.
محمد يوسف دل
پروفائيل
. محمد يوسف دل ڳوٺ سومار دل ديهه ٻريجي تعلقي پٿوري ضلعي عمرڪوٽ جو علمي ۽
ادبي لحاظ کان، اڀرندڙ ستارو آهي، هي نوجوان اديب، ڳوٺ سومار دل ۾، اميد علي دل جي
گهر 20 فيبروري 1986ء تي ڄائو، پرائمري تعليم (1996ء) ڳوٺ جي اسڪول مان، ميٽرڪ (2001ء) شادي پلي هاء اسڪول، انٽر
شاهه لطيف ڪاليج ميرپورخاص (2003ع) ۽ بي- اي (2006ء) گورنمنٽ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص
مان پاس ڪيو اٿس، 2009ع کان ايم – اي، سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي اٿس. محمد يوسف دل، نظم توڙي نثر
۾ طبع آزمائي ڪندو رهي ٿو. 1999ع ۾ نظم لکڻ شروع ڪيائين، ڪيترائي مضمون اخبارن ۽
رسالن ۾ لکيا اٿس، تازو 2010ع ۾ لاهور مان ”تصنيف ۽ تاليف جو تربيتي ڪورس“ به ڪري
آيو آهي، هن جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”اسلام ۾ عورتن جا حق“ غزالي اڪيڊمي ميرپورخاص سال
شايع ڪري چڪي آهي، سنڌي ۾ ”محبتي دل“ ۽ اردو ۾ ”منصوري “ تخلص آهي. تربيتي ڪورس
دوران هڪ تحقيقي مقالو اردو ۾ تيار ڪيو اٿس، هن وقت، پنهنجي ڳوٺ جي بزرگ شاعرن ۽
انهن جي سوانح تي ڪم ڪري رهيو آهي. زير مطالعي ڪتاب، ”ڪيڏانهن ويا ڪاپڙي“ پاهڙ
فقير دل جي شاعري جو ڪجهه حصو آهي، پاهڙ فقير جي شاعري مرتب شڪل ۾ موجود ڪانه هئي.
محمد يوسف دل، وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان مختلف سگهڙن جي صدري روايتن ذريعي گڏ ڪري،
ڪتاب تيار ڪيو آهي. اسڪول مئگزين جو ايڊيٽر آهي ادبي ڪمن ۾ اڃان جاکوڙ جاري اٿس.
(پروفيسر
مراد علي راهمون )
No comments:
Post a Comment
منهنجي تحريرن جي باري ۾ پنهنججي رائي ڏيو