Saturday 10 March 2012

شاعري

شاعري
                                    محمد يوسف دل

تو ڏٺا ئي ڪٿي آهن

ڏکن جون راهون ، بکن جا ويلا،
تو ڏٺا ئي ڪٿي آهن.
           ******
سورن جون سختيون،پيرن اگهاڙن جون بستيون،
تو ڏٺا ئي ڪٿي آهن.
       *****
بکن جون باتيون، سڪل ڇاتيون،
تو ڏٺا ئي ڪٿي آهن .
         *****
تتل ڪاِڙها ڪن جا پيراگهاڙا ڪن جا پٺا اگهاڙا،
          *****
تو ڏٺا ئي ڪٿي آهن.

شاعري

شاعري
                                                   محمد يوسف دل
                      جيئڻو ٿو پوي

جيئڻو ٿو پوين هن جهان ۾،هر امتحان                
                  **********
ڪڏهن ڍير مرڪن جا ٿاملن،ڪڏهن پيا ٿا سور پلجن،
بس اهائي خوبي آ هي، هر انسان ۾،
جيئڻو ٿو پوين هن جهان ۾،هر امتحان ۾،
              **********
ڀلي اوهن نه سوچيو،ڀلي اوهين نه لوچيو،
پر ڳالهه اچي ٿي وڃي، هر زمان ۾
جيئڻو ٿو پوين هن جهان ۾،هر امتحان ۾،
             **********
ڏک ۽سک ،غم۽ خوشيون حصو آهن زندگي جا،
بس ڳالهه اچي ٿي وڃي ،هر بيان ۾،
جيئڻو ٿو پوين هن جهان ۾،هر امتحان ۾،
            **********

شاعري

شاعري
                                                   محمد يوسف دل
      فرق

اوهين شهرت جا بکيا

اسين عزت جا بکيا

     ******

بس اهوئي ته فرق آهي

اوهان ۾ ۽ اسان ۾

*******

اوهين ووٽن جا بکيا

اسين محبت جي موٽن جا بکيا

بس اهوئي ته فرق آهي

اوهان ۾ ۽ اسان ۾

******** 

اوهين ڪري ڌار ڄاڻو

اسين ڪري پيار ڄاڻو

بس اهوئي ت فرق آهي

اوهان ۾ ۽ اسان ۾

******-

شاعري

شاعري
               محمد يوسف دل
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
       *****
تون ڏکن جو مسافر ،
ڪي رهندو تنهنجي بستي ۾ ،
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
       ****
هي نيلم ، پکراج ۽ ياقوت،
پائين ٿو تون پرستي ۾،
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
        *****
هي بنگلن ،گاڏين جي هوس،
ڇڏ اها تو پستي ۾،
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
       *****
هي خواب لائن۽ٻانهن جا،
ڇڏ تون الستي  ۾،
ڪر الله الله ،ڇڏ فڪرڳڻتي ۾،
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
        *****