Saturday, 10 March 2012

شاعري

شاعري
                                                   محمد يوسف دل
      فرق

اوهين شهرت جا بکيا

اسين عزت جا بکيا

     ******

بس اهوئي ته فرق آهي

اوهان ۾ ۽ اسان ۾

*******

اوهين ووٽن جا بکيا

اسين محبت جي موٽن جا بکيا

بس اهوئي ته فرق آهي

اوهان ۾ ۽ اسان ۾

******** 

اوهين ڪري ڌار ڄاڻو

اسين ڪري پيار ڄاڻو

بس اهوئي ت فرق آهي

اوهان ۾ ۽ اسان ۾

******-

No comments:

Post a Comment

منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو