويندا. انهن تي الله جي لعنت آهي. انهن جي نماز جنازه تائين جي منع ڪئي ويئي آهي. هن سورة ۾ زڪوات جا اٺ مصرف ٻڌايا ويا آهن، جيڪي هي آهن: (1) غريبن لاءِ (2) محتاجن لاءِ (3) نظامِ زڪوات ڪارنن جي لاءِ (4) اهي شخص جن جي دل وٺڻي آهي (5) غلامن جي آزادي لاءِ (6) قرضدار جي مدد لاءِ (7) الله جي واٽ ۾ (8) مسافرن جي مدد جي لاءِ.

***
اول نام  الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
نائين تراويح
اڄ جي تراويح يارهين سيپاري سان شروع ٿي ٻارهين سيپاري جي چوٿين  جي تلاوت تي شامل آهي.
الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته گهڻا ماڻهو زڪاة کي پنهنجي مٿي بار سمجهندا آهن ۽ نبي جي حق ۾ زماني جي گردش جو انتظار ڪري رهيا آهن ته جيئن موقعو ملندي ئي ڦري وڃن. اهڙن ماڻهن جو چڪر خود انهن تي حاوي آهي. الله تعاليٰ سڀ ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. اُهي مهاجر ۽ انصار جن سڀني کان پهرئين اسلام جي دعوت قبول ڪئي ۽ نيڪ ماڻهو جيڪي سندن پويان آيا، الله تعاليٰ انهن سڀني تي راضي ٿيو ۽ انهن جي لاءِ جنت جي بشارت آهي. ان کان پوءِ مسجد ضرار جو بيان آهي، جنهن کي منافقن، مسلمانن ۾ ڦيٽارو وجهڻ لاءِ ٺاهيو هو. الله تعاليٰ انهيءَ جي مذمت ڪئي ۽ اها ڊاٺي وئي. انهيءَ کان پوءِ ٽن اصحابن جو ذڪر آهي، جيڪي جهاد ۾ ڄاڻي واڻي شريڪ نه ٿيا ۽ انهن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو هو. پنجاهه ڏينهن کان پوءِ الله رب العالمين انهن جي توبه قبول فرمائي.
هاڻي سورة يونس ۾ فرمايو ويو آهي: قرآن حڪمت ۽ دانش جو ڪتاب آهي، هيءَ ڪا عجيب ڳالهه ڪونهي. اسان توهان منجهان ئي هڪ شخص کي هدايت جي لاءِ پيغمبر ٺاهي توهان جي وچ ۾ موڪليو. جيڪو شخص به سندس هدايت قبول ڪندو، ڇوٽڪارو نصيب ٿيندس. منڪرين جي حق ۾ ڪا سفارش ڪم نه ايندي.
ان کان پوءِ الله تعاليٰ دوزخ کان ڊيڄاريو آهي ۽ جنت جي نعمتن جي خوشخبري ڏني آهي. ناشڪرن ماڻهن جو ذڪر ڪندي الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ”جڏهن مٿن ڪا مصيبت اچين ٿي ته اهي هر وقت الله تعاليٰ جي حضور گڙگڙائيندو آهن، پر جڏهن سندن مصيبت پري ٿي ويندي آهي، الله تعاليٰ انهن تي رحم فرمائيندو آهي ته اُهي ماڻهو ناشڪرا ٿي وڃن ٿا، ڄڻ انهن تي ڪو برو وقت آيو ئي ڪونه هو.“
الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”قرآن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانهي، جيڪا الله جي وحي کان سواءِ ڪنهن پاڻ تصنيف ڪري ڇڏي هجي ۽ جيڪڏهن اي ماڻهؤ! توهان کي تِر برابر به شڪ آهي ته انهيءَ جهڙي هڪڙي سورة ٺاهي آڻيو ۽ پنهنجي لاءِ جنهن کي گهرو، سڏي وٺو. ڪڏهن به توهين ڪامياب نٿا ٿي سگهو. اي نبي ! توهان ماڻهن کي چئي ڇڏيو ته توهان وٽ توهان جي رب جي طرفان حق اچي ويو آهي. هاڻي جيڪو سڌي راهه اختيار ڪندو، انهيءَ جي سچائي انهيءَ جي لاءِ فلاح جو ڪارڻ ٿيندي ۽ جيڪي گمراهه آهن، انهن جي لاءِ گمراهي تباهي جو سبب ٿيندي. صبر ڪريو، ايستائين جو الله فيصلو ڪري ۽ الله ئي بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهي.“
هاڻي سورة هود شروع ٿئي ٿي.
سورة هود ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي ته: ”قرآن مجيد هڪ حڪم ۽ هڪ نظام آهي ۽ انهيءَ جو نازل ڪرڻ وارو دانا ۽ باخبر آهي. ڪنهن غير الله جي بندگي نه ڪريو، بندگيءَ جي لائق صرف الله جي ذات ڪافي آهي ۽ الله جو نبي ، الله جي طرفان خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو آهي.
منڪرؤ! توهين پنهنجي ڪيئي جي معافي چاهيو ٿا ته الله جي طرف موٽي اچو، نه ته توهان کي خوفناڪ خوفناڪ عذاب جي تنبيهه ڪئي ٿي وڃين. زمين تي هلڻ وارا ڪي به جاندار اهڙا نه آهن، جن جو رزق الله جي ذمي نه هجي. ماڻهو ڏاڍا ناشڪرا آهن. پريشاني ۽ مايوسي جي حالت ۾ الله تي الزام هڻن ٿا ۽ جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي نعمتن کي نوازي ٿو ته اڪڙجڻ لڳن ٿا ۽ مغرور ٿي وڃن ٿا.
هن سورة ۾ به الله تعاليٰ منڪرن سان چيلنج ڪيو آهي. جيڪڏهن توهين سمجهو ٿا قرآن مجيد پاڻ مرادو ڪتاب آهي ته توهين به انهيءَ جهڙيون سورتون ٺاهي اچو ۽ (الله کان سواءِ) پنهنجي مددگار کي گڏ رکي اچو. يقينًا توهين ائين نٿا ڪري سگهو.
شال الله پاڪ پنهنجي  ڪلام پاڪ کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)



اول   نالو   الله   جو، ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
ڏهين تراويح
اڄ جو بيان ٻارهين سيپاري جي پهرين پاءُ کان تيرهين سيپاري جي اڌ جي تلاوت تي مشتمل آهي.
الله تعاليٰ ماڻهن جي عبرت وٺڻ لاءِ سيدنا هود ؑ ۽ ڪيترين ئي نافرمان امتن تي عذاب جي واقعن جو ذڪر فرمايو آهي. الله تعاليٰ پنهنجي نبي کي ارشاد فرمائي ٿو ته ”توهان جو رب جڏهن ڪنهن ظالم ڳوٺ جي پڪڙ ڪري ٿو ته واقعي انهيءَ جي گرفت ڏاڍي سخت ۽ دردناڪ هوندي آهي. اي نبي ! اسين جيڪي توهان کي پيغمبرن جا واقعا ٻڌايون ٿا ۽ اهڙي ريت توهان جي دلين کي مضبوط ڪندا آهيون، توهان کي ان طرح سان حقيقت کان آگاهي ملندي آهي ۽ ايمان آڻڻ وارن کي نصيحت ۽ بصيرت حاصل ٿئي ٿي.“
هاڻي سورة يوسف جي شروعات ٿئي ٿي.
نبي ، سيدنا يوسف ؑ جي واقعي کان واقف نه هئا. يهودين بحيثيت نبي اوهان جو امتحان وٺڻ لاءِ هن قصي جي باري ۾ سوال ڪيو ۽ گمان ڪيو ته نبي نا واقفيت جي ڪري جواب نه ڏيئي سگهندو، پر الله تعاليٰ وحي جي ذريعي هي قصو نبي جي زبان مبارڪ تي جاري ڪري ڇڏيو. سيدنا يوسف ؑ جو واقعو هن طرح آهي ان  خواب ۾ ڏٺو ته يارنهن تارا، چنڊ ۽ سج مون کي سجدو ڪري رهيا آهن. سيدنا يوسف ؑ جا سڳا ۽ ويڳا ڪل يارنهن ڀائر هئا. سج ۽ چنڊ مان مراد سندس ماءُ ۽ پيءُ هئا. سيدنا يعقوب ؑ هي خواب ٻڌي کيس هدايت ڪئي ته هُو هي خواب پنهنجن ڀائرن کي نه ٻڌائي، نه ته هو سندس جاني دشمن ٿي ويندا. ويڳا ڀائر مٿس پهرئين کان ئي حسد ڪندا هئا. آخر هڪ ڏينهن ان کي هڪ انڌي کوهه ۾ وجهي ڇڏيو ۽ سندن والد سان اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ته کيس گدڙ کائي ويا.
قافلي وارن کوهه کان ڪڍي مصر جي حڪومت جي هڪ اعليٰ عملدار کي غلام جي حيثيت ۾ وڪيو. انهيءَ عملدار جي زال يوسف تي موهجي ويئي ۽ کيس بدڪاريءَ ڏانهن مائل ڪرڻ لڳي. سيدنا يوسف ؑ جي انڪار تي کيس قيد ڪيو ويو. قيد خاني ۾ ٻن قيدين سان ملاقات ٿي، جن جي خوابن جي تعبير حضرت يوسف ؑ صحيح ٻڌائي. ان مان هڪ قيديءَ جي ذريعي بادشاهه تائين حضرت يوسف ؑ جي قابليت جو اطلاع پهتو. بادشاهه کي به پنهنجي خواب جي تعبير گهربل هئي. سيدنا يوسف ؑ ان خواب جي مشڪل به حل ڪري ڇڏي. پوءِ ڇا ٿيو، بادشاهه کانئس متاثر ٿي کيس پنهنجو وزيرِ خاص بڻايائين. عملي طرح سيدنا يوسف ؑ مصر تي حڪومت ڪري رهيو هو. ان سال مصر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏڪار پئجي ويو، پر مصر ۾ سيدنا يوسف ؑ جي ٻڌايل تدبير مطابق اناج جمع ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري ڀر پاسي جي ملڪن مان ماڻهو اناج لاءِ مصر اچي رهيا هئا. ان ۾ سيدنا يوسف ؑ جا ڀاءُ پڻ مصر ۾ اناج وٺڻ خاطر اچي نڪتا. حضرت يوسف ؑ پنهنجن ڀائرن کي سڃاڻي ورتو. ٻئي ڀيري سيدنا يوسف ؑ جي سڳي ڀاءُ بن يامين کي گهرايو ويو، جنهن کي سيدنا يوسف ؑ هڪ اٽڪل سان روڪي ورتو. باقي سندس ٻيا ڀاءُ اناج وٺي واپس موٽي ويا. پوءِ سيدنا يعقوب ؑ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ مصر ۾ اچي پنهنجي پٽ سيدنا يوسف ؑ سان مليو ۽ سڀني گڏجي کيس سجدو ڪيو ۽ اهڙي طرح خواب جي تعبير پوري ٿي.
الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته انبياء عليهم السلام جا اُهي واقعا سمجهه وارن لاءِ وڏي عبرت آهن ۽ قرآن جي اندر درج ٿيل اُهي واقعا مؤمنن لاءِ باعثِ هدايت ورحمت آهن.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ماڻهن جي سرڪشي جي باوجود اسين انهن کان درگذر ڪندا آهيون، حالانڪه اسان سخت عذاب به ڏيڻ وارا آهيون. الله کي ٻانهن جي عملن جي مڪمل خبر آهي. هو هڪ هڪ ڳورهاري جي پيٽ کان واقف آهي ته ان ۾ ڇا بڻجندو آهي ۽ ڇا ڪمي پيشي هوندي آهي. الله تعاليٰ هن  نموني سندس، قدرت سان آگاهه فرمائيندو آهي ته الله ڪنهن قوم جي حالت نٿو بدلي، جيستائين اُها قوم پنهنجي حآلتن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪوشش نٿي ڪري.
اي انسانو! برائي کي ڀلائيءَ سان پري ڪريو، آخرت جون نعمتون توهان لاءِ آهن.
الله تعاليٰ شال اسان کي ان تي عمل جي توفيق ڏي. (آمين)



اول     نالو     الله     جو،     مٺو   موچارو
سخي سونهارو، ترس وند تمام گهڻو
يارهين تراويح

هيءَ تراويح تيرهين سيپاري جي اڌ کان چوڏهين سيپاري جي ٽئين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته ڪافرن تي سندن ڪرتوتن جي ڪري ڪا نه ڪا آفت ايندي رهندي ۽ اُهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو.
منڪرين وڏيون اٽڪلون ڪندا، پر اصل فيصلو ڪندڙ تدبير الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ۽ ان کي حساب وٺندي دير ڪونه لڳندي آهي.
هن کان پوءِ سورة ابراهيم شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”اي نبي ! منهنجي جن ٻانهن ايمان آندو آهي، انهن کي چئي ڇڏ ته نماز قائم ڪن، الله جي راهه ۾ پنهنجي مال مان خرچ ڪن. ان کان پهرئين جو اُهو ڏينهن اچي وڃي جڏهن نه وڪڻڻ ۽ وٺڻ ۽ نه ئي دوست نوازي هلندي.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي انسانو! مون جيڪو رزق توهان کي ڏنو آهي ۽ سج ۽ چنڊ، سمنڊ ۽ درياء، رات ۽ ڏينهن جو جيڪو سلسلو توهان لاءِ قائم ڪيو آهي ۽ اُهو سڀ ڪجهه جيڪو گهريو، پر حقيقت ۾ انسان وڏو بي انصاف ۽ ناشڪرو آهي. قرآن سڀني انسانن لاءِ هڪ پيغام آهي. ان لاءِ ماڻهو ٻڌي وٺن ته اَللّٰهُ وَحْدَهٗ لَا شَرِيْکَ آهي ۽ اُهو ئي معبود حقيقي آهي. اي عقل رکڻ وارؤ! نصيحت وٺو.
ان کان پوءِ سورة حجر شروع ٿئي ٿي.
هن سورة ۾ الله تعاليٰ اُنهن ماڻهن کي تنبيهه فرمايو آهي، جيڪي نبي جي دعوتِ دين ۽ اسلام جو مذاق ڪن ٿا ۽ نبي تي ديوانگي جي تهمت هڻن ٿا.
الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”اي منڪرؤ! توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته قرآن الله جو ذڪر آهي، جيڪو هُن پنهنجي نبي تي نازل ڪيو ۽ اُهو ان جو پاڻ محافظ ۽ سنڀال ڪندڙ آهي.“
الله تعاليٰ نبي کي تسلي ڏيندي چوي ٿو ته اوهين منڪرين جي ڳالهين سان دل برداشته نه ٿيو ۽ انهن جي ڌمڪين جو اثر نه وٺو. جيڪي ماڻهو ڀٽڪيل آهن، اُهي ابليس جا پيروڪار آهن ۽ اُهي ئي جهنمي ٿيندا.
اي نبي ! ٻڌائي ڇڏ ماڻهن کي ته الله تعاليٰ رحيم ۽ درگذر فرمائڻ وارو آهي، پر سندن عذاب سخت ۽ دردناڪ پڻ آهي.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! اسان کي خبر آهي ته اوهان کي مڪي جي ڪفارن جون ڳالهيون اڻ وڻندڙ لڳن ٿيون ۽ اوهان کي تڪليف ٿئي ٿي ته اي نبي ! انهيءَ جو علاج هي آهي ته اوهان پنهنجي رب جي حمد وتسبيح ۾ مصروف رهو ۽ سندس عبادت وبندگي ۾ وقت گذاريو.“
ان کان پوءِ سورة نحل شروع ٿئي ٿي.
ارشادِ باري تعاليٰ آهي ته: ”اي مشرڪؤ! الله تعاليٰ جي ذات پاڪ توهان جي شرڪ کان مٿانهين آهي. نادانؤ! توهين عذاب گهري رهيا آهيو. ياد رکو، اُهو وقت هاڻي پري ڪونهي، جڏهن توهين پنهنجي سرڪشي ۽ بداعمالي جي سزا چکندؤ. توهين ناشڪرا آهيو، حالانڪه توهين پنهنجي رب جي نعمتن کي اکين سان ڏسو ٿا. ان توهان جي آرام لاءِ، توهان جي رزق لاءِ، توهان جي پوشاڪ لاءِ، توهان جي باربرداري (بار ڍوئڻ) لاءِ اهڙيون شيون ۽ جانور پيدا ڪيا آهن، غور ڪرڻ وارن لاءِ ان ۾ الله تعاليٰ جون وڏيون نشانيون آهن.“
اي مشرڪؤ! ٿورڙو گهمي ڦري ڏسو! نه مڃڻ وارن جو ڪهڙو انجام ٿيو. انهن جون بستيون الله تعاليٰ ڪهڙي طرح اٿلائي ڇڏيون.
الله تعاليٰ جڏهن ڪنهن شيءِ لاءِ چاهي ٿو ته هو ٿي ته ٿي پوندي آهي.
انهيءَ کان پوءِ الله ڌيئرن سان ڪيل بدسلوڪين جي باري ۾ مشرڪين کي دڙڪو ڏئي ٿو ته جڏهن ڇوڪري پيدا ٿئي ٿي ته ذلت محسوس ڪريو ٿا ۽ ان کي شرم جي وچان دفن ڪري ڇڏيو ٿا. توهين گمراهه ۽ سنگدل آهيو. انهيءَ گمراهيءَ سان گڏ ديده دليري سان فرشتن کي الله جون ڌيئون قرار ڏيو ٿا ۽ هيءَ نهايت جهالت ۽ شرڪ جي ڳالهه آهي.
شال الله پاڪ قرآن مجيد جي هن پيغام سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

***
اول     نالو     الله     جو،     مٺو   موچارو
سخي سونهارو، ترس مند تمام گهڻو
ٻارهين تراويح

اڄ جو بيان چوڏهين سيپاري جي چوٿين حصي کان پندرهين سيپاري جي آخر تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي مسلمانؤ! جڏهن توهين قرآن جي تلاوت شروع ڪريو ته شيطان کان بچڻ لاءِ الله جي پناهه گهرندا ڪريو. اي نبي ! توهان ماڻهن کي دعوت دين مبين نهايت حڪمت ۽ بهترين طريقي سان ڏيندا رهو ۽ مخالفن جي حرڪتن سان رنج نه ٿيندا ڪريو. الله توهان جو حامي ۽ مددگار آهي.“
هن کان پوءِ سورة بني اسرائيل شروع ٿئي ٿي.
الله تعاليٰ نبي کي معراج جو شرف بخشيو ۽ اتي ان کي پنهنجي قدرت جا وڏا وڏا مشاهدا ڪرايا.
هي پهريون موقعو هو، جنهن تي پنج وقت نماز ٽائيم ۽ پابنديءَ سان فرض ٿي. هن سورة مبارڪ ۾ الله تعاليٰ چوڏهن نڪتا به عطا فرمايا، جن سان مسلمان معاشري جي مهذب ترين تشڪيل عمل ۾ آئي.
1.         عبادت صرف الله جي ڪريو.
2.         والدين سان سهڻو سلوڪ ڪريو.
3.         مٽن، مائٽن، مسڪينن ۽ مسافرن کي انهن جا حق ڏيو.
4.         فضول خرچي نه ڪريو.
5.         جيڪڏهن ڪنهن جي حاجت پوري نه ڪري سگهو ته کيس نرميءَ سان جواب ڏيو.
6.                   نه ڪنجوسي ڪريو، نه فضول خرچي ڪريو، اعتدال جي راهه اختيار ڪريو.
7.         پنهنجي اولاد کي مفلسي جي خوف کان قتل نه ڪريو.
8.         زنا جي ويجها نه وڃو.
9.         بغير ڪنهن قانوني جواز جي ڪنهن کي قتل نه ڪريو.
10.    قانوني حدن کان ٻاهر يتيمن جي مال جي ويجهو نه وڃو.
11.    قول وقرار جي پابندي ڪريو. ماپ تور ۾ گهاٽي واڌي هرگز نه ڪريو.
12.     جنهن شيءِ جو توهان کي علم ڪونهي، ان جي پويان نه پئو.
13.     غرور ۽ تڪبر جي چال نه هلو.
هي حڪمت جون ڳالهيون جيڪي الله تعاليٰ پنهنجي نبي تي وحي ذريعي فرمايون. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”حق اچي ويو، باطل مٽجي ويو.“ اي نبي ! منهنجي ٻانهن کي چئي ڇڏ ته ڳالهه اُها ڪريو، جيڪا بهتر ۽ پسنديده هجي. نبي تي تهجد ان موقعي تي فرض ٿي.
هن کان پوءِ سورة ڪهف شروع ٿئي ٿي.
هن سورة ۾ اصحابِ ڪهف ۽ ملاقات خضر وموسيٰ ؐ جو ذڪر آهي.
قصو ذو القرنين انشاء الله پوءِ بيان ٿيندو.
اصحابِ ڪهف جو واقعو هي آهي ته ڪجهه نوجوان پنهنجي مشرڪ ۽ الله کان باغي معاشري کان تنگ ٿي، بستي کان نڪري ٻاهر بيٺا ۽ جبلن جي هڪ غار ۾ پناهه ورتائون. الله تعاليٰ انهن تي ڊگهي ننڊ طاري ڪري ڇڏي ۽ غار جي منهن تي سندن ڪتو حفاظت ڪندو رهيو.
ڪيترن سالن کان پوءِ ظالم ۽ جابر حڪومت تبديل ٿي چڪي هئي ۽ معاشرو بدلجي ويو هو. الله تعاليٰ انهن کي ننڊ مان سجاڳ ڪيو ۽ غاز جي ٻاهر وارين حالتن کان کين واقف ڪيو، جنهن کان پوءِ اُنهيءَ غار ۾ مٿن موت طاري ڪئي هئي. هاڻي اُهي قيامت جي ڏينهن اٿاريا ويندا.
ان کان پوءِ سيدنا موسيٰ ۽ سيدنا خضر ؐ جي ملاقات جو ذڪر آهي. دنيا جو نظام الله تعاليٰ جي جنهن مشيت تحت هلي رهيو آهي، انهيءَ جون ڪجهه نشانيون موسيٰ ؑ کي ڏيکاريون ويون. سيدنا خضر سٺين ۽ ڀلين ٻيڙين کي ناڪاره ڪري ڇڏيو هو. پوءِ سُٺي، ڀلي راند روند ڪندڙ ڇوڪري کي قتل ڪري ڇڏيائين ۽ ڪجهه ناشڪرن، گهٽ ذهين خلق ماڻهو جي ڪِريل ديوارن کي ٽيڪ ڏين ٿا. موسيٰ ؑ کان اُهي ڳالهيون برداشت نه ٿي رهيون هيون، ان ڪري اعتراض ڪندا رهيا. سيدنا خضر ؑ خدائي مشيت انهن تي ظاهر ڪري ٿو ته الله جي طرف کان هن عمل غيبي ۾ ان جو انجام خير آهي، شر ناهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته اسان قرآن ۾ ماڻهن کي طرح طرح سان سمجهايو، پر انسان ڏاڍو جهيڙي ڪرڻ وارو آهي. الله جي طرفان جيڪا هدايت وٽن ايندي آهي، انهيءَ تي وڙهن ٿا ۽ مڃڻ کان انڪار ڪن ٿا. قرآن ۾ ٺيڪ ٺيڪ ۽ سڌيون ڳالهيون آهن. عقل رکڻ وارا ۽ آيتن تي غور ڪرڻ وارا هدايت حاصل ڪندا.
الله شال عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)

***
اول نالو الله جو،  جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
تيرهين تراويح
اڄ جو بيان سورهين سيپاري کان شروع ٿي سترهين سيپاري جي چوٿين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي. سورة الڪهف ۾ ٽيون واقعو ذوالقرنين بادشاهه جو آهي. هُو وڏو اقتدار وارو ۽ وسيع سلطنت جو والي هو، پر ان سان گڏ هُو نيڪ ۽ عادل پڻ هو. هن جي دار الحڪومت (گادي واري هنڌ) ۾ ياجوج ۽ ماجوج جون قومون فساد ڪندڙ ۽ بدنام هيون. هُن انهن کي روڪڻ لاءِ حد بندي طور تي هڪ ڀت لوهه ۽ ٽامي جي ملاوت سان تعمير ڪرائي، پر ماڻهن کي خبردار پڻ ڪيو ته هيءَ ڀت الله جي رحمت سان مضبوط آهي پر هي فاني شيءِ ورنگ هيءَ به فاني ٿيڻ واري آهي. انهيءَ ڪري نيڪ عمل ڪريو ۽ بندگي ۾ الله سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ نه ڪريو.
مريم سورة سيدنا زڪريا ؑ جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿي. الله ٻڍائپ جي عمر ۾ کيس اولاد عطا ڪيو. ان جو پٽ سيدنا يحييٰ ؑ ڏاڍو رحمدل، نرم دل ۽ زبردست فيصلي قوت جو مالڪ هو.
پوءِ مريم عليها السلام جنهن کي بغير مرد جي معجزاني طور تي حضرت عيسيٰ ؑ جي پيدائش جو ذڪر آهي ۽ ٻين پيغمبرن جو به ذڪر فرمايو ويو آهي. مقصد هي ته سڀ انبياء هڪ ئي دين کڻي آيا هئا. اُهو ئي دين، جيڪو نبي کڻي تشريف فرما ٿيا، پر نبين جي وڃڻ کان پوءِ امتن پنهنجي اندر بگاڙ پيدا ڪيا ۽ مشرڪ بڻجي ويا. هي الله تعاليٰ جي شان ڪونهي جو ڪنهن کي پنهنجو پٽ بڻائي، هيءَ انتهائي گمراهيءَ واري ڳالهه آهي ۽ الله جي عذاب کي دعوت ڏئي ٿي.
”اي نبي ! توهان انهن سرڪش قومن جو نالو نشان ڪٿي ڏسو ٿا، جن کي بداعمالين جي عيوض هلاڪ ڪيو ويو؟ انهيءَ لاءِ منڪرين کي اسان جي عذاب کان ڊيڄاريو.“
هن کان پوءِ سورة طھ شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! قرآن ان ڪري ناهي نازل ڪيو ويو جو اوهين پريشاني ۾ پئجي وڃو ۽ نه ئي هي چيو ويو آهي ته نه مڃڻ وارن کي مڃائي ڇڏيو. قرآن ته بس هڪ نصيحت ۽ ياد ڏيارڻ وارو هڪ ڪتاب آهي. جنهن جي دل ۾ الله جو خوف هجي ۽ جيڪو الله جي پڪڙ کان بچڻ چاهي، اُهي سڌا ٿي وڃن، قرآن زمين ۽ آسمان جي مالڪ جو ڪلام آهي.“
هن کان پوءِ سيدنا موسيٰ ؑ جو پورو واقعو پيدائش ۽ معجزاڻي پرورش، عطائي پيغمبري، معجزا، فرعون سان مباحثو، جادوگرن سان مقابلو، بني اسرائيل سان مصر مان گڏ وٺي نڪرڻ، فرعون جي لشڪر جو سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃڻ ۽ الله تعاليٰ جي احسانن جي باوجود به بني اسرائيل جو گمراهه ٿي وڃڻ جو ذڪر فرمايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو نصيحت وٺن. جيڪو هن هدايت کان منهن موڙيندو، قيامت جي ڏينهن سخت ويل ۾ مبتلا هوندو. هي دڙڪو آهي منڪرن جي لاءِ، شايد کين هوش اچي وڃي.
هن کان پوءِ سورة انبياء شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”منڪرَ سخت غلط فهميءَ ۾ وڪوڙيل آهن. بشر رسول نٿو ٿي سگهي ۽ اُها ئي سندن ڀُل آهي ته هو قرآن کي پاڻ مرادو تصنيف ۽ ڪلام سمجهن ٿا.“
”اي نبي ! اسان توهان کان پهريائين به انسان کي ئي رسول بنائي موڪليو هو ۽ مٿن وحي نازل ڪيو آهي. جن قومن پنهنجن نبين کي ڪوڙو سمجهيو، انهن کي اسان هلاڪ ڪري ڇڏيو. هيءَ زندگي هرگز راند ڪونهي. جيڪڏهن زمين ۽ آسمان ۾ الله کان سواءِ ٻيو ڪو معبود هجي ها ته ڪائنات جو نظام ڦٽي وڃي ها. منڪر غور نٿا ڪن، جز ۽ ڪل ڪائنات جو خالق صرف الله تعاليٰ آهي ۽ هر جاندار کي موت جو مزو چکڻو آهي. اسان ڪنهن انسان کي هميشگي ناهي بخشي.
الله عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)



اول نالو الله جو،  جو برڪت بي شمار
ڏيهن  جو  ڏاتار،  سو  سٻاجهو  سپرين
چوڏهين تراويح
اڄ جو بيان سترهين سيپاري جي چوٿين حصي کان شروع ٿي ارڙهين سيپاري جي اڌ تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي.
سورة انبياء جي باقي آيتن ۾ الله تعاليٰ جناب ابراهيم ؑ کان عيسيٰ ؑ تائين جي ڪيترن پيغمبرن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پوءِ نبي جو ذڪر مبارڪ انهيءَ خاص وصف سان گڏ ڪيو آهي ته: ”اي نبي ! اسان توکي سڄي جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو.“
هن کان پوءِ سورة حج ۾ مشرڪن کي الله جي غضٻ کان ڊيڄاريو ويو آهي ته پنهنجي ضد ۽ هوڏ کان رڪجي وڃن. پوءِ ڪمزور مسلمانن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته پنهنجي ايمان ۽ اعمال ۾ پختگي پيدا ڪريو، نه ته بي يقيني سان توهان جي دنيا ۽ آخرت ٻئي برباد ٿي وينديون، جيڪو پڌرو خسارو آهي. هن کان پوءِ اهلِ ايمان کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي ته هاڻي توهان جو نالو مسلم آهي ۽ توهان جو اُهوئي نالو حضرت ابراهيم ؑ جي امت ۾ به هو.
مسلمانن کي حج جا احڪام ڏنا ويا ۽ هي ارشاد فرمايو ته: ”جيڪا اوهين قرباني ڏيو ٿا، ان جو رت ۽ گوشت اسان تائين نٿو پهچي. اسان وٽ ته توهان جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري ٿي پهچي.“
هن کان پوءِ سورة مؤمنون شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”عبادت جي ادائيگي دل جي خلوص سان ڪندا ڪريو ۽ بي حيائي جي ڪمن کان پري رهو. اها ئي دنيا ۽ آخرت جي فلاح جي راهه آهي. ڇوٽڪارو رسول جي اتباع (تابعداري) ۾ آهي. اهلِ ايمان غرور ۽ وڏائي سان پنهنجن عملن کي ضائع نٿا ڪن. انهن جا دل ان ڪري ڊڄن ٿا ته انهن کي پنهنجي رب جي طرف موٽڻو آهي. اُهي نيڪي جا ڪم ڪن ٿا.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اسان ڪنهن شخص تي ان جي همت کان وڌيڪ بار نٿا وجهون. اي نبي ! مخالفين پنهنجي حرڪتن کي ڇڏڻ وارا ڪونه آهن، ايتري تائين جو کين موت اچي وڃي. تنهنڪري ان وقت پڇتائڻ شروع ڪندا، پر هي آخرت وقت ۾ پڇتائڻ سندن ڪنهن ڪم جو ناهي.“
هن کان پوءِ سورة نور شروع ٿئي ٿي.
هن سورة ۾ مسلمان معاشري جا اخلاقي اقدار بيان ڪيا ويا آهن ۽ معاشرتي ضرورتن جي لاءِ اخلاقي ۽ قانوني ضابطه بيان ڪيا ويا آهن. ارشاد باري تعاليٰ آهي:
1.         زنا جي سزا خواهه مرد هجي يا عورت، سؤ ڪوڙا لڳائڻ آهن.
2.         بدڪارن خواهه مرد هجي يا عورت، انهن سان مقاطعه (بائيڪاٽ) ڪيو وڃي ۽ انهن سان نڪاح به نه ڪيو وڃي.
3.         زنا جو الزام هڻڻ واري ۽ ثبوت نه پيش ڪرڻ واري کي 80 ڪوڙا آهن.
4.         زال ۽ مرد مان جيڪڏهن ڪو هڪ ٻئي تي بدڪاري جو الزام مڙهي ۽ ثبوت پيش نه ڪري ته چار ڀيرا الله جو قسم کڻي ته جي هو/هوءَ سچو/سچي آهي ۽ پنجين ڀيري چوي ته جيڪڏهن هو/ هوءَ ڪوڙو/ ڪوڙي آهي ته ان تي الله جي لعنت هجي.
5.         نيڪ مرد نيڪ عورتن جي لاءِ ۽ نيڪ عورتون نيڪ مردن لاءِ آهن. اهڙي طرح خبيث مردن ۽ خبيث عورتن سان گڏ آهن ته جيڪي فحش ڳالهيون مشهور ڪن ته اُهي سزا جا حقدار آهن.
6.         جيستائين ڏوهاري جي خلاف ثبوت نه ملي، تيستائين کيس بي گناهه سمجهيو وڃي.
7.         بنا اجازت جي هڪٻئي جي گهرن اندر داخل نه ٿيڻ گهرجي.
8.         عورتون هار سينگار ڪري نامحرمن جي سامهون نه اچن ۽ انهن کي پنهنجي ڇاتي ڍڪڻ گهرجي.
9.         اسلام ۾ ڇڙائي واري زندگي ناپسند آهي.
10.    مرد ۽ عورتون هڪٻئي کي گهوري نه ڏسن ۽ نه ئي هڪ ٻئي ڏانهن جهاڻن
11.    اڪيلائي جي وقت گهرن جي اندر، ڪمري جي اندر وڏا ته ڇا پر ننڍا به داخل نه ٿين.
12.     عزيز رشتيدارن، دوستن، احباب ۽ ڀروسي جهڙا ڪجهه ماڻهو جن ۾ اپاهج ۽ معذور به شامل آهن، جيڪڏهن کائڻ جي شيءِ بغير اجازت جي کائي وٺن ته ان جو شمار چوري ۽ خيانت ۾ نه ٿيندو.



اول نالو الله جو،  جو برڪت بي شمار
ڏيهن  جو  ڏاتار،  سو  سٻاجهو  سپرين
پندرهين تراويح

هيءَ تراويح ارڙهين سيپاري جي اڌ کان اوڻيهين سيپاري جي ٽين حصي جي تلاوت تي مشتمل آهي. منافقن نبي جن کي تڪليف رسائڻ لاءِ ام المؤمنين سيده عائشھ صديقھ تي الزام تراشي ڪئي هئي، جنهن جي الله تعاليٰ سورة النور ۾ ترديد ڪري ڇڏي ۽ بيهوده بڪواس ڪرڻ وارن تي ملامت فرمائي ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن توهين مؤمن آهيو ته آئينده اهڙي حرڪت نه ڪجو. الله تعاليٰ زمينن ۽ آسمانن جو نور آهي ۽ مؤمن ته اُهو ئي آهي، جيڪو الله تعاليٰ جي نور کي پنهنجي لاءِ رهنمائي سمجهي ۽ دل سان رسول جي پيروي ڪري. رسول جي مخالفت توهان کي ڪنهن فتني ۾ گرفتار ڪري سگهي ٿي.
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته: ”اي نبي ! تنهنجو رب تنهنجي مدد لاءِ ڪافي آهي. تون ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ ته آءٌ توهان کان دين جي تبليغ جي ڪا مزدوري (اجرت) ڪونه ٿو وٺان. منهنجي اجرت ته بس اها آهي ته توهان سڌو رستو اختيار ڪريو ۽ اهڙا نيڪ ٻانها ٿيو، جيڪي زمين تي نيڪ چال هلن ٿا. جهالت جي ڪمن کان بچن ٿا ۽ ڪو جاهل سندن منهن پوندو آهي ته سلام ڪري جدا ٿي ويندا آهن. مؤمنن لاءِ اعليٰ اجر مقرر آهي ۽ نه مڃيندڙن کي اهڙي سخت سزا ملندي جو جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پوندن.“
هن کان پوءِ سورة الشعراء شروع ٿئي ٿي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو ايمان نه آڻين ته توهين انهن جي غم ۾ جان جوکي ۾ نه وجهو. بيشڪ اسين اهڙيون نشانيون نازل ڪري سگهون ٿا، جن جي سامهون منافقن جا ڪنڌ جهڪي ويندا، پر ڇاڪاڻ ته هي ماڻهو حق کي ٿڏو هڻي چڪا آهن، انهيءَ لاءِ کين پنهنجي ڪيئي جي سزا عنقريب ملي ويندي.“
هن کان پوءِ الله تعاليٰ حضرت موسيٰ ؑ ۽ ڪيترن ئي ٻين نبين جي واقعن جو ذڪر فرمايو آهي ۽ هر واقعي ۾ هدايت حاصل ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون آهن. پر منڪر! گهڻو ڪري نه ٿا مڃين. انهن کي جلد ئي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي ويندي، جنهن جو اُهي مذاق ڪن ٿا. اُهي قرآن حڪيم کي ڇو نه ٿا ڏسن، جيڪو سندن ئي زبان ۾ نازل ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان کي نبي ۽ سندن ساٿي اهڙا ئي نظر اچن ٿا، جهڙا شاعر ۽ انهن جا ساٿي هوندا آهن؟ ڇا واقعي قرآن مجيد توهان کي ڪنهن شاعر جو ڪلام لڳي ٿو؟ شاعرن جي پيروي ته ڀٽڪيل ماڻهو ڪندا آهن. اي ماڻهؤ! ڇا توهان نٿا ڏسو شاعر هِتي هُتي ڀٽڪندا رهندا آهن. جيڪي چوندا آهن، اُهو ڪندا ناهن.“
الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته: ”قرآن مجيد جي هدايت ۽ بشارت ايمان آڻڻ وارن لاءِ آهي. جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ آخرت تي پورو يقين رکن ٿا، بنا ڪنهن شڪ جي قرآن مجيد هڪ حڪيم وعليم هستي جي طرفان نازل ڪيو ويو. اسان منڪرن جا اعمال انهن جي پنهنجي نظرن ۾ وڻندڙ ڪندا آهيون، جيئن اُهي گڏيل جهالت ۾ وڪوڙيل ۽ هميشه خساري ۾ رهن ۽ آخرت ۾ هرگز نجات نه حاصل ڪري سگهن.“

***
اول  نالو  الله جو،  جو برڪت بي شمار
سو ڏيهن جو ڏاتار، سو سٻاجهو سپرين
سورهين تراويح
اڄ جي تراويح جو بيان اوڻيهين سيپاري جي ٽن حصن کان وٺي ويهين سيپاري جي آخر تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي. سورة نمل ۾ الله تعاليٰ تفصيل سان سيدنا سليمان ؑ جو بيان ڪيو آهي. الله تعاليٰ کيس جانورن جي ٻولين جي سمجهه عطا ڪئي ۽ جنات، انسانن ۽ پکين تي پورو قابو عطا ڪيو هو. انهيءَ واقعي ۾ سمجهڻ وارن لاءِ الله جي قدرت جون وڏيون نشانيون آهن.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ ته الله کان سواءِ زمين ۽ آسمان ۾ ڪنهن کي به غيب جو علم ناهي ۽ هيءَ ڳالهه صرف الله جي علم ۾ آهي ته ماڻهن کي ڪڏهن اٿاريو ويندو. ڪافرن جي دل مان آخرت جو يقين ختم ٿي ويو آهي ۽ هي حقيقت جي باري ۾ شڪ ۾ وڪوڙيل آهي. بنا ڪنهن شڪ جي الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته اهڙن ماڻهن جي سينن ۾ ڇا لڪل آهي.“
هن کان پوءِ سورة قصص شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ سيدنا موسيٰ ؑ جي بعثت ۽ فرعون جي هلاڪت جو پورو واقعو ۽ پوءِ قارون جي بي پايان دولت، انهيءَ جو غرور ۽ تڪبر ۽ پوءِ انهيءَ جو پنهنجي دولت سميت زمين ۾ غرق ٿي وڃڻ جو ذڪر ڪيو الله تعاليٰ نبي جن کي ارشاد فرمائين ٿا ته: ”اسان هي معاملو اوهان کي ان ڪري ڏيئي رهيا آهيون ته اوهان نافرمانن کي خبردار ڪريو ته هو هوش ۾ اچي وڃن ۽ ايمان آڻين، نه ته بد اعمالين جي ڪري ضرور ڪنهن وبال ۾ گرفتار ٿي ويندا.
”اي نبي! اوهان منڪرن کان پڇو ته انهن ڪڏهن هن حقيقت تي غور ڪيو آهي ته الله انهن تي هميشه لاءِ ڪاري رات جي اونداهي طاري ڪري ڇڏي ته ڪير آهي الله کان سواءِ، جيڪو کين انهيءَ اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن وٺي وڃي؟ هيءَ الله تعاليٰ جي رحمت آهي جو ان ڏينهن ۽ رات ٺاهيا، انهيءَ لاءِ ته ڏينهن ۾ رزق جي ڳولا ڪن ۽ رات جو سڪون حاصل ڪن ۽ پنهنجي رب جا شڪر گذار بڻجن. اي نبي ! ماڻهن جي هدايت جو ڪم جاري رکو ۽ مخالفن جي مزاحمت جو فڪر نه ڪريو. دنيا جي هر شيءِ فاني آهي، صرف الله جي ذات کان سواءِ. هن جي فرمان روائي هر جڳهه آهي. سڀني کي انهيءَ ڏانهن موٽڻو آهي.“
هن کان پوءِ سورة عنڪبوت شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”ڇا اُهي ماڻهو انهيءَ خوش فهميءَ ۾ پيل آهن، انهن کي صرف هي چئي ڇڏيو ويندو ته اُهي ايمان آڻي چڪا آهن. اسان سندن آزمائش نه ڪنداسين؟ ماڻهو توهان تي جيڪو سخت وقت اچي ٿو، دراصل اُهو توهان جي صبر وتحمل جو امتحان آهي. اهڙي ريت اهلِ ايمان ڄاڻي وٺن ۽ ڪوڙن کي به سڃاڻي وٺن. هي سچ آهي ته اسان توکي ماءُ ۽ پيءُ سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پر هُو توهان کي شرڪ ڪرڻ تي مجبور ڪن ۽ توهان جي ايمان ۾ خلل وجهن ته انهن جو چوڻ نه وٺو. ڪافر، مؤمنن کي چون ٿا ته اسان جي طريقن جي پيروي ڪريو، اسين توهان کي گناهن کان بچائينداسين. اُهي ڪوڙا آهن، ڪوبه ڪنهن جو وزن ڪونه کڻندو.“
هن کان پوءِ سيدنا نوح ؑ جو واقعو بيان ڪيو ويو آهي. اهو نوَ سؤ سالن تائين پنهنجي قوم جي وچ ۾ پيغمبري جا فرض نڀائيندو رهيو، پر قوم نافرمان هئي. آخرڪار طوفان جي عذاب ۾ مبتلا ٿي هلاڪ ٿيا.
هن کان پوءِ سيدنا ابراهيمؑ، سيدنا لوط ؑ ۽ سيدنا شعيب ؑ جي قومن جي هلاڪت جو ذڪر آهي. انهن جي گمراهين، بداعمالين ۽ فحش حرڪتن جي ڪري الله تعاليٰ جو عذاب نازل ٿيو ۽ اُهو انهن جي هلاڪت جو سبب بڻيو. انهن واقعن ۾ عقل رکڻ وارن لاءِ هدايت آهي. سڀني کي اُنهيءَ جي طرف موٽڻو آهي. انصاف جي لاءِ ميزان قائم ڪئي ويندي ۽ ڪنهن به شخص جي ٿوري به حق تلفي نه ٿيندي.
الله، ڪلام جي هن پيغام کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)



اول     نالو     الله     جو،     مٺو   موچارو
سخي سونهارو، ترس مند تمام گهڻو
سترهين تراويح

اڄ جو بيان ايڪيهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”اي نبي ! تلاوت قرآن مجيد جي ڪندا ڪريو ۽ نماز قائم ڪريو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته نماز فحش ڳالهين ۽ خراب ڪمن کان روڪي ٿي. اهلِ ڪتاب سان مباحثو ڪرڻ مهل خوش اسلوبي اختيار ڪريو، ته جيئن اوهان جي ڳالهه انهن ماڻهن جي دل ۾ ويهي رهي ۽ انهن کي چؤ ته اي اهلِ ڪتاب! اسين جهڙي ريت پنهنجي ڪتاب تي ايمان رکون ٿا، اهڙي ريت توهان جي ڪتابن تي به ايمان رکون ٿا. اسان جو ۽ اوهان جو معبود هڪ آهي. اي نبي ! توهان ته پڙهيل لکيل نه آهيو، پوءِ اُهي ماڻهو ڇو شڪ ۾ پيل آهن ته قرآن مجيد اوهان پاڻ تصنيف ڪيو آهي؟ قرآن ته وحي جي ذريعي نازل ٿيل الله جو ڪتاب آهي.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي منهنجا بندؤ! جن ايمان آندو آهي، منهنجي زمين تمام وسيع آهي. ڊڄڻ ۽ خوف ڪرڻ جي ڪا ڳالهه ڪانهي. جتي چاهيو اُتي وڃي منهنجي بندگي ڪري سگهو ٿا. آخرڪار توهان کي موٽي اسان ڏانهن ئي اچڻو آهي.“
هن کان پوءِ سورة روم شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”جيڪڏهن اُن وقت ايران جي خلاف جنگ ۾ رومين کي هار ٿي ويئي آهي، پر ڪجهه سالن اندر اُهي وري غالب ٿي ويندا ۽ مسلمانن کي خوشي نصيب ٿيندي. ان کان پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي تمام گهڻين نشانين جو ذڪر ڪيو آهي، جن تي غور ڪري انسان توحيدِ الاهي جو قائل ٿي وڃي ٿو. الله تعاليٰ جو دين سڌو ۽ صحيح آهي، ان ۾ ڪا هير ڦير ناهي. پر گهڻا ماڻهو اُها ڳالهه نٿا سمجهن. اي نبي ! نه مڃڻ وارن کي خواهه ڪيئن به سمجهايو، اُهو مڃڻ وارا ڪونه آهن. انهن جي دلين ۾ جهالت جون مُهرون لڳل آهن.“
هن کان پوءِ سورة لقمان شروع ٿئي ٿي. ارشادِ رباني آهي ته: ”اسان لقمان کي دانائي ڏني هئي، جو اُهو اسان جو ٻانهو هيو ۽ جيڪو به شخص شڪر ادا ڪري ٿو، اُهو پنهنجو ئي فائدو ڪري ٿو، ڇوته الله تعاليٰ ناشڪر بندن جي ناشڪريءَ کان بي نياز آهي. لقمان پاڻ به شرڪ کان پاڪ هيو ۽ پنهنجي اولاد کي به ان لعنت کان بچايائين.
انسانو! الله تعاليٰ جي غضب کان ڊڄو. بچو حساب جي ڏينهن کان جڏهن پيءُ پنهنجي پٽ جي مدد نه ڪري سگهندو. تڪبر جي چال نه هلو ۽ ماڻهن سان منهن ڦيري نه ڳالهايو. نرمي سان گفتگو ڪريو، ڇوته آوازن ۾ خراب آواز گڏهه جو آهي.“
هن کان پوءِ سورة سجده شروع ٿئي ٿي. ارشادِ باري تعاليٰ آهي ته: ”هيءَ ڪهڙي  عجيب ڳالهه آهي ته اسان هن وسيع ڪائنات کي تخليق ڪرڻ جي قدرت رکون ٿا، پر قرآن کي (بقول منڪرين) نازل نٿا ڪري سگهون. سچ ته هي آهي ته ماڻهو جهالت جي ڪري الله تعاليٰ جي نشانين جا منڪر ٿي وڃن ٿا. ڪيترا ظالم آهن اُهي ته توهان انهن کان منهن موڙي ڇڏيو. اهڙن ماڻهن کان ضرور بدلو ورتو ويندو.“
هن کان پوءِ سورة احزاب شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”اسان ڪنهن به شخص جي بدن ۾ ٻه دل نه رکيا آهن ۽ نه ئي ڪنهن جي زال کي ماءُ جو درجو ڏنو آهي ۽ نه ئي ويڳا پٽ حقيقي پٽن جي برابر آهن. ويڳا پُٽ پنهنجي اصلي پيءُ جي نسبت سان سڃاتا وڃڻ گهرجن.
نبي جون زالون امت جون مائرون آهن. انهن سان نڪاح حرام آهي. جيڪو شخص جهاد کان ۽ موت جي خوف کان ڀڄي ٿو ته اُهو ايمان کان خالي آهي. الله تعاليٰ سندس عملن کي ضايع ڪري ڇڏيندو. زندگي ڪجهه ڏينهن جي آهي ۽ موت جي ڪنهن کي ڪا خبر ناهي. اي ماڻهؤ! الله تعاليٰ جو رسول توهان لاءِ بهترين نمونو آهي. ان جي پيروي ڪريو.سچو مؤمن الله ۽ آخرت تي پورو يقين رکي ٿو.“



اول نالو الله جو،  جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
ارڙهين تراويح
اڄ جو بيان ٻاويهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي جون زالون! توهان جو مرتبو عام عورتن کان مٿي آهي. ڳالهه سڌي ڪريو ۽ زيب وزينت جي نمائش نه ڪريو.“ پوءِ عام ماڻهن کي خطاب لاءِ ارشاد ٿيو آهي ته: ”اي ماڻهؤ! محمد () مردن مان ڪنهن جو پيءُ ڪونهي. پر هُو الله جو آخري نبي آهي. ان کان پوءِ ڪوبه نبي نه ايندو. اسان، پنهنجي نبي کي  هدايت جو ٻرندڙ ڏيئو ڪري موڪليو آهي ۽ اسان ۽ اسان جا فرشتا انهيءَ تي درود موڪلين ٿا. اي ايمان وارؤ! توهين به ان تي درود ۽ سلام موڪليو.“ هن کان پوءِ نڪاح، عدت ۽ پردي جا حڪم نازل ڪري منافقن تي لعنت فرمائي وئي آهي.
هن کان پوءِ سورة سبا شروع ٿئي ٿي. ”الله تعاليٰ جي ذات پاڪ ۽ هر تعريف جي لائق آهي. اُهو داناءِ ۽ باخبر آهي. منڪرن جي دليل جهالت تي ٻڌل آهي. انهن جي ايمان نه آڻڻ جي ڪري مٿن الله جو عذاب ڇو نٿو نازل ٿئي. اي نبي ! خبردار ڪريو. الله جو عذاب انهن تي اچي رهندو. اُهي ڀٽڪيل آهن. اسان چاهيون ته انهن کي گذريل عذاب ۾ ورتل امتن وانگر زمين جي اندر غڙق ڪري ڇڏيون ۽ انهن تي پٿر جا مينهن وسائي ڇڏيون. ايمان وارن لاءِ ان ۾ الله جون نشانيون آهن.“
ان کان گذريل نبين جي ذڪر جي باري ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد ٿيو آهي: ”اسان داؤد ؑ لاءِ لوهه، ميڻ جيئان نرم ڪري ڇڏيو هو. اُهو پنهنجي لاءِ سامان تيار ڪري ۽ جبلن ۽ پکين کي ان جي تابع ڪري ڇڏيو هو. اهڙي طرح سليمان ؑ لاءِ ٽامي جو چشمو بڻايوسين ۽ جنات کي انهن جي تابع ڪري ڇڏيو. آل سبا تي ان جي ناشڪري ۽ ڪفران جي بدلي ۾ عذاب نازل ڪيو ۽ انهن کي سيلاب سان هلاڪ ڪيوسين.“
ان کان پوءِ سورة فاطر شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي: ”اسان فرشتن کي پنهنجو پيغام رسائيندڙ مقرر ڪيو آهي. اسان جنهن تي رحمت جا دروازا کولي ڇڏيا، انهن کي ڪو بند ڪونه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي انهن کي ڪوئي کولي سگهي ٿو. انسانو! توهين شيطان جي ڪوڙي دولاب کان بچو. اُهو توهان کي توهان جا براعمل خوش نما ڪري ڏيکاري ٿو. يقينًا هو توهان جو پڌرو دشمن آهي. توهين به ان کي پنهنجو دشمن ئي سمجهو. انسانو! توهين جيڪو منهنجي مال مان خرچ ڪريو ٿا، الله تعاليٰ توهان کي ان جو پرو پورو اجر ڏئي ٿو، بلڪه ان کان به گهڻو ڏيندو. الله تعاليٰ غني ۽ تعريف جي لائق آهي. ها، بيشڪ توهين الله جا محتاج آهيو. الله کي هر شيءِ تي قدرت آهي. جيڪڏهن اُهو ماڻهن کي پنهنجي بداعمالين جي ڪري سزا جي گرفت ڪري ها ته روءِ زمين تي ڪو ساهه وارو زنده باقي نه رهي ها، پر اهو پنهنجن بندن کي هڪ مقرر وقت تائين جي مهلت ڏئي ٿو.“
هن کان پوءِ سورة يسين شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي نبي ! اسان توکي پيغمبر بڻائي موڪليو آهي ۽ توهان تي قرآن ان ڪري نازل ڪيو ويو آهي ته توهين ماڻهن کي هدايت پهچايو. ڪجهه انهن مان اهڙا آهن، جن جي عقل تي پردا چڙهيل آهن ۽ انهن کي نصيحت ڪرڻ، نه ڪرڻ برابر آهي. اُهي الله جي عذاب جا مستحق ٿي چڪا آهن.
نصيحت ۽ هدايت کان ته اُهي فائدو حاصل ڪن ٿا، جيڪي بغير ڏسڻ جي الله کي مڃين ٿا ۽ انهن جي پيروي ڪن ٿا. جيڪي پنهنجي خدمت جو صلو نٿا گهرن.“
شال الله پاڪ اسان کي قرآن مجيد جي هن (بنيادي) پيغام تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)



اول     نالو     الله     جو،     مٺو   موچارو
سخي سونهارو، ترس مند تمام گهڻو
اوڻيهين تراويح
اڄ جي هيءَ تلاوت ٽيويهين سيپاري جي متعلق آهي. ارشاد رباني آهي ته: ”اي نبي ! ماڻهن جي هيءَ حالت افسوس جوڳي آهي جو انهن وٽ پيغمبر اچي ٿو ته هي ان تي ٺٺوليون ٿا ڪن ۽ ان کي ڪوڙو ٿا ڪوٺين. اهي ڇو ٿا وسارين ته هن کان پهرئين ڪيتريون ئي نافرمان امتون هلاڪ ٿي ويون آهن. هڪ ڏينهن سڀني کي الله جي سامهون پيش ٿيڻو آهي. هن کان پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي ڪيترين ئي نشانين جو ذڪر ڪيو آهي. آخرت جي عذاب کان ڊيڄاريو آهي ۽ نيڪ ماڻهن کي جنت جي عيش وآرام جي خوشخبري ڏني آهي. پاڪ آهي اُها ذات جنهن جي قبضي ۾ قدرت جي هر شيءِ جو اختيار آهي ۽ سڀني کي انهيءَ ڏانهن موٽڻو آهي.“
هن کان پوءِ سورة صافات شروع ٿئي ٿي. الله تعاليٰ قسم کڻي ارشد فرمائي ٿو: ”سڄي ڪائنات جو مالڪ ۽ مختيار اُهو ئي آهي ۽ ان جو نظامِ ڪائنات شيطان جي هٿ چراند کان محفوظ آهي. قيامت جي ڏينهن منڪرين پنهنجن ساٿين سان گڏ دوزخ جي باهه جو ٻارڻ ٿيندا. ڏوهن جي اُها ئي سزا آهي. ان کان پوءِ حضرت ابراهيم ؑ جي پٽ اسماعيل ؑ جي قرباني جو بيان آهي. هي الله جي طرفان امتحان هو، جنهن ۾ پيءُ ۽ پُٽ ٻئي ڪامياب ٿيا. الله تعاليٰ هڪ ذبح ٿيندڙ  ڀهرو عيوض ڏيئي حضرت اسماعيل ؑ کي بچائي ورتو ۽ سيدنا ابراهيم ؑ جي هيءَ سنت هميشه جي لاءِ قائم ڪري ڇڏي.
پوءِ يونس ؑ جو واقعو آهي. هو الله جي اجازت کان سواءِ بستي (واهڻ) وارن کان خفا ٿي دريا جي سفر تي هليو ويو هو. هڪ وڏي مڇي کيس ڳڙڪائي وئي. پوءِ مڇي جي پيٽ ۾ سندس توبهه الله جي بارگاهه ۾ اگهامي ويئي ۽ مڇي کيس آڻي خشڪيءَ تي ٿڪي ڇڏيو.
هن کان پوءِ سورة ص شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”مڪي جا مشرڪ تڪبر ۽ ضد ۾ وڪوڙيل هئا ته انهن حق کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڳالهيون ٺاهيندي هڪ ئي ڀيري نبي وٽان اٿي هليا ويا.“ ارشاد ٿيو ته ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي جو اسان انهن منجهان ئي هڪ پيغمبر انهن جي هدايت لاءِ موڪليو. ڇا منڪرين نٿا سمجهن ته انهن کان اڳ اسان ڪيترين نافرمان قومن کي انهن جي حرڪتن جي ڪري هلاڪ ڪري چڪا آهيون. اي نبي ! جيڪي اڻوڻندڙ ڳالهيون هي منڪر ٺاهين ٿا، تن تي صبر ڪر.“
پوءِ داؤد ؑ جو واقعو بيان فرمايو ويو آهي. ان کي الله تعاليٰ بهترين فيصلو ڪرڻ جي قوت بخشي هئي. اُنهن رڍن جي باري ۾ هڪ تنازعي جو فيصلو ڪيو هو، پر هي الله جي طرفان سندن امتحان هو. اُن جو فيصلو ڪندي ئي کين احساس ٿي ويو. فورًا سجدي ۾ ڪِري توبه ڪئي جيڪا الله تعاليٰ قبول ڪئي. پوءِ ايوب ؑ جي سخت بيماري ۽ اُن تي صبر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ٻين ڪيترن ئي پيغمبرن جا واقعا بيان ڪيا ويا آهن.
آخر ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو ته: ”شيطان کي اسان قيامت تائين مهلت ڏيئي ڇڏي آهي. اُهو ڀٽڪائيندو ضرور، پر الله جا خاص ٻانها سندس فريب ۾ ڪونه ايندا.“
هن کان پوءِ سورة زمر شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن کي هدايت نٿو ڏئي، جيڪي ڪوڙا ۽ ڪافر آهن. الله سائين ڪنهن کي پنهنجو پٽ نٿو بڻائي. اُهو واحد ۽ غالب آهي. هُو ماڻهن جي ڪفر کان بي نياز آهي. ها اُن کي شڪرگذار ٻانها پسند آهن. هر ماڻهو پنهنجو حساب ڏيندو ۽ ڪنهن ٻئي جو بار نه کڻندو. سڀني کي الله ڏانهن موٽڻو آهي. قرآن نصيحت ۽ هدايت لاءِ نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ اهڙا مضمون بيان ڪيا ويا آهن، جن ۾ ذري جيتري به ڏنگائي ڪونهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو سڌي راهه تي اچن ۽ پنهنجي بري انجام کان بچن.“
شال الله سائين اسان کي قرآن پاڪ جي هن هدايت واري پيغام تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)



اول نالو الله جو،  جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
ويهين تراويح
اڄ جو بيان چوويهين سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشادِ رباني آهي ته: ”ظالم اُهي ماڻهو آهن، جيڪي حق ڳالهه کي ڪوڙو سمجهن ٿا ۽ اهڙن ماڻهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي ۽ حق جي تصديق ڪرڻ وارن جو انعام الله وٽ آهي. پنهنجي نيڪ ٻانهن لاءِ الله جي مدد ڪافي آهي.
الله تعاليٰ قرآن سڀني انسانن جي هدايت لاءِ نازل ڪيو آهي. جيڪو سڌي واٽ وٺندو، جيڪو پنهنجي فائدي لاءِ ڪندو، جيڪو ڀٽڪي ويندو. انهيءَ جي ڀٽڪڻ جو وبال هن پاڻ ئي هوندو. پيغمبر جي ان جي مٿي ڪابه ذميواري ناهي.
ڇا ماڻهو نٿا ڄاڻن ته رزق ۾ ڪشادگي سڀ الله جي طرفان آهي. منڪرين! هاڻ توبهه ڪريو ۽ الله تعاليٰ جا فرمانبردار ٻانها بڻجي وڃو. الله ته غفور رحيم آهي. ان جي رحمت کان مايوس نه ٿيو.“
هن کان پوءِ سورة مؤمن شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”قرآن جي آيتن تي ڪافر جهيڙو ڪن ٿا، مسلمانن کي انهن جي وقتي شان وشوڪت جي فريب ۾ نه اچڻ کپي. ڪافر آخرڪار اسان جي گرفت ۾ ايندا ۽ جهنم جو ٻارڻ ٿيندا. اي مسلمانؤ! توهان الله کي پڪاريو ۽ شرڪ کان بچندا رهو، کڻي توهان جا اهي عمل ڪافرن کي ڪيترا ئي بُرا ڇو نه لڳن. الله تعاليٰ پنهنجا پيغمبر ان ڪري موڪلي ٿو ته ماڻهو خبردار ٿين ۽ ڏاڍي (قيامت جي) ڏينهن کان ڊڄن ۽ جنهن ڏينهن تي ڪيل ڪمن کي کولي بيان ڪيو ويندو. اهو انصاف جو ڏينهن هوندو ۽ هر شخص کي پنهنجي ڪيئي (عمل) جو بدلو ملندو. ڪنهن سان ڪوبه ظلم ڪونه ٿيندو. اتي نافرمانن جو نه ڪو دوست هوندو، نه ڪو شفاعت ڪرڻ وارو. الله جو فيصلو بي لاگ هوندو.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اسان پنهنجن پيغمبرن کي به ۽ ان تي ايمان آڻڻ وارن کي هن دنيا ۾ بدلو ڏيون ٿا ۽ قيامت جي ڏينهن پڻ انهن جي مدد ڪنداسين. ان ڪري بهتر اهو ئي آهي. اي ماڻهؤ! الله جي پناهه گهرو. ياد رکو! انڌو ۽ ڏسڻ وارا برابر نٿا ٿي سگهن. اهڙي طرح ايماندار ۽ بدڪار به برابر نٿا ٿي سگهن. پر ماڻهو گهٽ ئي سمجهن ٿا. الله جون نشانيون هن ڪائنات ۾ هر طرف پکڙيل آهن. اي ماڻهؤ! آخر توهان ڪهڙين ڪهڙين نشانين کي ڪوڙو سمجهندا؟ ياد رکو! الله جو قانون آهي، ڪافر سدائين خساري ۾ رهندا.“
هن کان پوءِ سورة حم السجده شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”سمجهه وارن لاءِ قرآن مجيد سٺن اعمالن جي خوشخبري ۽ بري اعمال کان ڊيڄارڻ وارو ڪتاب آهي.
اي نبي ! ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ ته آءٌ توهان جهڙو ئي بشر آهيان، پر فرق هي آهي ته مون تي الله جي طرفان وحي نازل فرمائي وڃي ٿي، جنهن جي ذريعي آءٌ توهان کي هدايت ڪريان ٿو ته الله هڪ آهي، هن جو ڪو شريڪ نه بڻايو ۽ انهيءَ تي ايمان آڻيو. پنهنجن برن عمل جي توبهه ڪريو ۽ آخرت تي پورو يقين رکو، جتي حساب واري ڏينهن توهان جي جسم جا سڀ عضوا توهان جي سٺن ۽ خراب عملن جي گواهي ڏيندا.
اي مسلمانؤ! جيڪڏهن شيطان توهان کي برائي ڏانهن اُڪسائي ته توهين الله جي پناهه گهري وٺندا ڪريو. اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ ڄاڻندو آهي. عبادت جي لائق صرف هن جي ذات پاڪ آهي.
شال الله پاڪ پنهنجي موڪليل هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***
اول  نالو  الله  جو،   ڏيندڙ  ڏيهه  ساري
ڏيئي نه پچاري، ترس وند تمام گهڻو
ايڪيهين تراويح
اڄ جو بيان پنجويهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشادِ باري تعاليٰ آهي ته: ”قيامت ڪڏهن ايندي؟ ان جو علم صرف الله تعاليٰ کي آهي. انسان ڪيترو نه ناشڪرو آهي جو جڏهن الله پنهنجين نعمتن سان کيس نوازي ٿو ته اُهو غرور ڪري اڪڙجي هلڻ لڳي ٿو ۽ جڏهن مٿن ڪا مصيبت اچي ڪڙڪندي آهي ته ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرڻ لڳندا آهن. جيڪي ماڻهو قيامت برپا ٿيڻ ۾ شڪ ڪن ٿا، اهي حقيقي ۾ سمجهي وٺن ته الله هر شيءِ تي قادر آهي.“
هن کان پوءِ سورة شوريٰ شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”ان ۾ تعجب جي ڪا ڳالهه ڪانهي. اسين وحي جي ذريعي پيغمبرن کي پنهنجي ڪتاب جو علم عطا ڪريون ٿا. توهين شڪ ڪريو ٿا ۽ شڪ ۾ پيل آهيو ته اي مشرڪؤ! توهان جو گناهه ايتري قدر وڏو آهي، جو جيڪڏهن آسمان توهان تي ڦاٽي پوي، ته به پري ڪونهي. منڪرين خبردار رهن ته انهن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي، جتي انهن جو ڪو مددگار نه هوندو. اي نبي ! (مڪي جي قريشن کي) چؤ ته دين جي تبليغ جي ڪم ۾ توهان کان ڪا اجرت ڪونه ٿو گهران، البته مائٽي جو حق ضرور گهران ٿو (جيئن ستايو نه وڃان). ڀلائي ڪرڻ وارن لاءِ ڀلائيءَ جو اجر الله جي ذمي آهي.
جيڪو شخص صبر ڪري ۽ درگذر سان ڪم ڪري ته هيءَ وڏي حوصلي جي ڳالهه آهي. ڪنهن بشر جو اهو رتبو ڪونهي جو الله جي آمهون سامهون ڳالهائي. الله ته وحي جي ذريعي يا پردي جي اوٽ ۾ ڳالهائي ٿو.“
هن کان پوءِ سورة زخرف شروع ٿئي ٿي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”مشرڪ انهيءَ غلط فهميءَ ۾ پيل آهن ته انهن جي شرارتن جي ڪري وحي جو نزول رڪجي ويندو، پر الله تعاليٰ شرارت پسندن جي فتنن جي ڪري نه ڪڏهن پيغمبر موڪلڻ بند ڪيا آهن، نه ئي ڪڏهن وحي جو نزول روڪيو ويو آهي. پر اٽلندو فتنو پکيڙڻ وارن کي هلاڪ ڪيو ويو آهي. الله جو نه ڪو اولاد آهي، نه ئي هن ڪائنات ۾ جدا جدا رب آهن، نه ئي هن کان سواءِ ڪو هتي شفاعت ڪرڻ وارو آهي. جيڪو ڄاڻي ٻجهي گمراهين جي عذاب کان بچائي وٺي، الله تعاليٰ پاڪ آهي انهن سڀني جاهلن وارين نسبتن کان، جيڪي هي نادان ماڻهو انهيءَ جي طرف منسوب ڪن ٿا.“
هن کان پوءِ سورة دخان شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”قرآن مجيد کي اسان مبارڪ رات ۾ نازل ڪيو. هيءَ اهڙي رات آهي، جنهن ۾ هر حڪم جي ڳالهه، حڪمتاڻا فيصلا صادر ڪيا وڃن ٿا. قرآن ٻڌڻ ۽ سمجهڻ ۾ الله جي رحمت آهي، بشرط هي ته ماڻهو ان تي ڪامل يقين رکندا هجن. هر طرف الله جي بادشاهي آهي. زندگي ۽ موت الله جي طرفان آهي، پر ماڻهو شڪ ۾ پيل آهن. انهن ماڻهن کي پنهنجي بداعمالين جي ڪري هاڻي جڏهن ته عذاب نازل ٿيو ته هو دانهون ۽ ڪوڪون ڪن ٿا، پر جيڪڏهن عذاب ختم ڪيو وڃي ته اُهي ايمان نه آڻيندا.“
الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته: ”اُهي ماڻهو ضدي آهن، جڏهن عذاب ٽري وڃي ٿو ته ڪفر ڪرڻ لڳن ٿا. هي عذاب مان سبق وٺڻ وارا ڪونهن. فيصلي جي لاءِ قيامت جو ڏينهن مقرر آهي، جتي گناهگارن جي لاءِ ٿوهر جو وڻ عذاب هوندو ۽ ٽهڪندڙ پاڻي کين ملندو.“
ان کان پوءِ سورة جاثيھ شروع ٿئي ٿي. الله ڪائنات، عالم ۾ پنهنجي قدرت جي ڪيترين ئي نشانين جو ذڪر فرمايو آهي. انسانن ۽ جانورن جي تخليق، ڏينهن ۽ رات جو اڀرڻ ۽ لهڻ، زمين جي قوت، هوائن جي رخ جو تبديل ٿيڻ، دريائن تي قابو، انهن ۾ ٻيڙيون هلائڻ ۽ جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي، انهيءَ سڀ کي انسان جي ڪم تي مامور ڪرڻ الله جي قدرت جون پڌريون نشانيون آهن. شرط اهو آهي ته ماڻهو ان تي غور ڪن. سڀ تعريف الله جي آهي، جيڪو زمين ۽ آسمان جو مالڪ آهي ۽ اُهو غالب آهي ۽ اُهو ئي داناءُ آهي، پوري ڪائنات جي ڪبريائي انهيءَ جي لاءِ مخصوص آهي.“
شال الله پاڪ پنهنجي هن موڪليل ڪلام جي هدايت نصيب فرمائي. (آمين)



اول    نالو    الله    جو،     جو   ڏيهن   جو    ڏاتار
جو ڏيئي نه ڪري پچار، سٻاجهو سڀن پرين
ٻاويهين تراويح
اڄ جو بيان ڇويهين سيپاري جي باري ۾ آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اسان ڪائنات عالمَ کي هڪ مقرر وقت لاءِ تخليق ڪيو آهي. نظامِ ڪائنات اسان جو حڪيماڻو نظام آهي، پر ڪافر حق کي ڪوڙو سڏڻ کان باز نٿا اچن.“
ارشادِ رباني آهي ته: ”اسان انسانن کي والدين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. سندس ماءُ کيس حمل کان وٺي پيدائش تائين ۽ پيدائش کان وڏي ٿيڻ تائين ڪيترين تڪليفون سهي پالي ٿي، ايتري تائين جو هو وڃي جواني تي پهچي ٿو. جيڪڏهن هو سڌي راهه اختيار ڪري، الله جي نعمتن جو شڪرگذار ٿي ان جي فرمانبردارن ۾ شامل ٿئي ٿو ته الله سندس نيڪ اعمال قبول فرمائي سندس ڪمزورين کي معاف ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن نافرمان اولاد ماءُ پيءُ سان جهڙيندو آهي ته اهڙن ماڻهن تي عذاب جو فيصلو لاڳو ٿي ويندو آهي.“
هن کان پوءِ الله تعاليٰ جنن جو واقعو بيان فرمايو آهي، جڏهن انهن نبي جي زبان مبارڪ تان تلاوت ٻڌي پنهنجي قوم کي خوشخبري ٻڌائي.
هن کان پوءِ سورة محمد شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿئي ٿو: ”انهن ماڻهن جا اعمال برباد ٿي وڃن ٿا. جيڪي پاڻ به ڪفر ۾ پيل آهن ۽ ٻين کي به الله جي راهه کان روڪين ٿا، جڏهن ته ايمان آڻڻ وارن ۽ دين جي هدايت تي عمل ڪرڻ وارن جي حالت الله سڌاريندو آهي.“
پوءِ جهاد جي باري ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته: ”ڪافرن سان مقابلو ٿي وڃي ته انهيءَ وقت تائين کين قتل ڪيو وڃي، جيسين تائين اُهي هٿيار ڦٽا نه ڪن. حقيقت اها آهي ته جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ ۽ هدايت حاصل ڪرڻ کان پوءِ جهاد کان پري ڀڄن ٿا، اُهي شيطان جا ڀٽڪايل آهن، ڇوته شيطان ماڻهن جي بُرن عملن کي ڏاڍو خوش نما ڪري ڏيکاريندو آهي ۽ انهن کي ڊگهي عمر جو دوکو ڏيندو آهي. آخرڪار سندن عمل ناس ڪيا وڃن ٿا.“ ارشاد ٿيو آهي ته: ”قرآن جي آيتن تي غور ڪريو، توهان جي دل ودماغ روشن ٿي ويندا.“
هن کان پوءِ سورة فتح شروع ٿئي ٿي. هن سورة ۾ الله تعاليٰ صلح حديبيھ جي مسلمانن لاءِ هڪ وڏي فتح جو ارشاد فرمايو آهي. :”جن ماڻهن نبي جي هٿ تي بيعت ڪئي، دراصل الله جي بيعت آهي. البته وعدو ٽوڙڻ وارا ۽ جهاد کان منهن موڙڻ وارا عذاب جا حقدار آهن. ها! معذورن کي معافي آهي. محمد الله جا رسول آهن ۽ ان جا ساٿي پاڻ ۾ نهايت رحم دل ۽ ڪافرن جي باري ۾ نهايت سخت آهن.“
هن کان پوءِ سورة حجرن شروع ٿئي ٿي. هيءَ سورة مبارڪ اخلاق جي باري ۾ آحي. مسلمانن کي مجلس جا آداب و خوش گفتاري جي تهذيب سکاري وئي آهي. خاص طور تي هدايت فرمائي وئي آهي ته نبي جي مجلس ۽ نبي جي حجرات جي آداب جو پورو پورو لحاظ رکيو وڃي، نه ته نيڪ اعمالن جي ضائع ٿيڻ جو پڻ خطرو آهي. اهڙي طرح مؤمنن کي هڪٻئي جي معاملن ۾ به تهذيب، اخلاق، نيڪ دلي، خير انديشي ۽ خوش گوئي سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. غيبت (گلا) کي مردار کائڻ سان تشبيهه ڏني وئي آهي. پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ ڪوٺيو ويو آهي
هن کان پوءِ سورة ق شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”اسان توهان جي شهه رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون ۽ اسان توهان جا عمل نامه لکڻ لاءِ ٻه فرشتا مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ عمل نامه حساب واري ڏينهن پيش ٿيندا.“
هن کان پوءِ سورة الذاريات شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”قيامت ضرور برپا ٿيندي ۽ ڪافرن کي پنهنجي ڪئي جي سزا ملندي. پرهيزگار ماڻهو جنت جي نعمتن مان لطف اندوز ٿيندا. اهلِ ايمان رات جو ٿورو حصو سمهن ٿا ۽ اوقاتِ سحر ۾ الله جي بخشش طلب ڪن ٿا ۽ پنهنجي مال مان گهرڻ وارن ۽ نه گهرڻ وارن ٻنهي جي مدد ڪن ٿا.“ هن کان پوءِ پيغمبرن جا واقعا مختصر طرح بيان فرمايا ويا آهن.“
الله پاڪ اسان کي قرآن حڪيم جي هن سربستي احوال ٻڌڻ کان پوءِ عمل جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)



اول نالو الله جو،  جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
ٽيويهين تراويح
هي بيان ستاويهين سيپاري جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشادِ رباني آهي ته: ”اسان جنن ۽ انسانن کي ان لاءِ پيدا ڪيو آهي ته اسان جي بندگي ڪن. اسين سڀني کي رزق ڏيڻ وارا آهيون ۽ ڪنهن کان به رزق جا طالب ناهيون.“
هن کان پوءِ سورة طور شروع ٿئي ٿي. منڪرين کي قيامت جي باري ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته اُهو اهڙو سخت وقت هوندو جو زمين ۽ آسمان ڏڪي رهيا هوندا، جبل اُنَ جيئان اڏامي رهيا هوندا، ڪافرن کي دوزخ جي طرف ڌڪيو ويندو. اُهو ڏينهن نه مڃيندڙن لاءِ سخت عذاب جو ڏينهن هوندو. نادان (بي سمجهه) نصيحت ڪرڻ وارن ۽ پيغام پهچائڻ وارن پيغمبرن کي ڏک رسائين ٿا ۽ انهن جي باري ۾ بي بنياد ڳالهيون ڪن ٿا. دراصل منڪرين فطرتًا آهن ئي شرير. اي نبي ! اوهان صبر ڪريو، اسين اوهان سان گڏ آهيون.
هن کان پوءِ سورة نجم شروع ٿئي ٿي. الله تعاليٰ نبي جي معراج جو واقعو بيان فرمائي ٿو ته پوري سفر ۾ اوهين نه ڪٿي ڀليا ۽ نه ڀٽڪيا. اوهين تجلين جي ايتري ويجهو رهيا، جو صرف ٻه گز فاصلو رهيل هو. بلڪه ان کان به گهٽ. جڏهن الله پنهنجي بندي کي وحي پهچايو جيڪي وحي پهچائڻو هو. الله تعاليٰ ڪامل قدرت جي نشانين جو اهڙي ريت مشاهدو ڪرايو ڪيو جو پاڻ سڳورن جي اک هيڏانهن نه وري، نه ڀٽڪي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اي ماڻهؤ! توهان معراج جي سفر جي صداقت تي پنهنجي پيغمبر سان وڙهو ٿا. ياد رکو ته اوهان جو پيغمبر اُهي ئي ڳالهيون پهچائي ٿو، جيڪي اسين کيس وحي ۾ فرمايون ٿا. هو پنهنجي نفس جي خواهش مطابق پنهنجي منهن مان ڪا ڳالهه نٿا ڪڍن. دل جون ڳالهيون گهڙڻ ڪافرن جي عادت آهي. اسان جو پيغمبر وهم ۽ گمان تي نٿو هلي.“
هن کان پوءِ سورة قمر ۾  شق قمر(چنڊ جي چيرجڻ) جو ذڪر فرمايو ويو آهي ۽ هن واقعي کي ڪافرن جي شڪست جي نشاني ٻڌائي وئي آهي. اُهي نبي کي جادوگر سمجهن ٿا ۽ اُهي پنهنجي روش کي مٽائڻ وارا ڪونهن. سگهوئي اُهي هار کائي پُٺي ڏئي ڀڄي ويندا.
ان کان پوءِ سورة رحمان شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو ته: ”اي انسان! مون توکي پيدا ڪيو ۽ توکي ڳالهائڻ سيکاريو ۽ سج ۽ چنڊ کي تنهنجي فائدي لاءِ بڻايو. ايتري وسيع دنيا تنهنجي جدوجهد جي لاءِ خلقي سين. ڇا خشڪي، ڇا پاڻي سڀ تنهنجا تابعدار ڪياسين. هر قسم جي نعمت تنهنجي لاءِ مهيا ڪئي سين. ته اي انسان! ڇا تنهنجو هي طريقو نه رهيو آهي جو تون پنهنجي رب جي نعمتن کان انڪار ڪرين ٿو ۽ ناشڪري ڪري، پنهنجي رب جي احسانن کي وساري ويٺين؟ پڪ سان اهڙن ماڻهن جي لاءِ جهنم جي باهه ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻي آهي.“
هن سورة ۾ الله تعاليٰ پنهنجون نعمتون جيڪي ٻانهن کي ڏنيون آهن، اُهي ڳڻائي فرمائي ٿو ته توهان رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار يا ناشڪري ڪندا؟
هن کان پوءِ سورة واقعھ شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو ته: ”قيامت برپا ٿيڻ ۾ ڪو شڪ ڪونهي. انهيءَ ڏينهن سندن نيڪن جا اعمال نامه انهن جي ساڄي هٿ ۾ ڏنا ويندا. برن ماڻهن جا عمل ناما سندن کٻي هٿ ۾ ڏنا ويندا. بد اعمالن جي عذاب لاءِ ٿوهر جو زهريلو وڻ ۽ ٽهڪندڙ گرم پاڻي هوندو. ڪوڙو سمجهڻ وارا خيال رکن ته قرآن مجيد الله جي وڏي نعمت آهي ۽ اُن جو رتبو بلند وبالا آهي. اُهو لوح محفوظ ۾ درج آهي.“
هن کان پوءِ سورة حديد شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”ڪائنات عالم ۾ جيتري به مخلوق آهي، اُها الله تعاليٰ جي تسبيح بيان ڪري ٿي. الله تعاليٰ غالب ۽ دانا آهي. اي مسلمانؤ! خرچ ڪرڻ ۾ بخل نه ڪريو، الله جي راهه ۾ ڏيڻ گويا الله کي قرض ڏيڻ آهي، جيڪو توهان کي ڏهه دفعا وڌيڪ ڏيئي واپس ٿو ڪري. نيڪ ماڻهو نه نقصان ۾ هاءِ گهوڙا ڪن ٿا ۽ نه ئي فائدي جي حالت ۾ آڪڙ ۽ وڏائي ڪن ٿا. انهن ئي ماڻهن ۾ پنهنجي اعتبار جي حساب سان صديق ۽ شهيد به ٿيندا آهن. اهلِ ڪتاب چٽيءَ ريت سمجهي وٺن ته فضل وڪرم صرف الله جي اختيار ۾ آهي. هُو جنهن کي جيترو گهري، عطا فرمائي ڇڏي.“
شال الله پاڪ قرآن پاڪ جي هن هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
***
اول    نالو    الله    جو،     مٺو     موچارو
سخي سونهارو، ترس وند تمام گهڻو
چوويهين تراويح
اڄ جو هي بيان اٺاويهين سيپاري جي تلاوت تي ٻڌل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”زالن کي ماءُ چئي سڏڻ ڏاڍي اڻ وڻندڙ ڳالهه آهي. جيستائين هن جو مقرر ڪيل ڪفارو نه ادا ڪيو وڃي، زال مڙس تي حرام آهي. ان جو ڪفارو هڪ ٻانهي يا ٻانهو آزاد ڪرڻ يا ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکڻ يا سٺ مسڪينن کي کاڌو کارائڻ آهي.“ هن کان پوءِ مجلس جي آداب جي تعليم ڏنل آهي ته: ”پنهنجي سرگروشين ۾ پيغمبرن جي مخالفت، گناهه ۽ ڏاڍائي جون ڳالهيون نه ڪريو. ڪنن ۾ ڦُسُ ڦُس ڪرڻ شيطاني فعل آهي. محفل جي شروع ۽ ختم ٿيڻ جي ادب جو لحاظ رکيو وڃي.“
هن کان پوءِ سورة حشر شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته:  ”سچا ۽ ايماندار ماڻهو اُهي آهن، جيڪي پنهنجي پيغمبر ۽ الله جي راهه ۾ هجرت ڪرڻ وارن جي مدد ڪن ٿا، جڏهن ته پاڻ به حاجتمند هوندا آحن ۽ انهيءَ جي دستگيري تي پنهنجي دل سوڙهي نٿا ڪن ۽ ان جي برخلاف منافق ماڻهو شيطان جهڙي فطرت جو مظاهرو ڪن ٿا. پهرئين برن عملن تي اڀارين ٿا ۽ پوءِ اُهو چئي جدا ٿي وڃن ٿا ته: اي گمراهؤ! هاڻي توهان جو اسان سان ڪو به واسطو ڪونهي. توهين ڄاڻو ۽ توهان جا اعمال. اي انسانؤ! قرآن کان نصيحت حاصل ڪريو، جيڪڏهن هي صحيفو ڪنهن جبل تي نازل ٿئي ها ته هو به الله جي خوف کان ذرو ذرو ٿي وڃي ها.“
هن کان پوءِ سورة ممتحنه شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: هاڻي ڳجهن واسطن ۽ لاڳاپن ذريعي رابطو نه رکو. اُهي دين جا دشمن آهن، ڪڏهن به توهان جا دوست نٿا ٿي سگهن. ڪافرن تي اعتبار ڪرڻ غلط آهي، ڇوته اُهي توهان جي ٻيهر ڪافر بڻجڻ ۾ دلچي رکن ٿا. پاڪ صاف مؤمن عورتون جيڪر هجرت ڪري اچن ته آزمائش کان پوءِ انهن کي پنهنجي معاشري ۾ داخل ڪري ڇڏيو، نه ته اهي ڪافرن کي واپس موٽائي ڏيو.“
هن کان پوءِ سورة صف شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”مؤمنؤ! توهين اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا چئو، جيڪي ڪيون ناهن. الله اهڙين ڳالهين تي سخت ناراض ٿئي ٿو. توهين اهڙي ڳالهه چئو ٿا، جيڪا ڪريو نٿا. الله جا محبوب بندا اُهي آهن، جيڪي سيهي جي ديوار جيئان ڄمي جهاد تي ثابت قدم رهن ٿا.“ پوءِ ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪا عيسيٰ ؒ، نبي جي ظهور قدسي ۽ سندن اسم مبارڪ ”احمد“ جي باري ۾ ڏنل آهي. الله تعاليٰ مؤمنن کي يقين ڏياري ٿو ته ڪافر الله جي ڏيئي جي روشني ڦوڪ ڏيئي اجهائي نٿا سگهن. مؤمنؤ! سگهوئي توهان کي فتح نصيب ٿيندي.
هن کان پوءِ سورة جمعھ شروع ٿئي ٿي. ارشاد رباني آهي ته: ”اي مؤمنؤ! جمعھ جي ٻانگ ٻڌڻ کان پوءِ نماز ۾ مشغول ٿي وڃو، پوءِ زمين ۾ پکڙجي وڃو. الله بهترين رزق ڏيڻ وارو آهي.“
هن کان پوءِ سورة منافقون شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”اي نبي ! منافقن کان هوشيار رهجانءِ. انهن جي ظاهر ۽ باطن ۾ فرق آهي ۽ هي ڪوڙا قسم کڻِ پنهنجي ايمان جو يقين ڏيارين ٿا، ڇاڪاڻ ته اُهي ايمان کان خالي آهن.“
هن کان پوءِ سورة تغابن شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”الله تعاليٰ توهان سڀني کي پيدا فرمايو، پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي، ڪو مؤمن. توهان جي اولاد ۾ به توهان جا دشمن آهن، تنهن ڪري انهن کان بچندا رهو. ها، پر اُهي سڌي راهه تي اچي وڃن ته کين معاف ڪري ڇڏيو. بيشڪ توهان جو مال ۽ اولاد آزمائش آهن.“
ان کان پوءِ سورة طلاق شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته: ”جيڪڏهن عورتن کي طلاق ڏيڻي آهي ته پاڪ ٿيڻ جي حالت ۾ انهن کي طلاق ڏيو ۽ عدت جي ڏينهن جو حساب رکو. عدت جي اندر انهن جو ٻاهر نڪرڻ بي حيائي آهي. عدت جي مدت ٽي مهينا آهن ۽ حامله عورتن جي عدت حمل ٿيڻ (ٻار ڄمڻ) تائين آهي. جيڪڏهن اها عورت حامله هجي ته کيس ٻار ڄمڻ تائين جو خرچ ڀري ڏيڻو پوندو.“
پوءِ سورة تحريم شروع ٿئي ٿي. ارشاد ٿيو آهي ته:  ”اي نبي ! پنهنجين زالن جي خاطر الله جي نعمتن کي نه ٽاريو ۽ اهڙو وعدو ڪرڻ قسم جي برابر هوندو، جنهن جو ڪفارو ادا ڪرڻو پوندو.“ اهڙي طرح پيغمبر جي زالن کي هدايت فرمائي وئي ته: ”جيڪڏهن پيغمبر کي ڪو تڪليف رسائڻ جي ڪوشش ڪري ته پيغمبر جي مدد لاءِ الله ۽ جبرائيل ۽ نيڪ ڪردار مسلمان ۽ فرشتا موجود آهن.“
شال الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق ڏي. (آمين)

***
اول  نالو  الله  جو،   جو  ڏيهن جو ڏاتار
ڏيئي نه پچاري پار، سٻاجهو سڀن کي
پنجويهين تراويح

هي بيان اوڻيهين سيپاري جي باري ۾ آهي. سورة الملڪ ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”اسان بيشمار نعمتون انسان کي عطا ڪيون آهن. جيڪر اسين واپس وٺون ته ڪير آهي اُهو جيڪو هي نعمتون ٻيهر آڻي ڏيندو. ان لاءِ انسانو! رب العالمين تي ڀروسو ڪريو.“
پوءِ سورة قلم ۾ فرمايو ويو ته: ”اي نبي ! اوهان تي الله جو گهڻو فضل وڪرم آهي جو هُن اوهان کي اخلاق جي اعليٰ درجي تي فائز ڪيو آهي. اوهان پنهنجي رب جي حڪم ۾ انتظار ۾ صبر ڪريو ۽ يونس ؑ وانگر (قوم جي انڪار تي بي صبرا) نه ٿيو.“
پوءِ سورة الحاقھ ۾ ارشاد ٿئي ٿو: ”قرآن ڪريم برحق ۽ ڪامل يقين ڪتاب آهي. هي ڪتاب نه ڪنهن شاعر جو ڪلام، نه ئي ڪنهن جي پاڻ مرادي تصنيف آهي، پر گهٽ ئي ماڻهو ايمان آڻين ٿا.“
پوءِ سورة معارف ۾ ارشاد فرمايو ويو ته: ”انسان نهايت ئي گهٽ همت پيدا ٿيو آهي. تڪليف ۾ بي چين ٿيو وڃي ۽ آسائش ۾ بخيل. جيڪي ماڻهو مال کي سانڍي سانڍي ڍير ڪري رکن ٿا ۽ اُهي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن، اُهي آخرت جي عذاب کان بي پرواهه نه رهن، جڏهن ته الله جي عذاب جي باهه سندن کل ساڙي ڇڏيندي.“
ان کان پوءِ سورة نوح ۾ ارشاد ٿيو آهي ته: ”نوح ؑ پنهنجي قوم کي هدايت ڪئي، پر بد اعمال ماڻهن نه نصيحت حاصل ڪئي، نه ئي نوح ؑ کي ڪوڙو چوڻ کان رُڪيا. آخرڪار انهن پنهنجي قوم جي حق ۾ بد دعا ڪئي ۽ ماڻهو هڪ سخت طوفان جي وڪڙ ۾ اچي ويا. ايمان وارن کان سواءِ پوري قوم غرق ٿي ويئي.“
پوءِ سورة جن شروع ٿئي ٿي، جنهن ۾ جنن جي هڪ جماعت جو ذڪر فرمايو ويو آهي، جن قرآن مجيد ٻڌي چيو: ”قرآن ته ڀلائيءَ جو رستو ٿو ڏيکاري.“ جنات قرآن تي ايمان آڻي رب العالمين جي توحيد جو اقرار ڪيو. ارشادِ رباني آهي ته: ”غيب جو علم ته صرف الله کي آهي. ها، هو جنهن پيغمبر کي چاهي ٿو ته ان تي غيب جون ڳالهيون وحي جي ذريعي نازل ڪري ٿو.“
پوءِ سورة مزمل ۾ نبي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته: ”چادر ويڙهيندڙ! اڌ رات گهٽ وڌ عبادت ڪندا ڪريو ۽ تلاوت ترسي ترسي ڪندا ڪريو. رات جي عبادت تزڪيه نفس جو وڏو ذريعو آهي ۽ هيءَ عبادت مقبول بارگاهه ٿئي ٿي. نماز، زڪوات ۽ خيرات جاري رکو. جيڪو نيڪ عمل اڳتي موڪليو ويندو، اُهو آخرت ۾ ڪم ايندو.“
پوءِ سورة مدثر ۾ نبي کي چادر ويڙهڻ وارو چئي خطاب فرمايو ويو ته: ”اُٿي ۽ تبليغ جو ڪم شروع  ڪر ۽ پنهنجي رب جي بزرگي ۽ ڪبريائي بيان ڪر. پنهنجن ڪپڙن کي پاڪ رک ۽ ناپاڪي کان بچ. احسان ڪري انهيءَ جي بدلي جي خواهش نه ڪر ۽ صبر کان ڪم وٺ. قرآن بيشڪ نصيحت جو ڪتاب آهي. صرف اُهي ئي ماڻهو ان مان هدايت حاصل ڪن ٿا، جن کي الله هدايت جي توفيق عطا فرمائي ٿو.“
هن کان پوءِ سورة قيامة ۾ ارشاد ٿيو ته: ”اي نبي ! جڏهن اوهان تي وحي جو نزول ٿئي ٿو ته اوهين ان کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ورجائڻ ۾ مشغول نه ٿي وڃو، پور غور سام ٻڌندا ڪريو. قرآن اوهان جي حافظي ۾ محفوظ رکڻ اسان جي ذميداري آهي.“
پوءِ سورة الدهر ۾ ارشاد ٿيو ته: ”اسان انسان تخليق ڪري کيس سٺي ۽ خراب جي تعمير ڏني. هاڻي هو چاهي شڪرگذار بندو ٿئي، چاهي ناشڪرو رهي. ڪافرن لاءِ جهنم جو عذاب ۽ نيڪوڪارن لاءِ بهشت جو ابدي عيش آهي. نيڪ ماڻهو باوجود پاڻ حاجتمند ٿيڻ جي، فقيرن، يتيمن ۽ قيدين کي کاڌو کارائين ٿا. اهو سڀ ڪجهه هي الله کي راضي رکڻ لاءِ ڪن ٿا ۽ ڪنهن جي بدلي ۽ شڪرگذاري لاءِ نٿا ڪن.“
ان کان پوءِ سورة مرسلات ۾ ارشاد ٿيو ته: قيامت برپا ٿي رهندي. اُهو فيصلي جو ڏينهن هوندو. ڪوڙو سمجهڻ وارا چپ به نه چوري سگهندا. بس جيڪو چاهي الله جو فرمانبردار بندو (ٻانهو) ٿئي ۽ جيڪو بدبختي ۾ پيل آهي، اُھو نافرماني ۾ ڦاٿل رهي. هر شخص کي پنهنجي اعمال جو صلو ملندو.“
الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.

***
اول  نالو  الله  جو،   ڏيندڙ  ڏيهه  ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
ڇويهين تراويح
اڄ جو هي بيان ٽيهين سيپاري جي اڌ تائين جي تلاوت تي ٻڌل آهي. هن اڌ سيپاري ۾ يارهن سورتون آهن، جيڪي سورة نباء کان شروع ٿي سورة غاشيھ تي ختم ٿين ٿيون. ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”منڪرن ۽ ڪوڙن چوڻ وارن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار آهي. صور ڦوڪيو ويندو ته آسمان ۾ ٻه رستي ٺهي پوندا، جنهن مان ماڻهن جا ميڙ گذري حشر جي ميدان ۾ جمع ٿيندا. اعمال نامه پيش ٿيندا ۽ سزا وجزا جو فيصلو ٿيندو.
قيامت جي ڏينهن جي ڊگهائي کي ڏسي ماڻهو دنيا جي زندگي کي صرف هڪ پهر جي مدت جو خيال ڪندا. قيامت جي ڏينهن جون دهشتون ماڻهن جي دلين کي ڏڪائي وجهنديون. ان ڏينهن انسان پنهنجي ڪمن کي ياد ڪري پڇتائيندو، ڇوته دوزخ ڏسڻ وارن کي سامهون ڪري ڏيکاريو ويندو. اي نبي ! مالدار ۽ صاحبِ اقتدار ماڻهو بي پرواهه هجن ٿا. انهيءَ لاءِ انهن ۾ نصيحت قبول ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ هوندي آهي. اهڙن ماڻهن جي مقابلي ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهو جلدي نصيحت حاصل ڪري وٺن ٿا. ان ڪري اي نبي ! توهان ڊڄڻ وارن جي طرف وڌيڪ توجه ڏيو ته اُهي پاڪيزگي حاصل ڪري وٺن. جنهن ڏينهن قيامت جو گوڙ ٿيندو، انهيءَ ڏينهن ماءُ، پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، زالون ۽ ٻار ڪوبه ڪنهن جي ڪم ڪونه ايندو. هرڪو پنهنجي فڪر ۾ لڳل هوندو. نيڪوڪار خوش ۽ بدڪارن جا منهن ڪارا ٿي رهيا هوندا.“
ارشاد باري تعاليٰ آهي ته: ”قرآن، فرشته عالي مقام جي زبان جو ڪلام آهي، هي شيطان مردود جو ڪلام ڪونهي. اي انسانو! توهان ڪيڏانهن ڀٽڪي رهيا آهيو؟ توهان کي سڌي واٽ اختيار ڪرڻ گهرجي، نه ته قيامت جي دهشت کان توهين نجات نٿا حاصل ڪري سگهو. توهان کي ڇا خبر ته قيامت جي دهشت ڇا آهي؟ ٻڌو! اُن ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو، قبرون اکيڙيون وينديون، تارا ڇڻي پوندا ۽ سمنڊ سڀ هڪ ٿي ويندا. هر ماڻهو جا ڪرتوت سامهون ايندا. جزا وارو ڏينهن ڏاڍو سخت هوندو. ان ڏينهن ڪوبه ماڻهو ڪنهن جو ڀلو نه ڪري سگهندو.“ ارشاد ٿيو ته: ماپ تور ۾ گهٽ وڌ ڪرڻ وارن لاءِ سخت عذاب آهي.
اي انسانو! ان ڏينهن کان ڊڄو. قيامت جي ڏينهن سڀ اٿاريا ويندا ۽ توهان جي اعمال جو لکيل دفتر توهان جي سامهون هوندو ۽ بد اعمالين جي نتيجي ۾ اوهين دوزخ ۾ داخل ڪيا ويندؤ ۽ انهيءَ ڏينهن مؤمن، ڪافرن تان کلندا.“ ارشاد ٿيو ته: ”قيامت جي ڏينهن آسمان ڦاٽي پوندو ۽ زمين برپٽ ميدان وانگر ٿي ويندي ۽ مُردن کي زمين کان ٻاهر ڪڍيو ويندو. هر طرف حڪم جي پاسداري ٿي رهي هوندي. نيڪ ماڻهن جو حساب ڪتاب آسانيءَ سان ٿي ويندو، جڏهن ته بدڪار دوزخ ۾ داخل ٿيندا. اُهي دنيا جي زندگيءَ کي سمجهندا هئا ته رب العالمين ڏانهن واپس ناهي ورڻو.“ ارشاد ٿيو: ”جن ماڻهن مؤمن مردن ۽ عورتن تي ظلم ڪيو ۽ توبهه به نه ڪئي، اُهي دوزخ جي عذاب جو مزا چکندا.
قرآن کي نه مڃيندڙؤ! قرآن هڪ عظيم الشان ڪتاب آهي ۽ اُهو لوح محفوظ تي لکيل آهي. هي قرآن حق ۽ باطل کي جدا ڪرڻ وارو آهي. اي باطل برستؤ! توهان کي ٿورڙي مهلت آهي، تمام ٿوري.“
ارشاد ٿيو ته: ”اي نبي ! پنهنجي رب جليل جي تسبيح بيان ڪريو ۽ يقين رکو، اسين توهان کي اهڙي ريت قرآن پڙهائينداسين جو توهان هرگز ڀلي نه سگهندا. توهان دين جي تبليغ ۾ لڳل رهو، اسان توهان لاءِ آسانيون پيدا ڪري ڇڏينداسين. اسان جي ڪبريائي جي منڪرن کي چؤ ته اسان جي تخليق جي طرف ڇو نٿا ڏسو؟ اسان ڪيڏو نه عجيب جانور اُٺ پيدا ڪيو، آسمانن کي ڪيڏو بلند ٺاهيو، جبل کي ڪيئن بيهاريو ۽ زمين کي هڪ فرش وانگر وڇايوسين. اوهان نصيحت ڪندا رهو، اوهان جي ذميداري آهي. حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي.
شال الله پاڪ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)



اول نالو الله جو،  جو ڏيندڙ ڏيهه ساري
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
ستاويهين تراويح
اڄ جي تراويح جو بيان 26 سورتن جي تلاوت تي مشتمل آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي: ”انسانو! توهان مال ۽ دولت جي لالچ ۾ اهڙي طرح مبتلا آهيو جو ميراث جو مال تائين هضم ڪري وڃون ٿا. نه توهين يتيمن جي مدد ڪريو ٿا، نه ئي مسڪينن جي. بيشڪ توهان جو پروردگار توهان جي تاڙ ۾ آهي. اسان انسان کي جسماني صحت سان گڏ اهڙي صحيح سمجهه به عطا فرمائي آهي جو هو بدي کان بچي سگهي ٿو ۽ پرهيزگاري اختيار ڪري سگهي ٿو. ته جنهن ضمير کي پاڪ رکيو، انهيءَ فلاح ماڻي ۽ جنهن نفس جي پيروي ڪئي، اُهو خساري ۾ رهيو.“
ارشاد ٿيو ته: ”خيرات ۽ صدقا الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ ڏيڻ گهرجن پر نه احسان ڪرڻ ۽ صلو وٺڻ لاءِ. بي لوث دستگيري جي توفيق الله تعاليٰ ڏئي ٿو ۽ بخيل و بي پرواهه ماڻهن لاءِ آخرت جو عذاب آهي. اي نبي ! اسين سگهوئي اوهان تي اهڙي نعمت ڪنداسين جو اوهين خوش ٿي ويندا. جيڪڏهن نعمت جي عطا ۾ دير آهي ته ان ۾ اوهين اُنهيءَ غلط فهميءَ ۾ نه پئو، اسان توهان کي وساري ڇڏيو آهي ڇا؟ اسان ڪمزوريءَ جي حالت ۾ اوهان جي دستگيري ڪونه ڪئي آهي ڇا؟ اسان اوهان کي روشن ضميري نه عطا ڪئي؟ اوهان جي پريشانين کي پري ڪيوسين ۽ اوهان جو ذڪر بلند ڪيوسين. مشڪلن سان گڏ آسانيون به ٿين ٿيون. اوهين فڪر نه ڪريو ۽ پنهنجي رب جي طرف متوجهه رهو.“
هن کان پوءِ ارشاد ٿئي ٿو ته: ”اسان انسان کي بهتر شڪل ۾ پيدا ڪيو. بد اعمالن جي ڪري هو آهستي آهستي ڪرندو ويو، پستي جي حالت ڏانهن هليو ويو. پر نيڪ ماڻهن لاءِ الله وٽ وڏو اجر آهي.“
ان کان پوءِ سورة العلق جي پهرئين کان پنجين آيت  غارِ حرا ۾ نبي تي نازل ٿيڻ وري پهرئين وحي جي ذڪر تي ٻڌل آهي. ارشاد ٿيو ته: ”اي محمد ! اوهان پنهنجي رب جو نالو وٺي پڙهو، جنهن ڪائنات کي پيدا ڪيو، علم عطا ڪري انسان کي ڳالهيون سيکاريون، جيڪي هو ڪونه ڄاڻندو هو. پر دولت جو نشو هن کي انڌي گهوڙي تي سوار ڪري سرڪش بڻائي وجهي ٿو. جيڪڏهن هي نه مُڙيو ته اسين ان کي وارن مان جهلي ڇڪينداسين.“
ارشاد ٿيو ته: ”اسان قرآن مجيد کي شب قدر ۾ نازل ڪرڻ شروع ڪيوسين. هيءَ اهڙي برڪت واري رات آهي، جيڪا هزار مهينن کان بهتر آهي. هن رات ۾ فرشتا الله جو حڪم کڻي لهن ٿا ۽ انهن جون برڪتون صبح ٿيڻ تائين جاري رهن ٿيون.“
ارشاد ٿيو: جيڪي ماڻهو حاضر آهن يعني اهل ڪتاب ۽ مشرڪ، اُهي سڀني کان بدتر مخلوق آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪندا رهيا، اُهي خلقت کان بهتر آهن ۽ اُهي هميشه جنت ۾ رهندا. اها بهترين خلق آهي، جن سان الله راضي ۽ هو الله سان راضي آهن.
حساب واري ڏينهن اسين اهڙي نموني انصاف ڪنداسين جو نه ڪنهن جي ذري برابر نيڪي ضائع ٿيندي، نه ڪنهن جي ذره برابر بُرائي لڪندي. دراصل انسان ناشڪرو به آهي ۽ پنهنجين ڪمزورين کان واقف به، پر مال جي محبت ان کي بي پرواهه بڻائي ڇڏي ٿي. ماڻهؤ! قيامت جي دهشت کان ڊڄو. توهين اندازو نٿا ڪري سگهو ته دوزخ جي شعلا ڪڍندڙ باهه جو عذاب ڪهڙو هوندو؟ دولت جي خوشي اوهان کي الله کان پري ڪري ڇڏيو آهي. قيامت جي ڏينهن توهان کان تمام نعمتن جي پڇا ڳاڇا ٿيندي ۽ اوهين ضرور دوزخ کي ڏسندا سواءِ نيڪ ماڻهن جي، انسان عام طور تي خساري ۾ رهي ٿو. ارشاد ٿيو آهي ته: چغل خور ۽ بخيل کي ضرور ڀڙڪندڙ باهه ۾ اڇلايو ويندو. ڇا توهان ڏٺو ڪونه ڪافر بادشاهه ابرهه خانه ڪعبه تي هاٿين سان حملو ڪيو ته الله پنهنجي پکين جي وسيلي پٿريون وسائي انهيءَ تمام لشڪر کي تباهه وبرباد ڪري ڇڏيو. اي اهلِ قريش! هاڻي جڏهن اسان توهان جي تجارتي رستي تي امن قائم ڪري ڇڏيو ته توهان کي شڪرگذار بڻجي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي.
ارشاد ٿيو: يتيمن ۽ مسڪينن کي نندڻ وارا رياڪار، بدبخت آهن. اُهي نماز جي غرض ۽ غايت کان خالي رهن ٿا.
اي محمد ! توهان دشمنن جي طعنن (مهڻن) جو اثر نه وٺو. دشمن جو اولاد ئي گمنام ٿي ويندو. اوهان نماز قائم ڪريو ۽ قرباني ڏيو. حوضِ ڪوثر اسان جو اوهان لاءِ عطيو آهي.
ان کان پوءِ سورة ڪافرون ۾ الله ڪافرن ۽ مؤمنن جون واٽون الڳ الڳ ٿو ڪري ڇڏي، جيئن هڪ ٻئي کان ڇٽل ۽ جدا رهن.
سورة نصر ۾ (مڪي جي فتح کان پوءِ) دين اسلام جو ذڪر فرمائي حمد رب جليل جي هدايت فرمائي. سورة لهب ۾ ابو لهب ۽ سندس زال تي الله تعاليٰ لعنت ڪئي. انهن ٻنهي نبيکي گهڻو ستايو هو. ٻئي جهنم ۾ ويندا. ان کان پوءِ سورة اخلاص ۾ ارشاد ٿيو ته اعلان ڪري ڇڏيو ته بس الله يڪتا آهي، اُهو بي نياز آهي. نه هن جو ڪو اولاد آهي، نه هو ڪنهن جو اولاد آهي ۽ نه ئي سندس ڪو همسر آهي.
پوءِ سورة فلق ۽ سورة الناس ۾ حاسدن جي حسد ۽ شرپسندن جي شر، جادو ۽ شيطاني وسوسن کان بچڻ لاءِ الله دعا سيکاري آهي ته توهان الله جي پناهه گهرندا ڪريو، جيئن محفوظ ۽ مامون رهو.
شال الله پاڪ ڪلام پاڪ جي هن سربستي احوال کي سمجهڻ ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)