شاعري
محمد
يوسف دل
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
*****
تون ڏکن جو مسافر ،
ڪي رهندو تنهنجي بستي ۾ ،
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
****
هي نيلم ، پکراج ۽ ياقوت،
پائين ٿو تون پرستي ۾،
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
*****
هي بنگلن ،گاڏين جي هوس،
ڇڏ اها تو پستي ۾،
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
*****
هي خواب لائن۽ٻانهن جا،
ڇڏ تون الستي ۾،
ڪر الله الله ،ڇڏ فڪرڳڻتي ۾،
مٽائي پنهنجي هستي کي،
ڇا رکيوآ مستي ۾،
*****
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو